ڪراچي ۾ اڄ 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات ٿي سگهي ٿي

موسيمات کاتي اڄ به ڪراچي ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر عبدالقيوم مطابق ڪراچي ۾ اڄ ڪٿي گهٽ ته ڪٿي تيز برسات ٿي سگهي ٿي ۽ مون سون جي تازي لهر اڱاري تائين وقفي وقفي سان جاري رهي سگهي ٿي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر عبدالقيوم ڀٽو جو چوڻ آهي ته برسات جي شدت وڌيڪ ٿي سگهي ٿي، ڪجهه علائقن ۾ تيز ۽ ڪجهه علائقن ۾ هلڪي برسات پوڻ جو امڪان آهي. هن ٻڌايو ته ڪجهه علائقن ۾ 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات ٿي سگهي ٿي جنهن سان اربن فلڊنگ جو خطرو رهندو. هن جو چوڻ هو ته 25 آگسٽ تائين برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي. مون سون جي پنجين اسپيل ۾ ڪراچي ۾ موسميات کاتي جي اڳڪٿي کان وڌيڪ برسات ٿي، گذريل ڏينهن پوندڙ برسات ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات سرجاڻي ٽائون ۾ 170 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته نيو ڪراچي ۾ 88 ملي ميٽر ۽ ناظم آباد ۾ 85 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي 85 ملي ميٽر تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي هئي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments