ڪرامتون

ڪهاڻي
ڪرامتون
سعادت حسن منٽو
ترجمو: زاهده ابڙو
ڦر جو مال واپس ورائڻ لاءِ پوليس ڇاپا هڻڻ شروع ڪيا. ماڻهو ڊپ کان ڦر جو مال رات اونداهيءَ ۾ ٻاهر اڇلڻ لڳا. ڪجهه اهڙا به هئا جن پنهنجو مال موقعو ملندي ئي پاڻ کان ڌار ڪري ڇڏيو ته جيئن قانون جي گرفت کان بچيل رهن.
هڪ ماڻهو اچي ڦاٿو، هن وٽ سنهي داڻي واري کنڊ جون ٻه ٻوريون هيون جيڪي هن هڪ پاساريءَ جي دڪان تان ڦريون هيون، انهن مان هڪ ته هو سڄي جا سڄي وڃي ويجهو هڪ کوهه ۾ ڦٽي ڪري آيو، پر جڏهن ٻي ٻوري کڻي کوهه ۾ ڦٽي ڪرڻ لڳو ته پاڻ به ٻوريءَ سان گڏ وڃي کوهه ۾ ڪريو. گوڙ تي ماڻهو گڏ ٿي ويا، کوهه ۾ رسيون وڌيون ويون، ٻه جوان مڙس هيٺ لٿا ۽ ان ماڻهو کي ٻاهر ڪڍي آيا، پر ڪجهه ڪلاڪن اندر هو مري ويو.
ٻئي ڏينهن جڏهن استعمال لاءِ کوهه مان پاڻي ڪڍيو ويو ته اهو مٺو هو.
ان رات کان ان ماڻهوءَ جي قبر تي ڏيئا ٻرڻ لڳا.
(منٽو ڪي سئو افساني)