بلاگ

ڪلاسيڪل سرمائيداراڻو نظام ۽ پاڪستان سڪندر سومرو December 2021

اسان جي ملڪ جو الميو اهو آهي ته جڏهن به تبديلي جي ڳالهه ٿيندي آهي ته بحث گهڻو ڪري شخصيت جي حوالي سان ٿيندو آهي. چاهي اهو تڪرار ميڊيا تي هجي يا ڪنهن سياسي جماعت ۾ يا ڪنهن آفيس ۾ يا ڪنهن گهٽيءَ ۾، تڏهن به نظام جي حوالي سان تجزيو ناهي ڪيو ويندو. اهڙيءَ ريت اسان جو اهو عقيدو ٿي ويو آهي ته ڪو هيرو ايندو ۽ سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڏيندو، جيڪو هڪ غلط خيال آهي. اوهان جيڪڏهن ڪنهن ظالماڻي نظام ۾ ڪنهن نيڪ شخص کي به ويهاري ڇڏيندا ته ان جو به نتيجو استحصال ئي نڪرندو جيستائين اوهان ان نظام کي تبديل نه ڪندا.

اچو ته نظام کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون:

جڏهن به ڪا نئون سماج جڙندو آهي ته ان جو هڪ فڪر ۽ فلسفو هوندو آهي. جڏهن توهان ڪو گهر ٺاهيندا آهيو ته سڀ کان پهرين ان جو نقشو تيار ڪندا آهيو، فڪر ۽ فلسفو به سماج جو نقشو آهي. هن وقت دنيا ۾ نظام ٽن قسمن جي فڪر ۽ فلسفي تي ٻڌل آهن.

(1) سرمائيداراڻو نظام (Capitalism)

(2) اشتراڪي نظام (Socialism)

(3) اسلامي نظام (Islam)

اسان جنهن فلسفي کي مڃيندا آهيون ۽ ان جي پيروي ڪري رهيا هوندا آهيون اهو ئي اسان جو نظريو بڻجي ويندو آهي. هن وقت دنيا ۾ ٻن قسمن جا نظام غالب آهن، هڪ سرمائيداراڻو نظام جنهن کي آمريڪا جي پٺڀرائي حاصل آهي ۽ ٻيو اشتراڪي نظام جنهن کي روس جي پٺڀرائي حاصل آهي. اسلامي نظام دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ نافذ ناهي. هن وقت دنيا ۾ لڳ ڀڳ 58 اسلامي ملڪ آهن، پر سڀني ملڪن ۾ سرمائيداراڻو نظام رائج آهي. هي ٽئي فلسفا دولت جي ورهاست، دولت جي ڏي وٺ، دولت جي خرچ ڪرڻ ۽ ان کي پيدا ڪرڻ جي لاءِ مختلف اصول فراهم ڪن ٿا. ان لاءِ گهربل جو گهٽجڻ يا وڌيڪ ٿيڻ نظام جي قائم اصولن تي منحصر هوندو آهي. بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ڪلاسيڪل سرمائيداراڻو نظام قائم آهي. پوءِ اسان جو نظريو به سرمائيداري وارو ٿيو نه ڪي اسلامي. پاڪستان گذريل 68 سالن کان سرمائيداراڻي سوچ ۽ فڪر تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن کي طاقت پهچائڻ لاءِ ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر عنصر ڪم ڪري رهيا آهن. هتي وسيلن مٿان ڪجهه خاندانن جو قبضو ئي موجوده معاشي ابتري جو سبب آهي، جيڪو هن نظام جو لازمي نتيجو آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته سڄي دولت زمين مان پيدا ٿئي ٿي، پر ان لاءِ قوت، محنت جو استعمال لازمي آهي. جيڪڏهن انساني قوت ۽ محنت استعمال نه ڪئي وڃي ته دولت پيدا ڪرڻ ممڪن ناهي. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته انسان زمين مان محنت ڪري دولتمند ٿي سگهي ٿو، پر اسان اهو پيا ڏسون ته ڪروڙين هاري، ناري، مزدور، لوهار، رازا، مستري جيڪي سڌو سنئون زمين تي ڪم ڪن ٿا ۽ ڪچو مال ٺاهين ٿا سڄي زندگي محنت ڪرڻ باوجود غريب ئي رهن ٿا ۽ سندن گذارو مشڪل سان ٿئي ٿو.

