خاص

اسٽيل ملز کي خانگائڻ ۽ پورهيتن جي امڪاني برطرفين خلاف احتجاج، ريلي، ڌرڻو

ملير اسٽيل ملز جي نجڪاري ۽ پورهيتن جي امڪاني برطرفين خلاف سوين پورهيتن جو گلشن حديد کان اسٽيل ٽائون جي الله واري چورنگي تائين احتجاجي مارچ  ۽  ڌرڻو, اسٽيل ملز جي نجڪاري ۽ پورهيتن جي برطرفي خلاف سخت نعريبازي۔

ان موقعي تي آل ايمپلائز ايڪشن ڪميٽي پاڪستان اسٽيل جي اڳواڻن عاصم ڀٽي، ممتاز ڀٽو، اڪبر ناريجو، ڌڻي بخش سمون، شوڪت ڪورائي، عبدالحق چنا، سرور نيازي، نذير آفتاب، اڪبر ناريجو، اڪبر ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسٽيل ملز انتظاميا ۽ وفاقي حڪومت جا وزير ملڪ جي سڀ کان وڏي صنعتي اداري پاڪستان اسٽيل کي بند ڪري وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا، اسان کي خبر پئي آهي ته وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آھي ته  اسٽيل ملز جي هزارين پورهيتن کي هڪ مهيني جي پگهار ڏئي نوڪرين مان ڪڍيو ويندو.

اسين وفاقي حڪومت جي مزدور دشمني واري عمل جي سخت مذمت ڪيون ٿا، اسين وفاقي حڪومت کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پورهيتن کي ڪنهن به صورت جبري برطرف ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ نه ئي اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ ڏينداسين. هنن چيو ته اسٽيل ملز جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان مارچ 2020 ۾ پنهنجي ريمارڪس ۾ پاڪستان اسٽيل جي مڪمل رپورٽ گُهري هئي، انتظاميا ۽ وفاقي حڪومت چيف جسٽس آف پاڪستان جي ريمارڪس جو بهانو بڻائي جون 2020 ۾ انتظاميا حڪومت جي آشيرواد سان سپريم ڪورٽ ۾ پورهيتن کي جبري برطرف ڪرڻ جو پلان پيش ڪيو، جنهن تي چيف جسٽس آف پاڪستان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

اڳواڻن چيو ته نجڪاري ڪميشن، وزارت صنعت ۽ پيداوار، وزيراعظم جي صلاحڪار، صنعت ۽ تجارت ملڪ جي سڀ کان وڏي اداري پاڪستان اسٽيل ملز کي من پسند سرمائيدارن کي ڏيڻ لاءِ منصوبو جوڙيو آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز هڪ قومي اثاثو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت نجڪاري جي ور چڙهڻ نه ڏبو.

هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان، صدر پاڪستان کي اپيل ڪئي ته اسٽيل ملز جي پورهيتن کي جبري برطرفين کان بچايو وڃي، پورهيتن جي روزگار جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ قومي اداري کي هلايو وڃي، ٻي صورت ۾ اسٽيل ملز جا هزارين پورهيت سخت احتجاج ڪندي شڪاگو جي شهيد پورهيتن جي ياد تازه ڪندي پنهنجن ٻچن سميت مرڻ مارڻ کان نه ڪيٻائيندا، جنهن جي ذميوار وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان اسٽيل ملز انتظاميا هوندي.

پورهيتن مطالبو ڪندي چيو ته پورهيتن جي برطرفين وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ ملڪ جي ريڙهه جي هڏي واري حيثيت رکندڙ قومي اداري پاڪستان اسٽيل ملز کي هلايو وڃي.