ڪتاب تي تبصرو : ٻرندڙ لفظ : عبدالحفيظ ڀٽي

ٻرندڙ لفظ ڪتاب آزاد نظمن (گھڻ سٽو) ڊاڪٽر ثمينه واحد جو مجموعو آھي. ھن ڪتاب ۾ اڪيچار معاملا، شڪايتون، محبتن جي مڌ، عشق جو آڙاھ، اڌمن جي راند، ڳولھڻ جي ڳالھ، چاھتن جا چوٻول، اکين آڏو گذريا. ھي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد کان شايع ٿيو. ڪتاب ۾ مھاڳ ايوب کوسي لکيو آھي، تاثراتن ۾ وسيم سومرو، شھناز راھو، تاج جويو، ماڻڪ ملاح ۽ علي نواز ڏاھري جن جا تاثر شامل آھن. ھن ڪتاب جو پھريون نظم زندگي ڇا آھي؟ (پنج نمبر 42) عالم انسانيت جو سوال آھي جنھن تي اڄ تائين ريسرچ ھلي ٿي ته زندگي ڇا آھي. ثمينه ان سوال جي جواب نظم ۾ وڌيڪ سوال ڪيا آھن. ھڪ مڪمل اثرائتو جواب نظر نه آيو، جيڪو يقينن منھنجي لاءِ به ھڪ سوال بڻجي چڪو آھي.

نظم: پيج نمبر (43-44) او منھنجا سپنا ۽ منصور جھڙو درد:-

ان نظمي جوڙن ۾ خيال جي اڏار ملي ٿي ادبي بيھڪ پڻ اوتار جيان منفرد پسي سگھجي ٿي. نظمن ۾ مجموعي ڳالھ اميد ۽ حوصلي جي آھي، درد کي درد سمجھي منھن ڏيڻ جي آھي. منھنجي بقول ته آزاد نظم ادبي اصولن جو پھريون ڏاڪو آھي… ڇو ته جا به سٽ سرجڻ مھل ادبي اصول جي رڪاوٽ کان پاڪ ھجي ٿي بعد ۾ ان کي وزن، بحر ۽ ارڪانن جو ويس پارائجي ٿو، پر آزاد نظمن ۾ اھا ساڳي سٽ دليل بڻجي وڃي ٿي. اسان ايندڙ خيالن کي پابند ڪندي ان ڏي رس چس کي ھڪ ھنڌ جمع ڪريون ٿا، پر آزاد نظمن ۾ آزادي سان ڪجھ به لکي سگھجي ٿو.  جيڪا ادبي اصولن کان بنھ مختلف آھي.

نظم: تون خوشبو آھين (پيج نمبر 46):-

ھي نظم عورت جي محبت ۽ معصوميت ۾ لکيل آھي ان جي اداسين ۽ تڪليفن کي پاسو ڪري ان جي حقيقي وجود جي خوشبو ۽ نخرن کي لکيو ويو آھي. يقينن عورت جڏھن ٻي عورت جا سچا جذبا بيان ڪندي آھي ته اھي واقعي تمام نفيس ۽ سھڻا ھوندا آھن. حضرت رومي چواڻي:- ته عشق جڏھن رنگ ۽ روپ کي ڏسي ڪجي ٿو ته اھو عشق نه بلڪه فسق آھي ته ھن نظم ۾ ثمينه عشق جي حقيقي جذبي کي نکاريو آھي.

اي سنگتراشStone Cutter  پيج نمبر 51

ھي نظم به پنھنجي ادبي لاھن چاڙھن جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. سندس سٽ ۾ آھي ته منھنجي دل جي آسپاس منھنجي درد کي به تراش… ھن نظم مان پاڻ کي ٻه زاويا ملن ٿا علمي/ادبي ۽ ٻيو روايتي. روايتي موجب ھي نظم اميدن کان گذرندي مايوسي طرف وٺي وڃي ٿو.  جنھن کي اصلاحي ھوا يا آڪسيجن ملڻ گھرجي، پر جڏھن علمي يا ادبي پاسي کان نظم ته مڪمل آھي پنھنجي ڪلائيميڪس (عروج) سان گڏ، پر پٿر تراشيندڙ کان نفيس جذبن کي ڳولھڻ جي صدا روايتي آھي.

نظم مي رقصم: پيج نمبر 54

سازندا ڪا اھڙي ڌن وڄائي جو ساڻس مي رقصم ٿيان! ھن نظم ۾ پاڪ جنونيت ۽ عشق جي زنده فلاسافي ملي ٿي. مي رقصم جو انداز نرالو لڳو ۽ آخري عروج پڻ. نچڻ يا رقص ڪرڻ انوکو عمل آھي عاشقن لاءِ جيڪي خوشي خوشي محبوب لاءِ ڪندا آھن. نظمي انداز ۾ محبوب سان رقص ڪرڻ جي ڳالھ باڪمال ۽ لازوال آھي. ثمينه جي ڪيترن نظمن ۾ محبت جو چھرو چمين جي لالاڻ سان ڀريل ملندو. ڪجھ عورتون، پر ڪيف جذبا ۽ نرم ڇھاءُ لکڻ کان لنوائينديون آھن، پر ثمينه ان اصطلاحن کي خوب نڀايو آھي جيڪو ساراھ جوڳو عمل آھي.

نظم: محبوب جي محبت جو پھرو: پيج نمبر: 58

تمام شارٽ نظم، پر ھڪ مڪمل داستان سان سلھاڙيل. ڪتاب کي پڙھندي مون کي اميد ٿي ته يقينن لکڻ کان اڳ لکيل مواد جيستائين دل کي ڇھي نه تيستائين الفاظ جنم نٿا وٺن. دل سان لکيل تخليقون ئي ماڻھن جي دل ۾ گھر ڪنديون آھن. مجموعي طور ڪتاب ۾ سمورا نظم پڙھڻ ۽ سيني سان لاھڻ جھڙا آھن. ڪجھ اصطلاحن جو ذڪر ڪندس اڳتي ھلي جيڪي استعمال ٿينديون آيون آھن، پر نظمي رخ پھريون دفعو ڏسڻ/پڙھڻ کان مليو جيڪو ڪمال لڳو.

نظم:- اکڙين لاءِ لکان پيج نمبر 62

ادب ۽ تخليق مصنوعي خيال تحت ھڪ آھي، پر مورڳو خيال ادب جو حصو بنائڻ اھو پراڻو اصول آھي. خيال ته ھر ماڻھو رکي ٿو، ڇا اھو به اديب آھي، بقول منھنجي، ھر انسان اديب آھي جڏھن ھن وٽ صرف امن ۽ اميد ھجي. ثمينه جي نظمن ۾ امن جي اِڇا ۽ دلاسا ملن ٿا. ھي بي بھا موتي صرف نازڪ جسمن ۾ ئي جنم وٺندا آھن. جنم به جنم وٺندو آھي ھا، اھو ثمينه جي سيني ۾ وٺندو آھي. اکڙين لاءِ ڇا لکان نظم ۾ لھر لھر ۽ لولي لولي سمنڊ ساھ ايترا ته خوبصورت لفظن جا جوڙا ٻاھر نڪتا آھن جو آئون پڪ ٿو سمجھان ته ثمينه جو روح ھڪ روح ناھي بلڪه ان روح ۾ ڪيترن روحن جا نوحا ناز ڪندا ھوندا.

ڪجھ نظم جيڪي مجموعي طور لازوال لکيل آھن. تون جي ھن جنم ۾ ملين، گيت چوندو وڃين، جڏھن ھو مسڪرائي ٿو، مون کي ٻيھر سنواري ڇڏ، روح آزاد ٿيندا آھن، مان تولاءِ لکنديس، لفظ تنھنجا، تنھنجي خوشبو، نمرتا کي ڀيٽا، ھڪ ٿي نڪرون، واپس ورڻ ٿي گھران، مقتل کان نياپو، ھاڻي موٽي وڃ، اھي سڀ نظم پنھنجي رنگ ۾ رنگين آھن.

ڪجھ بھترين اصطلاحون:-

تنھنجا چپ پيان يا سگريٽ،

ھي منھنجو سارو ننگو جسم،

منھنجي وجود جو واس ھو،

سرڪ ڀر،

موسمن ۾ وھنجي وڃ،

ڀاڪرن جا پھرا،

نرم گھري چمي…

آئون ھن ڪتاب کي مجموعي طور تي ادبي فضا ۾ برقرار رھڻ جي نويد سمجھان ٿو. ھي ڪتاب سنڌ جي آزاد نظمن جي لکندڙ عورتن کان ڀلوڙ سرجيل آھي، جنھن ريت ڪجھ عورتون مصنوعي اصطلاحن جو استعمال ڪنديون آھن اھي ادبي روش کي ڇيھو رسائين ٿيون. ثمينه ان اصطلاحن جو بھادري سان نڀاءُ ڪيو آھي. ادب کي ادبي رخ ڏيڻ گھرجي ته حال ۽ ماضي قائم رھندو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments