ڊائـري جـا ورق ڀون سنڌي

شيخ اياز تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ ويٺو آهيان پاڻ کي عالم ۽ اسڪالر چوائيندڙ مقرر شيخ اياز جي فن تي ڳالهائي رهيا آهن، پر ڪنهن جو به مقالو يا تقرير شيخ اياز جي ادب ۽ فن جي معيار تي پورو نٿو لهي ۽ ايئن ٿو باسي ته اياز جبل جي چوٽي تي بيٺل آهي ۽ ان کي پرکيندڙ جبل جي هيٺانهين تي بيهي ان جي اوچائي ۽ وشالتا کي ماپي (ڪٿي) رهيا آهن. اياز ادبي کيتر جو ليجنڊ ڪلاڪار آهي ۽ هن تي روشني وجهڻ لاءِ به ڀٽائي جهڙو ڪو ڪوي گهرجي.

***

هنگلاج پراسرار، ميٿالاجيڪل ۽ خوابن سان ڀرپور وادي… جتي صبح جو سوير وادي جي پرڪيف ۽ حسين نظاري سان اکيون کلي وڃن ٿيون ۽ رات جو جڏهن اکيون ننڊاکڙيون ٿي بند ٿين ٿيون ته محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ اهو سمورو سونهن ڀريو نظارو اکين ۾ سمائجي ويو هجي ۽ سدائين لاءِ بقا ماڻي چڪو هجي. هنگلاج جتي وهندڙ آبشار جسم ۾ ڊوڙندڙ رت جيان ڀانئن ٿا، جتي آسمان کي ڇهندڙ اوچن پربتن ۾ پڙاڏو گونجي اسان جي وڏڙن جي پاڪ دامني جي ياد ڏياري ٿو. جتي آلودگي کان پاڪ هوا هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين سچ جي خوشبو ڦهلائي ٿي، جتي پکين جون مٺڙيون لاتيون ماڻهو کي فطرت جي ويجهو آڻي، ان جي روح جي آوازن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿيون، جتي وادي جي خاموشي ايندڙن کي سونهن جي گهرائين ۾ وٺي وڃي ٿي، جتي سج جي پهرين ڪرڻن سان وادي هيرن جيان چمڪي اٿي ٿي زندگي ۾ خوبصورت رنگ ڀري ٿي، جتي چنڊ جي چانڊاڻ وادي کي چاندي جو ويس پهرائي ڇڏي ٿي ۽ اندر کي اڇو اجرو ڪري ڇڏي ٿي…

جڏهن واپسي ۾ اسان جي گاڏي هنگول ندي کي ڪراس ڪيو ۽ وادي کي پويان ڇڏيو ته مون کي پنهنجي ڪلهي تي ڪنهن جو هٿ محسوس ٿيو، مون پوئتان نهاريو، اها هنگلاج هئي ۽ مون کي ڄڻ چئي رهي هئي: “اهنسا ۽ امن ئي انسان ذات جي خوشحالي ۽ بقا جو ضامن آهي. او انسان! منهنجي هن پيغام کي جڳ ۾ ڦهلائي، فطرت جي سونهن جي اسرارن کي اندر ۾ اوتي پورتڻا ماڻ.”

***

هڪ جينيئس (ڏاهي) جي موت تي ڪنهن چيو: “هن جو روح ٻي جهان ۾ اڏامي ويو. شل کيس اتي سڪون  نصيب ٿئي.”

مون چيو: “هن جو روح اتي سڪون ماڻي نه سگهندو ۽ تيستائين هن دنيا ۾ ڀٽڪندو رهندو جيستائين هن جا ڪردار (تخليقون) منزل (پورڻتا) ماڻي نٿا وٺن.”

***

ڪنهن اقبال جو شعر پڙهيو.

ستارون سي آگي جهان اور ڀي هين

۽ پڇيو: “ڇا آهي انهن جهانن جي پويان؟”

مون چيو: “اسان جا خيال (خواب)”

***

ڪو پنهنجي محبوب کي پنهنجي پيار جي اظهار ڪرڻ لاءِ گل آڇي ٿو… ڪوئي درياهه ۾ ديپ جلائي ان جي سدا موج مستي ۾ وهڻ جي آس ڪري ٿو… ڪو وڻ پوکي ڌرتي ماتا جي ڪک سائي ڪري ٿو… ڪو چنڊ جي چانڊاڻ ۾ ويهي هن پراسرار ڪائنات جا خواب ڏسي ٿو ۽ پوري انسان ذات جي آسوندي لاءِ پور پچائي ٿو…

پيار ڪرڻ ۽ ارپڻ جا اهي سڀ طريقا دراصل سونهن کي خراج (سلام) آهن، جيڪو هن ڪائنات جو ناقابل تسخير ۽ لافاني سچ آهي. ويلنٽائن جي ڏهاڙي تي پاڪ روحن کي سلام، عشق زنده باد، عاشق زنده باد، محبوب زنده باد.

(14 فيبروري 2010 ويلنٽائن جي موقعي تي لکيل).

***

اگهاڙي ۽ ٺوٺ ڌرتي تي ويٺلو! مان توهان سان پيو ڳالهايان. ڇا توهان کي خبر آهي ته ڪرسي جو موجد (ايجاد ڪندڙ) فرعون آهي؟ ۽ ان ئي وقت کان هو ڪرسي تي قابض آهي.

اچو ته توهان کي هڪڙي راز جي ڳالهه ٻڌايان! ڪرسي جو بنياد چئن ٽنگن تي هوندو آهي. توهان جا هٿ جيڪي ڪاراين مثل آهن، جي حرڪت ۾ اچن ته ڪرسي اچي پٽ تي پوندي ۽ ڪوبه توهان کان مٿانهون ويهي توهان تي حڪم هلائي نه سگهندو.

***

تون چوين ٿو ته اونداهه انسان کان سڀ ڪجهه کسيو وٺي. ها- مڃان ٿو، پر ايئن به ناهي. اونداهه ۾ گهڻو گهارڻ کانپوءِ، انسان اونداهه ۾ به ڏسڻ لڳندو آهي.

***

“ڪوئي تو هو جو ميرا وحشتون ڪا ساٿي هو.” ايئن ٿو لڳيم ته ڄڻ هي شعر افتخار عارف  نه پر مون چيو آهي.

***

هنگلاج ۾ گهمندي آئون جبل مٿي لک چوراسي ڪن تي پهتس. ان جي لاءِ مئٿالاجي ۾ ڄاڻايل آهي ته هن سنسار ۾ ڪل هڪ لک چوراسي هزار جيو (جاندار) آهن جن ۾ انسان ۽ ٻيا جانور اچي وڃن ٿا. مئٿالاجي مطابق ماڻهو مرڻ کانپوءِ جي چڱا ڪم ڪيل آهن ته انسان ٿي واپس موٽندو ۽ برا ڪم ڪرڻ جي صورت ۾ باقي جاندارن جي روپ ۾ منتقل ٿي سزا ڪاٽيندو ۽ پوءِ ٻيهر انساني جوڻ (روپ) ۾ واپس موٽندو. عقيدي سان لاڳاپيل ماڻهو سمجهن ٿا ته لک چوراسي چشمي ۾ وهنجڻ سان انهن جا گناهه ڌوپجي ويندا ۽ هو وري ٻيهر انسان جي روپ ۾ ڄمندا.

***

جيڪڏهن تون وڏو ماڻهو ٿيڻ چاهين ٿو ته پهريان توکي وڻ جي پاڙن وانگر زمين دوز ٿيڻو پوندو ۽ پوءِ ئي تون زمين مٿي ڦٽي ۽ آسمان جي بلندين کي ڇهي سگهندين.

***

زمين جي سطح کان ڇهه هزار فوٽ مٿي گورک هل اسٽيشن تي مون کي هڪ همراهه مليو. هن ٻڌايو ته: “هتي فقط اسان جو خاندان ئي رهي ٿو، باقي سهولتن جي اڻهوند سبب ڪير به هتي نٿو رهي.”

“مون چيو: پوءِ توهان هتي ڇو ٿا رهو؟”

هن وراڻيو: “اسان جا ابا ڏاڏا هتي دفن ٿيل آهن. انهن به ڪڏهن هتان لڏڻ جو نه سوچيو پوءِ اسين ڇو لڏيون؟”

منهنجي خيال ۾ ان کي ڌرتي سان نسبت (Commitment) ئي چئجي، ڀلي ڪير کڻي ان کي جهالت ئي ڪوٺي.

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments