خاص

ڊالر پوئتي اچڻ شروع، هڪ ڏينهن ۾ 3 رپيا 48 پئسا لاٿ، 184 رپيا 70 پئسن جو ٿي ويو

آمريڪي ڊالر پوئتي اچڻ شروع، هڪ ڏينهن ۾ 3 رپيا 48 پئسا سستو ٿي 184 رپيا 70 پئسن جو ٿي ويو. فاريڪس ڊيلرز ايسوسيئيشن موجب انٽر بينڪ ۾ ڊالر 3 رپيا 48 پئسا سستو ٿي 184 رپيا 70 پئسن جو ٿي ويو آهي. واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ انٽر بينڪ ۾ ڊالر 2 رپيا 87 پئسا واڌ کانپوءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 189 رپين جو ٿي ويو هو.