اها ڳالهه اسان کي حيرت ۾ وجهيو ڇڏي ته سڄي دولت زمين مان ۽ ڪچي مال مان پيدا ٿئي ٿي ته پوءِ ان جو ڪهڙو سبب آهي جو جيڪي ماڻهو سڌو سنئون اها دولت پيدا ڪن ٿا، اهي ان جي حصي کان محروم رهجو وڃن. اهي ماڻهو جيڪي زمين مان اناج ۽ ميوو پيدا ڪن ٿا انهن جا ٻچا اهو کائي نٿا سگهن، جيڪي ماڻهو ڪپڙو اڻن ٿا انهن جي ٻارن کي ڪپڙو نصيب نٿو ٿئي ۽ جيڪي عاليشان محل تيار ڪن ٿا انهن کي جهوپڙي ۾ زندگي بسر ڪرڻي ٿي پوي. ان جو سبب اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته ڊگهي عرصي کان طاقتور ۽ ظالم انسان پاڻ محنت ڪري پنهنجي ضرورت جو سامان پيدا ڪرڻ بجاءِ مختلف طريقن سان ٻين جي ڪمائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي ۽ پوءِ اهڙن طريقن کي قانون جي شڪل ڏني آهي. موجوده نظام ۾ توهان هڪ به اهڙو مثال پيش نٿا ڪري سگهو جنهن ۾ ڪو شخص اڪيلو ڪم ڪندي بنا ڪنهن ٻئي جي محنت ان ۾ شامل ڪندي امير ٿي ويو هجي. جنهن ڏينهن کان هو ٻين جي محنت تي رقم حاصل ڪرڻ شروع ڪندو ان ڏينهن کان ان جي دولتمند ٿيڻ جو آغاز به ٿي ويندو ۽ پوءِ جيئن جيئن هو ٻين جي محنت تي وڌيڪ ڪمائڻ شروع ڪندو هن جي دولت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ويندو ۽ جن جي محنت تي هو پاڻ امير ٿي رهيو آهي اهي غريب ٿيندا ويندا. دولتمند ماڻهو جيڪي اوهان کي ظاهري طور محنت ڪندي نظر ايندا آهن انهن جي محنت قدرتي وسيلن مان دولت حاصل ڪرڻ نه هوندي آهي، پر ٻين چالبازين ذريعي ٻين جي دولت مان حصو حاصل ڪري دولتمند ٿيڻ هوندو آهي جيڪي قدرتي وسيلن سان دولت پيدا ڪندا آهن. موجوده نظام ۾ ٻئي ڪنهن جو استحصال ڪرڻ کان بنا اوهان ڪڏهن به دولتمند نٿا ٿي سگهو. هن نظام جي ڄاڻ نه هجڻ سبب ماڻهو اهو سمجهندا آهن ته سٺن ماڻهن جي اچڻ سان اسان جو نظام ٺيڪ ٿي ويندو اها ڀل آهي. هر سماج جا ٽي وڏا ٿنڀ هوندا آهن جن کي اهو فلسفو رهنمائي ڏيئي رهيو هوندو آهي جنهن تي نظام قائم هوندو آهي.

اهي ٿنڀ هي آهن:

(1) معاشي نظام (Economic System)

(2) سياسي نظام (Political System)

(3) تعليمي نظام (Education System)

جيڪڏهن پاڪستان جي حوالي سان هنن ٽن ٿنڀن جو جائزو وٺجي ته اسان جو معاشي نظام يورپ جي هڪ معيشت دان ايڊم سمٿ جي وياج واري اصولن تي قائم آهي. اسان جو سياسي نظام يورپ جي هڪ فلسفي ميڪاولي جي اصولن تي هلي رهيو آهي، اهڙيءَ ريت اسان جو تعليمي نظام لارڊ ميڪالي جي فلسفي تي ٻڌل آهي. پاڻ پاڪستان جي سياسي نظام جو مختصر تجزيو ٿا ڪريون.

اسان جي سياسي نظام جا پڻ ٽي ٿنڀ آهن:

(1) پارليامينٽ (Parliament)

(2) انتظاميه (Administration)

(3) عدليه (Judiciary)

اسين جيڪڏهن پنهنجي پارليامينٽ جو جائزو وٺنداسين ته اتي 99 سيڪڙو سرمائيدار ۽ جاگيردار ويٺل ملندا. اهڙيءَ ريت انتظاميه ۽ عدليه ۾ سندن اولاد اعليٰ عهدن تي نظر ايندو. ڇو ته سرمائيداراڻه نظام جي فلسفي جي سوچ سرمايو آهي، جنهن ۾ سڀني شين کي سرمائي جي چوڦير گهمايو ويو آهي. هن نظام ۾ عوام جي تقدير جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار ان کي ئي هوندو جنهن وٽ سرمايو هوندو ان لاءِ اوهان پارليامينٽ، عدليه ۽ انتظاميه ۾ صرف سرمائيدار، جاگيردار يا سندن اولاد کي ويٺل ڏسندا.

ميڪاولي جون ڪجهه چوڻيون حڪمرانن لاءِ به آهن:

 1- New principalities, which may be acquired by several methods, by one’s power, by the power of others, by criminal acts or extreme cruelty, or by the will of the people (civic principalities)

2- It is better to be stingy than generous.

3- It is better to be cruel than merciful.

4- It is better to break promises if keeping them would be against one’s interests.

5- Princes must avoid making themselves hated and despised; the goodwill of the people is a better defense than any fortress.

6- Use religion as a tool; put it in your inbox when you need it then pull it out from the box and when need of it ends then again put it into box.

جيڪڏهن معاشي نظام جو مختصر تجزيو ڪريون ته اسڪاٽ لينڊ جي اقتصادي ماهر ايڊم سمٿ جنهن وياج تي ٻڌل استحصالي اصول جوڙيا ۽ اسان جون اقتصادي سرگرميون انهن ئي جوڙيل اصولن تي ٻڌل آهن.

ايڊم سمٿ اقتصاديات ۾ مارڪيٽ جا ٻه قانون ڏنا:

(1) طلب جو قانون (Law of Demand)

جڏهن شين جي قيمت گهٽ هوندي آهي ته طلب وڌي ويندي آهي ۽ جڏهن قيمت وڌيڪ هوندي آهي ته طلب گهٽ ٿي ويندي آهي.

(2) رسد جو قانون (Law of Supply)

جڏهن قيمتون وڌنديون آهن ته رسد به وڌندي آهي ۽ جڏهن قيمتون گهٽ ٿينديون آهن ته رسد به گهٽ ٿيندي.

سرمائيداراڻي نظام ۾ ان اصول کي استعمال ڪندي سڄي دنيا جي مارڪيٽن جا وڏا وڏا سرمائيدار يرغمال ڪيو ويٺا آهن. ڇو ته گهرج کي وڌائڻ لاءِ هڪ طرف ته بنيادي ضرورت جي شين جي مصنوعي کوٽ ذخيرا اندوزي جي ذريعي پيدا ڪئي ويندي آهي ۽ ٻئي پاسي جن جو تعلق بنيادي ضرورتن سان ناهي هوندو انهن جي طلب اشتهارن جي ذريعي  ماڻهن ۾ پيدا ڪئي ويندي آهي ۽ پوءِ ان طلب تحت قيمتن جو تعين ڪيو ويندو آهي. هاڻي جڏهن انهن جي قيمت وڌندي ته سرمائيدار ان جي رسد به وڌائيندو ۽ وڌيڪ منافعو ڪمائيندو. مارڪيٽ جو نظام قيمتون وڌائڻ تي مجبور هوندو آهي جيئن ماني، ڪپڙو ۽ گهر انهن جي طلب ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي جنهن جي ڪري ان جي قيمت ۾ اضافو ٿيندو وڃي. اهڙيون شيون جن جو استعمال گهٽ آهي انهن جي قيمت پهرين مرحلي ۾ ڪري پوندي آهي، جهڙيءَ ريت اسان جي حڪومت تيل جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ جو سوچيو ته پيٽرول جي قيمت 5 رپيا گهٽ ڪجي، جڏهن ته ڊيزل ۽ ڪچي تيل جي قيمت 3 رپيا وڌائي ڇڏي. وڏي ٽرانسپورٽ ۾ ڊيزل جو استعمال ٿيندو آهي ۽ صنعتن ۾ ڪچي تيل جو. ٻئي پاسي پيٽرول سان هلندڙ گاڏيون گهٽ آهن جنهن سبب ان جي طلب به گهٽ آهي ان جي قيمت کي گهٽ ڪيو ويو. جڏهن ته ڊيزل ۽ ڪچو تيل جنهن جي طلب وڌيڪ آهي ان جي قيمت ۾ اضافو ڪيو ويو ته جيئن وڌيڪ منافعو حاصل ڪري سگهجي. اهڙيءَ ريت پيٽرول، بجلي، گئس، اٽو کنڊ، داليون ۽ کاڄرو تيل هٿرادو گهٽتائي پيدا ڪري قيمتون وڌايون وينديون آهن.

منافعي خوري:

سرمائيدار جي ڪوشش هوندي آهي ته لاڳت کي گهٽ کان گهٽ ڪري ۽ آمدن کي وڌ کان وڌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. مزدور کي اجرت ۽ حڪومت کي ادا ڪيل ٽيڪس سڀ ڪجهه عوام جي کيسي مان ڪڍيو ويندو آهي، ان ڪري اجرت وڌائڻ سان مزدورن کي وڌيڪ مزدوري ۽ پيداوار وڌائڻ سان حڪومت کي وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو آهي، اها ڪمي به قيمتون وڌائي عوام مان ئي پوري ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته ويچاري مزدور جي خريد ڪرڻ جي سگهه پگهار ۾ اضافي باوجود به ناهي وڌي سگهندي. ڇو ته مهانگائي جو تناسب ان جي پگهار جي اضافي کان وڌي چڪو هوندو آهي.

مهانگائي ۽ بيروزگاري:

نيوزيلينڊ جو مشهور اقتصادي ماهر ويليم فلپس 1958ع ۾ بيروزگاري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ قانون ڏنو جنهن مطابق جيڪڏهن بيروزگاري گهٽ ڪرڻي آهي ته مهانگائي ڪرڻي پوندي. ڇو ته بيروزگاري ان وقت ئي گهٽ ٿي سگهي ٿي جڏهن سرمائيدار پنهنجي مِلن ۾ مزدور ڀرتي ڪندو ۽ انهن کي مزدوري ڏيڻي پوندي جيڪا هو عوام جي کيسي مان ڪڍندو ۽ جيڪڏهن ان کي قيمتون گهٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويندو ته هو يڪدم مزدورن کي فارغ ڪرڻ جو سوچيندو.

ناڻي جي لاهه چاڙهه:

اسان جي ملڪ جي ڪرنسي رپيو غير محفوظ هجڻ سبب قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي تجارت جا معاملا ڊالر جي شڪل ۾ طئي ڪيا ويندا آهن. ان کان علاوه تمام سرمائيدار پنهنجي بچت غير ملڪي بينڪن ۾ ڊالر جي شڪل ۾ جمع ڪندا آهن ته جيئن سندن دولت ۾ گهٽتائي نه اچي ۽ وڌندي رهي، جنهن سبب ڊالر جي طلب وڌي ويندي آهي ۽ رپئي جو قدر گهٽ ٿيو وڃي ۽ بين الاقوامي سطح تي ٿيڻ وارين ادائگين ۾ اضافو ٿيو وڃي. قومي سطح تي حاصل ڪيل قرض جي رقم ۾ چاڙهه اچيو وڃي. ڇو ته اها ڊالر جي شڪل ۾ وصول ۽ ادا ڪرڻي هوندي آهي جنهن سان شين کي تيار ڪرڻ جي لاڳت وڌيو وڃي ۽ مارڪيٽ ۾ عوام کي مهانگي اگهه تي خريد ڪرڻي پوندي آهي. اهو ئي سبب آهي ته عالمي منڊي ۾ قيمتون گهٽ هجڻ باوجود اسان جي حڪومت کاڌي پيتي جي شين ۽ ٻارڻ ۾ ڪمي نه آڻي سگهي آهي. شين جي پيداوار ۽ مارڪيٽنگ ۾ وڏو ڪردار ملٽي نيشنل ڪمپنين جو آهي. حڪومت انهن سان اڳ ۾ ئي قيمت وڌائڻ جو معاهدو ڪري چڪي هوندي آهي. جنهن ڪري حڪومت رپئي جي قيمت ۾ بهتري جي باوجود قيمتون گهٽ ناهي ڪري سگهندي.

