ڪجھ ماڻھو اسلام جي نالي تي عورتن جا حق کسڻ چاهين ٿا: بلاول ڀٽو
اسپورٽس ڪامپليڪس گهوٽڪي ۾ سنڌ حڪومت پاران سرسو تحت شروع ڪيل غربت کي گهٽائڻ واري پروگرام جي هڪ پروقار تقريب منقعد ٿي، جنهن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه مهمان خاص طور شرڪت ڪري پروگرام جو افتتاح ڪيو، تقريب ۾ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر سميت ٻين ڪيترين ئي اهم شخصيتن ۽ هزارن جي تعداد ۾ عورتن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي عورتن کي مضبوط ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جو مشن آهي، اهو ئي سبب آهي ته پ پ پنهنجي حڪومت دوران پوري ملڪ جي عورتن کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ خاطر بينظير انڪم سپورٽ جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو جنهن تي ان وقت جي اپوزيشن اڳواڻن تنقيد ڪئي، پر بعد ۾ جڏهن سندن حڪومتون آيون ته پ پ جي نظريي کي جاري رکڻ تي مجبور ٿي ويا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڀلي ڪهڙي به نالي يا تصوير سان هلي، پر اهو پاڪستان پيپلز پارٽي جو نظريو آهي جنهن تي هن وقت به عمل ڪيو پيو وڃي ۽ اسان جي اهڙي غربت گهٽائڻ واري نظريي کي ورلڊ بينڪ سميت بين الاقوالي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عورتن کي مضبوط ڪنداسين ته گهر مضبوط ٿيندا، گهر مضبوط ٿيڻ سان خاندان مضبوط ٿيندا اهڙيءَ ريت صوبا ۽ ملڪ به مضبوط ٿيندا. هن چيو ته اسان جي مذهب اسلام عورتن کي حق فراهم ڪيا آهن، پر ڪجهه لاشعور ماڻهو مذهب جي آڙ وٺي عورتن کان حق کسڻ چاهين ٿا جيڪو سراسر غلط ۽ اسلام جي درس جي ابتڙ آهي. هن چيو ته مون کان منهنجي امڙ محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي کسيو ويو، پر هي ملڪ جون سموريون عورتون سندس ماءُ وانگر آهن جن جي هو خدمت ڪرڻ گهري ٿو.

