ڊاڪٽر صالح ميمڻ سان ڳالهه ٻولهه جڳهه: بالٽيمور شهر (آمريڪا) سال 1974
الطاف شيخ جو سفر نامو
تيستائين گڊ باءِ
حصو-1
THERE IS ALWAYS A PLACE ON THE TOP
ڊاڪٽر صالح ميمڻ سان ڳالهه ٻولهه
جڳهه: بالٽيمور شهر (آمريڪا) سال 1974
الطاف شيخ
ٽئڪسي واري چارلس اسٽريٽ،CIVIC سينٽر ۽ بالٽيمور اسٽريٽ وٽان ڦيرائي مئري هاپڪن اسپتال جي سامهون ”شيرٽن اِن هوٽل“ اڳيان اچي لاٿو. شيرٽن اِن هوٽل منجهه گھڙي رسيپشن تان ڪمري نمبر ٽي سئو چار جو پڇيم جتي ڪراچي کان ويجھڙائيءَ ۾ آيل سنڌ جو مشهورر ڊاڪٽر ۽ پروفيسر محمد صالح ميمڻ رهيل هو. پروفيسر ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ صاحب انهن ذهين ۽ اتم شاگردن ۽ پروفيسرن مان آهي جن تعليم توڙي نوڪريءَ دوران پنهنجو نالو روشن ڪيو. لڳاتار محنت، شوق ۽ ايمانداريءَ جي اصولن کي پنهنجو ڪري، اعليٰ عهدن تي رهيو.
ڊاڪٽر صاحب جو اصلوڪو ڳوٺ ڏيپلو (ضلعو ٿرپارڪر) آهي. پاڻ سن 1943ع ۾ هاءِ اسڪول ميرپورخاص مان مئٽرڪ ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي ڏيا رام ڄيٺمل (D.J) سائسن ڪاليج مان انٽر 1945ع ۾ ڪئي ۽ سڄي سنڌ ۾ ٻيو نمبر آيو. تن ڏينهن ۾ ڊاڪٽريءَ لاءِ ممبئي جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ سنڌ لاءِ فقط ست سيٽون هونديون هيون ۽ پنجن سالن جو ڪورس هو. (ڊاڪٽر صالح سان گڏ ٻيا ڇهه ڊاڪٽر هي هئا: رسول بخش بلوچ، ڊاڪٽر لاسي، ڊاڪٽر کٿوريا، ڊاڪٽر پنجواڻي، ڊاڪٽر شوداساڻي ۽ هڪ پارسي ڊاڪٽر منولا). ڪراچيءَ وارو ڊائو ميڊيڪل ڪاليج به 1945ع ۾ ڪراچيءَ جا وڻ اچي وسايا ۽ باقي ٽي سال ڪراچيءَ مان پڙهي، ڊاڪٽريءَ جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ نمبر سان حاصل ڪئي. ان بعد ايم آر سي پي گلاسگو، ايڊنبرا ۽ لنڊن مان ورتي. اهڙي طرح ايف آءِ آر سي پي ايڊنبرا مان ڊي سي ايچ انگلينڊ مان ۽ پاڪستان مان ايف سي پي ايس حاصل ڪئي.
نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صالح ميمڻ جو تعلق ڳچ عرصي کان سنڌ جي ٻن جھونن ميڊيڪل ڪاليجن ايل ايم سي ۽ ڊي ايم سي سان هلندو اچي. اڄ ڪلهه يونائٽيڊ نئشن UNO جي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن WHO طرفان ڪجھه عرصي لاءِ آمريڪا آيل آهي. هتي رهي پاڻ آمريڪا جي مختلف ميڊيڪل ڪاليجن ۽ اسپتالن جو جائزو ۽ دورو ڪندو. ان سلسلي ۾ هي شهر بالٽيمور آمريڪا جو ٽيون شهر آهي. هتي جي هاپڪن اسپتال سندس رهائش واري جاءِ شيرٽن اِن کان تمام ويجھو آهي.
ان ڏينهن سيءُ به پنهنجي اوج تي هو، پر هوٽل اندران چڱيءَ طرح گرم رکيل ٿي ڏٺي (عربن طرفان تيل تي لڳايل بندش جي باوجود). پاڻ سان آندل ٽيپ رڪارڊر پٽ تي رکي اوور ڪوٽ لاٿم. (افسوس جو ان ٽيپ رڪارڊر ڊاڪٽر صاحب جي انٽرويو دوران ساٿ نه ڏنو ۽ ڳالهه ٻول چڱي طرح ٽيپ ٿي نه سگھي. ان ڪري هتي پڙهندڙ ڊاڪٽر صاحب جون فقط اهي ڳالهيون پڙهي سگهندا جيڪي منهنجي يادداشت ۽ ذهن جي گٺل ريل تي ٽيپ ٿي سگھيون آهن.) ان وقت سامهون هوٽل جي گھڙيال ۾ وقت ڏٺم، پورا اٺ ٿيا هئا. دل ئي دل ۾ پنهنجي پٺي ٺپريم ته ٺهرايل وقت تي پورو پهتو آهيان. جيتوڻيڪ اهو سڀ اتفاقي هو نه ته ههڙي سيءُ ۾ فورٽ مئڪنري (جتي اسان جو جهاز بيٺل هو) کان ڊائون ٽائون ايترو سوير صبح ساڻ اچڻ کان حاتم طائيءَ وارو ڪو به سوال سر انجام ڏيڻ سولو ڪم هو. بهرحال آئون ته وقت تي پهچي ويس، پر ڪمري تي پهچڻ کان اڳ ڪيئن چئجي ته ڊاڪٽر صاحب به انٽرويو جي تياري ۾ هوندو يا ننڊ منجھه. سو پاسي کان رکيل فون کڻي سندن ڪمري جو نمبر گھمايم ۽ فون تي ساڻس ڳالهائي خوشي ٿي ته نه فقط پاڻ جاڳي رهيو هو، پر ان ئي ڳالهه لاءِ پاڻ به اوسيئڙي ۾ هو. آئون ڏاڪا ٽپي ٽين ماڙ تي پهتس.
بالٽيمور اسپتالن جو شهر آهي هونئن اسپتالون ته آمريڪا جي هر شهر ۾ سرس آهن، پر هتي مڙيئي پاڪستاني ڊاڪٽر گهڻا آهن، جن سان اسان جهازين جي چڱي خاصي ڏيٺ ويٺ ۽ خبر چار رهي ٿي. بالٽيمور ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ته ننڍو پاڪستان هجي، جتي پٺاڻ، پنجابي، ملتاني، بوهري، بهاولپوري، اسان جي ملڪ جي هر پاسي جو ڊاڪٽر، فارماسسٽ يا ڪمپائونڊر ملندو، جن سان گڏ اسان جي جهاز جي عملي جي سٺي ڪمپني رهي ٿي. هتي رهندڙ ڊاڪٽرن ۾ هڪ سنڌي ڊاڪٽرياڻي پڻ آهي. لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽر نسرين قاضي هتي ڪيترن سالن کان نوڪري ڪري رهي آهي. پاڻ ايل ايم سي جي گريجوئيٽ آهي. ويڪ اينڊ تي ملڻ لاءِ مون هڪ ڏينهن کيس فون ڪيو:
“آئون ڇنڇر تي شايد وقت ڪڍي نه سگھان، باقي سڀاڻ اتان لنگھندي ٿيندي وينديس. در اصل منهنجو هڪ پروفيسر هتي آيل آهي. ان سان ڇنڇر تي ملڻ جو پروگرام رکيو اٿم.”
“ڪهڙو پروفيسر..؟” مون ائين ئي پڇيو. ڄڻ آئون آمريڪا جا سڀ پروفيسر سڃاڻان.
“تون خبر ناهي سڃاڻي يا نه، هو منهنجو ايل ايم سي ۾ پروفيسر هو. نالو اٿس ڊاڪٽر صالح ميمڻ.” ڊاڪٽر نسرين قاضيءَ ٻڌايو.
“ڪمال ٿي ڪرين. آئون ڇو نه سڃاڻندس”. مون وراڻيومانس، “ڇا منهنجو ان ڌرتيءَ سان تعلق ناهي جنهن سان هو تعلق رکي ٿو.”
“ڇا تنهنجي پهرين جي ملاقات آهي..؟” هن پڇيو.
“اها ڪا اهم ڳالهه ناهي، بس روحن جا رشتا هئڻ کپن.” مون کلندي چيو. خوشي ان لاءِ به ٿيم ته ڪيترن ڏينهن کان اهو ارادو هئم ته ڪنهن اهڙي سنڌي ڊاڪٽر کان انٽرويو ورتو وڃي جنهن جو سنڌ ۽ ولايت سان گھڻو واسطو هجي. جيڪو ديس پرديس پڙهندڙ، رهندڙ ۽ نوڪريون ڪندڙ هم وطن ڊاڪٽرن جي حالتن، مسئلن ۽ مونجھارن کان واقف هجي ۽ ساڳي وقت سندس ادب سان به چاهه/واسطو هجي ۽ اها ڳالهه ٻولهه نه فقط ڊاڪٽرن ۽ ان پورهئي سان تعلق رکندڙن لاءِ دلچسپ ثابت ٿي سگھي، پر هڪ عام ماڻهو به ان مان معلومات ۽ لطف حاصل ڪري سگھي.
ڊاڪٽر نسرين سان ان انٽرويو بابت مون صلاح ڪئي جنهن ٻئي ڏينهن اچي ٻڌايو ته ڊاڪٽر صالح پاڻ به ملڻ چاهي ٿو ۽ آئون ساڻس فلاڻي فون نمبر تي ڳالهائي سگھان ٿو.
مون اوڏي مهل ئي ڊاڪٽر صالح صاحب کي جهاز تان ئي فون ڪيو. ڊاڪٽر صاحب وڏي حب ۽ اُڪير مان کيڪار ڪئي ۽ ڪندو ئي رهيو. سنڌين ۽ عربن جي کيڪار به کيڪارن جهڙي ٿئي ٿي، پوءِ چاهي پنهنجي ديس ۾ ڪو هجي يا پرائي ديس ۾! اڳلو چاهيندو ته جي ممڪن هجي ته دل چيري پنهنجي حب ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪريان.
“بابا انٽرويو وري ڇا جا، تون اچ ته سهي ته خبرون چارون ڪريون.”
ڊاڪٽر جي حب منهنجي همٿ افزائي ڪئي ۽ ملڻ جو وقت ورتومانس.
“سڀاڻي واشنگٽن وڃڻو اٿم، پر هاڻ شام جو ئي ٿي ايندس. تون صبح ساڻ اچ ته ڪچهري به ڪريون ته نيرن به گڏ ڪريون.”
نيرن جي دعوت به عجيب سنڌي رسم آهي. دنيا جي مختلف ملڪن ۽ قومن ۾ رات جي ماني Dinner ۽ شام جي چانهه ته عام ڳالهه آهي يا ڪيترن هنڌن تي سهولت کي مد نظر رکي منجھند جي ماني Lunch به هلي ٿي، پر نيرن جي دعوت سنڌين کان علاوه فقط عربن ۽ يونانين ۾ عام آهي. ٿي سگھي ٿو اهو اسان جي پراڻين تهذيبن جو هڪ ٻئي تي اثر هجي ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي. ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ گھڙيس، پاڻ پهرين نيرن لاءِ ڊائننگ هال ۾ وٺي آيو. اول طعام پوءِ ڪلام!
ڊاڪٽر وٽ ايندي وقت ٽئڪسيءَ ۾ ڪجھه سوال بنا ڪنهن ترتيب جي پني تي لکيا هئم. نيرن بعد ڪمري تي پهچي کانئس اهي پڇڻ شروع ڪيم، جي هن ريت هئا:
سوال: سائين ائين ڇو آهي جو پاڪستان جا گھڻا ڊاڪٽر انگلنڊ ۾ ئي نوڪري ڪرڻ چاهين ٿا ۽ هتي آمريڪا ۾ نه؟
ڊاڪٽر صالح: نه هاڻ ائين ڪونهي. اڳ ۾ البته اسان جا گھڻا ڊاڪٽر رڳو انگلينڊ ويندا هئا، جنهن جا ٻه سبب هئا. هڪ ته نوڪري ڪرڻ، ٻيو MRCP ۽ FRCS جهڙيون ڊگريون حاصل ڪرڻ، جيڪي اسان وٽ پاڪستان ۾ قبول ڪيون وينديون هيون. پوسٽ گريجوئيٽ اتي ڪري وري جڏهن هو وطن موٽي ايندا هئا ته انهن کي پاڪستان ۾ به نوڪريون ملي سگھنديون هيون ۽ Reciprocal Recognition هوندي هئي، جنهن ڪري اسان جون Qualifications انگلينڊ ۾ به مڃيون ويون ٿي. اسان جا ڊاڪٽر انگلينڊ ۾ ويندا هئا ته بنا ڪنهن ٻئي امتحان ڏيڻ جي کين نوڪري ملي ويندي هئي ۽ ان ڪري دائمي رجسٽريشن هوندي هئي، سو اتي ماڻهو رهي يا پنهنجي ملڪ ۾ اچي نوڪري ڪري. هاڻ ٻن ٽن سالن کان جڏهن کان پاڪستان ڪامن ويلٿ مان نڪري ويو آهي ته هڪ ٻئي جون ڊگريون نٿيون مڃيون وڃن. يعني Reciprocal Recognition ختم ٿي وئي آهي. اسان جي ڪا به ڊگري هاڻ انگلينڊ ۾ نٿي مڃي وڃي. يعني ڪوبه اسان جو ڊاڪٽر پاڪستاني ڊگريءَ سان انگلينڊ ۾ دائمي رجسٽريشن هيٺ رهي نٿو سگهي. هن کي فقط عارضي طور رجسٽريشن ملي سگھي ٿي. نتيجي طور اسان جي ڊاڪٽرن کي ڇهين ڇهين مهيني وري وري اپلاءِ ڪرڻو پوي ٿو پوءِ ڪڏهن ملي ٿي ڪڏهن نٿي ملين. سٺي اسپتال ۾ نوڪري به نٿي ملين. ٻي ڳالهه اها ته اسان وٽ به پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج ٿي ويا آهن ۽ ٻاهر وڃي فقط ڊگري حاصل ڪرڻ جو شوق صفا گھٽجي ويو آهي ۽ ٽيون ته ECMGF امتحان جي ڪري پهرين آمريڪا وڃڻ ڏکيو هو، پر هاڻ اهو امتحان هرڪو گھر ويٺي پاس ڪري ٿو وٺي. اهو امتحان ڪراچيءَ ۾ سال ۾ ٻه دفعا ٿئي ٿو ۽ پاس مارڪون پنجهتر سيڪڙو آهن. امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ اهو ڊاڪٽر سڌو آمريڪا ۾ نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪري سگھي ٿو ۽ کيس هڪدم آمريڪا کان ورندي ملي ٿي ته فلاڻي اسپتال ۾ جاءِ آهي. هيترا يا هيترا پئسا ملندا ۽ فلاڻي تاريخ نوڪريءَ تي اچي چڙهو.
”تنهنجي معنيٰ اها ٿي ته هتي USA ۾ هنن لاءِ انگلينڊ کان وڌيڪ مزو آهي جو نوڪري به مليو وڃين، پگھار به وڏو آهي (ڇو ته ECMGF امتحان پاس ڪرڻ سان هنن آمريڪا جو امتحان پاس ڪيو.) ان بعد State Faculty امتحان پاس ڪرڻ تي کين Emigrant ٿي رهڻ جو به موقعو مليو وڃي. وڌيڪ پڙهي وطن موٽڻ تي به فائدو اٿن جو ڪافي پئسو ڪمايو وٺن. ان ڪري هاڻ جيڪي اسان جا ڇوڪرا ٻاهر اچن ٿا تن مان گھڻا آمريڪا جو رخ رکن ٿا، انگلينڊ تمام گھٽ وڃن ٿا. هونئن به اڄ ڪلهه انگلينڊ جو درجو تعليم ۽ پئسي جي لحاظ کان، وينديTechnology توڙي Qualification جي لحاظ کان هر صورت ۾ آمريڪا کان گھٽ آهي.
هاڻ پاڻ، سن ٻاهتر کان هتي آمريڪا ۾ ڪجھه سختيون عائد ڪيون ويون آهن. هتي جيڪي ڊاڪٽر آهن اهي ٽن ڀاڱن ۾ آهن. هڪ سياح Tourist ان ۾ جيڪي ڊاڪٽر اچن ٿا، انهن کي جيڪڏهن ڪا اسپتال قبول ۽ Sponsor ڪري ته پوءِ انهن کيEmigrant Visa ملي سگھي ٿي پر انهن لاءِ به ECMGF امتحان پاس ڪرڻ ضروري آهي. ٻيو قسم انهن ڊاڪٽرن جو آهي جيڪي ڪراچيءَ مان سي ايم جي ايف جو امتحان ڏيو ٿا اچن. (۽ جن لاءِ هتي نوڪري اڳ واٽ مقرر ٿيو وڃي). انهن کي Exchange Visitor چئجي ٿو. سن 1972ع کان اڳ ايڪسچينج وزيٽر کي پنج سال آمريڪا ۾ گذارڻ بعد پاڻ مرادو شهريت ۽ اميگرنٽ ويزا ملي ويندي هئي، پر هاڻي اميگرنٽ ويزا نٿا ڏين جيستائين هو پنج ڇهه سال هتي رهي پوءِ ٻه سال پنهنجي ملڪ موٽي وڃي ۽ پوءِ جي انهن ٻن سالن کانپوءِ هن واپس آمريڪا ۾ اچڻ جي سگھه ساري ته اميگرنٽ ويزا ملي ويندس. اسان جي ڇوڪرن لاءِ جيڪي پهرين پنج سال ڪم ڪري اميگرنٽ ويزا تي هتي آمريڪا جا ٿي ويندا هئا ۽ چوندا هئا ته پاڪستان ۾ وڃڻ اجايو آهي يا ڪهڙو مزو آهي انهن لاءِ ٿوري اها ڏکيائي آهي جو کين جلدي اميگرنٽ ويزا نٿي ملي، پر اسان لاءِ، يعني ملڪ ۽ قوم لاءِ اهو فائدو آهي ته هو گھٽ ۾ گھٽ ٻه سال پنهنجي وطن اچن ٿا ۽ ٻاهران حاصل ڪيل لياقت ۽ قابليت مان پنهنجي ملڪ کي به فيضياب ڪن ٿا.
سوال: ٻاهر نوڪري ڪرڻ کي سٺي ڳالهه ٿا سمجھو يا نه..؟
ڊاڪٽر صالح: بلڪل نه. ٻاهر نوڪري ڪرڻ مان ڪو خاص فائدو ناهي. جيستائين ماڻهو جوان آهي تيستائين فقط ٻاهر وڃڻ جو شوق ٿئي ٿو. ان ڳالهه بابت غور ڪرڻو آهي ته اسان جي ملڪ جو Brain-Drain ڇو ٿو ٿئي.
يعني، قابل ماڻهو ولايت ڇو هليا وڃن ٿا. يا ولايت مان وڌيڪ تعليم ۽ ڏات حاصل ڪري موٽي پنهنجي ملڪ ڇو نٿا اچن؟ منهنجي خيال ۾ ته انهن کي اهڙي سٺي نوڪري اسان جهڙي غريب ايشيائي يا آفريڪي ملڪن ۾ نٿي ملي. (جنهن لاءِ ڪجھه هنن کي پڻ پنهنجي قوم ۽ ملڪ لاءِ قرباني ڏيڻ کپي ۽ گھٽ پگھار تي ترسڻ کپي) ۽ ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته ولايت کان جڏهن اسان جا ڊاڪٽر اعليٰ تعليم حاصل ڪري موٽن ٿا ته کين وڏن پگھارن واريون نوڪريون نٿيون ملن، پر Professional-Work جا موقعا به نٿا ملن. جيئن مثال طور ڪو نيورو سرجري ڪري آيو آهي يا ڪارڊيالاجي، نيفرولاجي وغيره ۾ مهارت ڪري واپس ٿو اچي (ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ هر SUB-Speciality ۾ مهارت ڪئي وڃي ٿي) ته هن کي اهو ڪم ڪرڻ جو موقعو نٿو ملي جنهن ۾ هو خاص علميت يا قابليت حاصل ڪري آيو آهي. پوءِ اهڙي صورت ۾ هن لاءِ Professional-Frustration ٿي ۽ اها نا اميدي ۽ بي چيني گھٽ پگھار Financial-Starvation کان وڌيڪ ڏکي ۽ عذاب واري آهي. پوءِ ڇا ٿو ٿئي جو هو منجھيو پوي ۽ هن جي دل پنهنجي وطن ۾ نٿي لڳي. اها بدقسمتي نه فقط اسان جي ملڪ سان آهي، پر اسان جهڙن ڪيترن ئي ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن سان آهي. بلڪه ڪن يورپي ملڪن سان پڻ!
تصوير جو وري ٻيو رخ اهو آهي ته آمريڪا ۾ ڊاڪٽريءَ جو قدر آهي. ڊاڪٽر پئسا کوڙ ڪمائين ٿا، پر ڪجھه عرصي کانپوءِ هڪ اهڙي حد اچي ٿي جو هنن لاءِ ولايت ۾ رهڻ زهر ٿيو پوي. ڇو جو رڳو پئسو به ته زندگي ناهي. جيسين ڪو جوان آهي، ڇڙو آهي ته هن کي ڪو فڪر نه آهي. پر جيڪا پنهنجائپ، دلي خوشي ۽ هڪٻئي جو خيال ۽ لطيف جذبا آهن سي پنهنجي ديس کان سواءِ ٻاهر ڪٿي آهن؟ ولايت ۾، خاص ڪري ههڙن ملڪن ۾ جتي زندگي مشين جيئن آهي، هميشه لاءِ رهڻ، سائين ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ٻه چار سال ڪمائڻ لاءِ ته صحيح آهي، جيسين اولاد ننڍو آهي. ٻار وڏا ٿيا خاص ڪري نياڻي ٻار ته پوءِ زندگي سورن ۾. ننڊ ۽ سڪون ٻئي چٽ. هر وقت اهو وهم اڏوهيءَ وانگر کائيندو رهي ٿو ته ڪهڙي سوسائٽي/ماحول اپنائجي. آمريڪا ۾ رهي اولاد، ڇوڪرو توڙي ڇوڪري واپس پنهنجي وطن جي ماڻهن سان Adjust نٿو ٿي سگھي ۽ ساڳي وقت نه آمريڪن يا يورپي ٿي سگھي ٿو، چاهي اسان جا ٻار کڻي ڪيتري به انگريزي سکن. هو ڀلي کڻي مغربي آداب ۽ نمونا سکن، ڊانسون ڪن ته به هتي جي ماڻهن جي برابري نٿا ڪري سگھن يا ٻين لفظن ۾ ڪوبه مشرقي (چاهي مسلمان هجي يا هندو، سک) برداشت ڪري نه سگھندو ته هتي جي رسم رواج ۽ سوسائٽي موجب سندس ڌيءَ جوان ٿيڻ تي ڌارئين ڇوڪر سان اڪيلي Dating (ميل ملاقات) ڪري ۽ مشرقي حياءَ و شرم جون حدون اورانگھي. ان ڳالهه جو هتي رهندڙ هر پاڪستانيءَ کي احساس آهي ۽ شايد ئي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ هجي جو هتي رهڻ پسند ڪندو هجي. هرهڪ سمجھو ۽ سياڻو اهو ئي سوچي ٿو ته ولايت ۾ کڻي ڪيتريون به سهولتون هجن ته به ست اٺ سال کن ڌڪا کائي سکي، ڪمائي، پنهنجي وطن ورڻ سڦل ڪم آهي. هتي ولايت ۾ جيڪي به ڊاڪٽر رهن ٿا تن مان ڪنهن کي به هتي جي ماحول، سوسائٽي يا ملڪ سان دلچسپي ناهي. هرڪو پنهنجي وطن کي ساري ٿو. ڪيترن پنهنجي وطن خاطر قرباني ڏني آهي ۽ منجھن ڪس کائڻ جو جذبو تمام گھڻو آهي ۽ هونئن به ولايت ۾ هميشه لاءِ رهڻ ۾ نه اسان کي فائدو آهي ۽ نه هنن کي، سواءِ چند انهن جي جن هتي اچي شاديون ڪيون آهن ۽ هو ڏسن ٿا ته سندن آمريڪن يا يورپين زالون پاڪستان ۾ رهي اتي جي ماحول سان ٺهراءُ ڪري نه سگھنديون- اهي مجبور ٿي ڦاسي پيا آهن. باقي اهي ڊاڪٽر جن اڃا شادي نه ڪئي آهي يا پنهنجين پاڪستاني زالن سان آهن تن مان ڪنهن کي به هتي آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جو ارادو ناهي. اهو مان توهان کي ٻڌائي ڇڏيان. اهو ضرور آهي ته حالتن کان مجبور ٿي ڪجھه عرصي لاءِ هتي آمريڪا يا يورپ جي ملڪن ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن، پر هنن جي دل ته پنهنجي جھانگين ۽ سانگين کي ڏاڍو ساري ٿي.
سوال: ٻڌڻ ۾ اهو اچي ٿو ته ايل ايم سي جي تعليم جو معيار ٻاهر گھٽ ليکيو وڃي ٿو- خاص ڪري انگلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ ۾. ان بابت توهان جو ڇا خيال آهي..؟
ڊاڪٽر صالح: نه. مون کي اها خبر ناهي. ائين منهنجي خيال ۾ هرگز نه آهي. پاڻ LMC جا شاگرد (جن سان گھٽ ۾ گھٽ آئون ملندو اچان) انگلينڊ توڙي اسڪاٽلينڊ ۾ جن جن اسپتالن ۾ هو ڪم ڪن ٿا. (يا هتي آمريڪا ۾ ٻن ٽن اسپتالن ۾ جن ۾ هنن چند ڏينهن ۾ وڃي سگهيو آهيان) اتان ته اهو ئي معلوم ٿيو اٿم ته LMC جا ڊاڪٽر تمام محنت، شوق ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن. باقي هونئن اسٽئنڊرڊ جي لحاظ کان ڊائو، ايل ايم سي ۽ ٻيا سڀ ڪاليج هڪ جهڙا آهن.
هونئن اها ٻي ڳالهه آهي ته انگلينڊ ۾ اتي جا گورا اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي گهٽ سمجھن ٿا. پوءِ چاهي هندستاني ڊاڪٽر هجي يا سريلنڪا، پاڪستاني هجي يا بنگلاديشي ۽ ساڳي وقت ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هر ماڻهوءَ ۾ ڪجهه تعليمي لاهيون چاڙهيون پڻ ٿين ٿيون، پر اها هڪ الڳ ڳالهه آهي. جيسين ٻاهر اچي ڪم ڪرڻ جو سوال ٿو پيدا ٿئي ته سڀ پاڪستاني محنت ڪن ٿا. هينئر به آمريڪا ۾ ٿامس جيفرسن اسپتال فلاڊيلفيا ۾ ڪراچي جو ڊاڪٽر بهاؤالدين شيخ مليو ۽ ٻه لاهور جا هئا ۽ هڪ ايل ايم سي جو نذير عادل ميمڻ، انهن ڇوڪرن سان نه فقط منهنجي گپ شپ ٿي پر مان سندن ڪم جون رپورٽون به ڏٺيون ۽ جيڪي ڪورس لکي ڏنا اٿن اهي پڙهيم ۽ مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. اسپتال وارن کي به هنن لاءِ ڏاڍو سٺو خيال آهي ۽ ٻين هنڌن تي به ائين ڏٺو اٿم ته اسان جا پاڪستاني سٺو ڪم ڪري رهيا آهن.
سوال: تنهنجي معنيٰ اها ڳالهه غلط آهي. چڱو سائين ڀلا ان بابت توهان جي ڇا راءِ آهي ته اسان جي ملڪ کان جيڪي ڊاڪٽر انگلنڊ وڃن ٿا انهن کي سٺي ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري نٿي ملي؟
ڊاڪٽر صالح: اها ڳالههRacial-Discrimination ۾ اچي ٿي. انگريزن جي اهائي ڪوشش رهي ٿي ته ڪارن کي (جن ۾ اسين ننڍي کنڊ جا، جئميڪا ۽ ٻين آفريڪن ملڪن جا ڊاڪٽر پڻ اچي وڃن ٿا) سٺي جڳهه يا وڏي اسپتال ۾ نوڪريون نٿا ڏين. اهو اڳ ۾ به هوندو هو، پر اسان جي ڏينهن جو معيار مختلف هو. خاص ڪري ٻوليءَ جو. هاڻ هيئن ٿا ڪن جو نئين آيل ڊاڪٽر کي ٻه مهينا کن Pre Clinical Attachment ۾ ٿا رکن. اتي هن جي چڪاس ٿا ڪن ته هن کي انگريزي ڪيتري اچي ٿي ۽ تعليمي معيار ڪيترو اٿس. ان موجب هو کيس نوڪري ڏين ٿا. اسان جي زماني ۾ ائين نه هو، ۽ هينئر اها جيڪا ڳالهه آهي سا سڄي ننڍي کنڊ سان لاڳو آهي ۽ فقط اسان جي ڇوڪرن سان نه آهي. پاڻ اسان جا ڇوڪرا ٻين جي مقابلي ۾ سٺو نالو پيدا ڪن پيا.
سوال: هتي آمريڪا ۾ توهان جي ڪهڙن ڊاڪٽرن سان ملاقات ٿي آهي جي توهان جا ايل ايم سي ۾ شاگرد هئا.
ڊاڪٽر صالح: منهنجو اڃا هڪ ٻن شهرن ۾ وڃڻ مس ٿيو آهي جتي ڪجھه ڊاڪٽر مليا آهن. مثال طور ڊاڪٽر عسڪر قلباڻي ۽ سندس زال فهيمه صديقي. ڪيشو داس پاهوجا، بهاؤالدين شيخ ۽ سندس زال ياسمين خميساني، نسرين قاضي، اعجاز آرائين، پروين علوي، نسيم علوي ۽ سندس مڙس ڊاڪٽر صمد ۽ ڊاڪٽر بلال، ڊاڪٽر نذير عادل ميمڻ، عبدالمجيد ميمڻ، ڊاڪٽر قاضي وغيره وغيره. سڀ خوش آهن. سڀ محنت سان پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن.
سوال: ڄامشورو واري ڪاليج جا ڊاڪٽر ٻاهرن ملڪن ۾ تمام گھٽ نظر اچن ٿا. توهان جي نظرن ۾ ان جو ڪارڻ ڇا آهي؟ هوم سڪنيس؟ پاسپورٽ ۽ نوڪري ملڻ جي مشڪلات؟ يا ڪو ٻيو…؟
ڊاڪٽر صالح: ائين نه آهي. ايل ايم سي جا تمام گھڻا ڊاڪٽر ولايت ۾ آهن. البت ائين ضرور آهي ته سنڌي تمام گھٽ آهن.
سوال: چيو وڃي ٿو ته اسان جهڙي غريب ملڪن لاءِ ايترا سارا ميڊيڪل ڪاليج حد کان وڌيڪ هٻڇ آهي اهو ئي خوف آهي ته اڳتي گھٽ بجيٽ ڪري ڪاليج صحيح طرح هلي نه سگھن ۽ غلط پلاننگ ڪري ڊاڪٽرن لاءِ هڪدم نوڪريون مهيا ٿي نه سگھن.
ڊاڪٽر صالح: ان بابت بنا سوچ جي هڪدم ڪو جواب نٿو ڏئي سگھجي.
سوال: توهان پنهنجي پروفيشن مان خوش آهيو يا نه؟
ڊاڪٽر صالح: آئون بلڪل خوش آهيان. مون ڊاڪٽريءَ کي هڪ آرٽ ڪري ورتو آهي. هر هڪ جو زندگيءَ ڏي پنهنجو پنهنجو رخ، روش ۽ پهچ هوندي آهي. جيڪڏهن آئون ان کي آرٽ سمجھڻ ڇڏي ڏيان ته پوءِ مون لاءِ هي ڌنڌو ورچائڻو ٿي سگهي ٿو.
سوال : اڄ جي شاگرد ۽ توهان جي ڏينهن جي شاگرد (ميڊيڪل اسٽوڊنٽ) ۾ ڪو فرق…؟
ڊاڪٽر صالح: اڄ جو شاگرد وڌيڪ ذهين، هوشيار ۽ سمجھو آهي. اڄ ڪلهه جي شاگردن جي ذهني ارتقا اسان کان وڌيڪ آهي. هنن ۾ شوق همٿ ۽ جستجو وڌيڪ آهي.
سوال: پر چيو وڃي ٿو ته توهان جي ڏينهن ۾ شاگرد پنهنجي استاد جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا، پر اڄ ڪلهه شاگرد ۽ استاد جي وچ ۾ اهو ويڇو / رشتو نه رهيو آهي.
ڊاڪٽر صالح: ان بابت آئون ڏاڍو Conservative آهيان. استاد پنهنجي لاءِ عزت پاڻ ٿو پئدا ڪري ۽ اڄ به ڪري سگھي ٿو ۽ ڪيترا عزت جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. اهو برابر آهي ته اڳ ۾ شاگردن تي استادن جو ڊپ ويٺل هو. ڊپ ۽ عزت ۾ فرق آهي. ڊپ اڳ وڌيڪ هوندو هو ڇاڪاڻ ته هڪ ته اڳ ۾ جيڪي استاد هوندا هئا سي آدرشي ۽ اتم هوندا هئا. يعني سڀ خاصيتون جيڪي استاد ۾ چئجن سي هنن ۾ موجود هيون. تنهن ڪري عزت سان گڏ ڊپ به هوندو هو. استاد ۽ شاگرد جو ويڇو وڌيڪ هوندو هو. هاڻ ائين هرگز ناهي. “استاد_شاگرد” جو ويڇو تمام گھٽ ٿي ويو آهي. دوستاڻو ماحول وڌيڪ آهي، پر مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن ڪو استاد آئيڊيل آهي ۽ سٺو هلي ٿو ته اڄ به شاگردن طرفان هن کي عزت ملي ٿي. جيڪڏهن ڪو استاد ٻاراڻي طبيعت جو آهي- بي پرواهه ۽ ڏنگو ٿي هلي ٿو ته پوءِ شاگردن طرفان عزت نه ملڻ ڪري فقط شاگردن تي ئي ڏوهه ٿاڦي ٿو. اهو ضرور آهي ته اڄ جو شاگرد اڳ وانگر نه هر استاد کان ڊڄي ٿو ۽ نه هن کي پنهنجو Ideal سمجھي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو استاد چڱيڙو آهي، قرب سان هلي ٿو ته هو اڄ به پنهنجي لاءِ عزت پيدا ڪري سگھي ٿو. مون کي اهو پنهنجو تجربو آهي. منهنجو اهو پنهنجو رايو آهي. ٿي سگھي ٿو آئون ان ۾ غلط هجان. …(هلندڙ)….