بينڪن جو وياجي نظام:

ان وياجي نظام ذريعي به عوام جو تمام گهڻو استحصال ٿي رهيو آهي، ڪنهن به عنوان سان قائم ڪيل بينڪ يعني اسلامي ۽ غير اسلامي عوام کي وياج تي مبني قرض فراهم ڪنديون آهن. ايئن ئي سماج ۾ دولت جي گهڻائي پيدا ٿيندي آهي جيڪا مهانگائي جو سبب بڻبي آهي. ڇو ته ايڊم سمٿ جي فلسفي مطابق جيڪڏهن دولت جي گهڻائي ٿي وڃي ته شين جي طلب ۾ واڌ اچي ويندي آهي، نتيجي ۾ انهن جون قيمتون وڌي وينديون آهن. ٻئي پاسي سرمائيدار جي ورتل قرضن جي ادائگي به ناهي ٿيندي ان ڪري وياج جي شرح ۾ به اضافو ٿي ويندو آهي. هڪ طرف سرمائيدار وياج کي خرچن ۾ شامل ڪري قيمتن ۾ اضافو ڪندو آهي ۽ ٻئي پاسي اسٽيٽ بينڪ وڌيڪ نوٽ ڇاپي ۽ قرض ڏيندي آهي ته جيئن سرمائيدار پنهنجو قرض هلڪو ڪري سگهن، ان جي نتيجي ۾ رپئي جي رسد وڌي ويندي آهي ۽ ان جي قيمت ۾ گهٽتائي واقع ٿيندي آهي. اسان جيڪڏهن هڪ ٻئي پاسي کان ايڊم سمٿ جي معاشي اصولن جو جائزو وٺون ته هن پيدائش جا چار عوامل پيش ڪيا آهن، جن جي بنياد تي دولت جي ورڇ ٿئي ٿي. (1) زمين (2) سرمايو (3) تنظيم (4) محنت. جيڪڏهن سرمائيدار سيڙپڪاري ڪري ٿو ته ان جو منافعو انهن چئن پيدائش جي عواملن ۾ ورهائجي وڃي ٿو، جتي زمين، تنظيم ۽ سرمائي جي مد ۾ 90 سيڪڙو سرمائيدار کڻيو وڃي ۽ سڄي محنت مزدور ڪئي جنهن جو صرف 5 کان 10 سيڪڙو ان کي ملي ٿو. جنهن سبب توهان ڏسي سگهو ٿا ته سماج جو هڪ طبقو امير کان امير تر ٿيندو وڃي ٿو. جڏهن ته ٻيو طبقو غريب کان غريب تر ٿي وڃي ٿو. ڇو ته سرمائيدار مزدورن جي محنت هڙپ ڪري وڃي ٿو.

تعليمي نظام:

