ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو
حيدرآباد ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميه ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. اڄ کان 5 ڊسمبر تائين علائقا سيل رهندا. حيدرآباد جي علائقن: بلديه ڪالوني، مبارڪ ڪالوني، صحافي ڪالوني ۽ گلستان فاطمه ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو. ڪوهسار، ايئرپورٽ روڊ، نسيم نگر ۽ ڀٽائي نگر جا علائقا به بند رهندا. اسمارٽ لاڪ ڊائون دوران ميڊيڪل اسٽور، اسپتالون مڪمل کليل رهنديون.