اسان جو تعليمي نظام لارڊ ميڪالي جي فلسفي تي قائم آهي، جنهن جو مقصد ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ ڪلارڪ ۽ غلام پيدا ڪرڻ هو. اهو نظام غير متحرڪ ۽ سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت کان خالي مشيني پرزا تيار ڪري ٿو، جيڪي سرمائيدارن جي سرمائي ۾ مسلسل واڌ ۽ رياستي مشينري هلائڻ لاءِ ضروري آهن. سرمائيداراڻي معاشي نظام سبب سڄو سماج طبقن ۾ ورهائجي ويو آهي، جنهن ڪري تعليمي نظام به طبقاتي ٿي چڪو آهي ۽ هڪ حقيقي ۽ آزاد انساني شعور پيدا ڪرڻ کان قاصر آهي. هي نظام سوال ڪرڻ وارن کي ڏوهاري ڄاڻائي ٿو ۽ تنقيدي سوچ کان انڪاري آهي. ڇو ته هن نظام جا آقا هرگز اهو نٿا چاهين ته سندن غلام مٿن ۽ سماج ۾ موجود طبقن تي ڪو سوال کڙو ڪن يا هن نظام کي چئلينج ڪن ۽ تبديلي جي ڳالهه ڪن. هن تعليم جو مقصد اهڙا فرد تيار ڪرڻ آهي جيڪي حقيقت کي غير متحرڪ ۽ تبديلي جي لائق نه سمجهندا هجن. اهڙيءَ طرح اهي انهن طبقن جي موجودگي کي ۽ مٿن ٿيل ڏاڍ واري صورتحال کي تقدير جو حصو سمجهي قبول ڪن. تعليم اسان جي سماج ۾ هڪ اهڙي صنعت طور اڀري آئي آهي جنهن جو مقصد رڳو منافعي جي شرح وڌائڻ آهي. انسان جي ترقي ۽ آزادي انهن لاءِ ڪا معنيٰ نٿي رکي. سرمائيدارن جي ٻارن لاءِ عاليشان عمارتن ۾ تعليم جو انتظام ٿيل آهي ته ٻئي طرف غربت جي چڪيءَ ۾ پيٺل ۽ بنيادي ضرورتن کان محروم طبقو غلاظت سان ڀريل ۽ بنيادي انفرااسٽرڪچر کان محروم سرڪاري اسڪولن ۾ پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ تي مجبور آهي. هتي سرڪاري، خانگي ۽ عاليشان خانگي اسڪولن کان وٺي گهٽين ۾ کنڀين وانگر اڀري ايندڙ اسڪولن جو ڄار پکڙيل آهي ۽ پنهنجي پنهنجي اوقات موجب جهالت ۽ اونداهي ورهائي رهيا آهن، انهن سڀني جو پنهنجو پنهنجو نصاب ۽ پڙهائڻ جو طريقو آهي. امتحاني طريقو غير صحتمند مقابلي کي واڌ ڏئي ٿو. اهو غير صحتمند مقابلو ظلم ۽ ڏاڍ تي بيٺل هن نظام ۾ جبر ۽ تسلط قائم رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. اسان جو تعليمي نظام واضح طور تي طبقن ۾ ورهايل آهي. هڪ طرف اهي ادارا آهن جتي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جا ٻار پڙهندا آهن ۽ انهن ادارن ۾ عام ماڻهو پنهنجا ٻار داخل ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي ۽ اهو ئي طبقو ملڪ ۾ اعليٰ عهدا حاصل ڪري ٿو ۽ هن نظام جي وجود کي برقرار رکي ٿو ۽ سامراج جي نمائندگي ڪري ٿو. ٻئي پاسي اهو تعليمي نظام آهي جتي غريب جو ٻار ٿو پڙهي، جنهن کي روزگار ملڻ به مشڪل هوندو آهي. نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ کيس سفارش ۽ رشوت جي ضرورت هوندي آهي جيڪا وٽس ناهي هوندي. مطلب ته ٻن قسمن جا ماڻهو تيار ٿي رهيا هوندا آهن، هڪڙي جو ڪم حڪمراني ڪرڻ آهي ۽ ٻئي جو ڪم ڪلارڪي ڪرڻ آهي. ديني تعليمي ادارن وٽ به دين ۽ دنيا جو فرق پيدا ڪيو ويو آهي. انهن جو گهڻو زور مسلڪي اختلافن تي هوندو آهي، هن طريقي سان سندن اندر شدت پسندي ۽ انتها پسندي پيدا ڪئي وڃي ٿي جن کي نظام پنهنجي مفادن جي لاءِ استعمال ڪري ٿو، جتي مختلف ادارن ۾ مختلف قسمن جا ذهن تيار ڪيا وڃن اتي هڪ قوم جو وجود ناممڪن آهي. هي تعليمي نظام ماڻهن اندر مذهبي، لساني، علاقائي اختلاف پيدا ڪري کين پاڻ ۾ ويڙهائي ٿو ۽ کين نظام جي حوالي سان سوچڻ کان پري رکي ٿو ۽ بلڪل ايئن جيئن انگريز جي پاليسي هئي ته ماڻهن کي ويڙهايو ۽ مٿن حڪومت ڪريو جي پٺڀرائي ٿئي ٿي.

لارڊ ميڪالي جا ڪجهه چونڊ اصطلاح:

لارڊ ميڪالي لکي ٿو ته هو هندستان جي هر مڪتبهءِ فڪر سان مليو. مذهبي طبقا عالم ۽ تاجر ڪوبه ڪوڙ نه ڳالهائيندو هو، ڪوبه پنندو نه هو، ڪوبه بد اخلاق نه هو، سڀني کي آزادي جي ضرورت هئي ۽ غلامي کي لعنت سمجهندا هئا. هن رپورٽ ۾ لکيو آهي ته هن قوم کي گهڻي عرصي تائين غلام بڻائي نٿو رکي سگهجي. هن کان پڇيو ويو ته ان جو حل ڇا آهي؟ هن چيو اهڙو تعليمي نظام آندو وڃي جيڪو اجتماعيت کي ٽوڙي انفراديت پيدا ڪري، بي حيائي جو ڪلچر وڌي ويجهي. جڏهن انگريز هندستان ۾ آيا ته هتي 95 سيڪڙو تعليم هئي باقي 5 سيڪڙو ماڻهو اعليٰ اخلاق جا مالڪ هئا، جڏهن انگريز هتان واپس ويو ته تعليم 8 سيڪڙو هئي، انگريزن ظالماڻو نظام قائم ڪيو جنهن سبب غربت ۽ بک پيدا ٿي. انگريزن هٿرادو غربت پيدا ڪئي، ايتري حد تائين جو هندستاني 5 رپيا ماهوار انگريزن جا ملازم ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا. هڪ ٻي جاءِ تي لارڊ ميڪالي لکيو آهي ته پنهنجي تعليمي نظام ذريعي هڪ اهڙي جماعت ٺاهڻ گهرجي جيڪي اسان جي وچ ۾ ۽ ڪروڙين رعايا جي وچ ۾ ترجمان هجي، جيڪي رنگ ۽ نسل جي اعتبار کان ته هندستاني هجن، پر سندن مزاج، راءِ، لفظ ۽ سمجهه انگريزن جي هجي. هڪ ٻي جاءِ تي لکي ٿو گذريل دورن ۾ جهڙيءَ طرح بااثر ۽ طاقتور ماڻهن کي آفيم پياري سست، ڊڄڻو ۽ بد عقل بڻايو ويندو هو. اسان جو نظام به هندستانين کي ايئن بيڪار بڻائي ڇڏيندو.

حڪومت خود اختياري:

جيستائين اهو جابراڻو نظام قائم رهندو غربت، فرقه بندي، بد امني قوم جو مقدر رهندي. اسان وٽ اهڙي سوچ کي وڌايو ويو آهي جنهن ۾ هيرو ازم جي پوڄا ڪئي ويندي آهي، جنهن جي عڪاسي اسان جي فلمن ۽ تاريخ مان ٿئي ٿي ۽ هر دور ۾ نظام اسان جي لاءِ هڪ نئون هيرو گهڙي تيار ڪري ٿو ۽ اسان ان کي پنهنجو مسيحا سمجهي ويهي ٿا رهون. حقيقت ۾ اهو هيرو به ان ظالماڻي نظام جو نمائندو هوندو آهي. جيڪڏهن اسان امن، خوشحالي ۽ ترقي چاهيون ٿا ته ان ظالماڻي نظام کي پاڙن کان پٽي ٻاهر اڇلائڻو پوندو. مولانا شوڪت الله انصاري سماجي تبديلي يا انقلاب جي وصف ڪجهه هينئن بيان ڪئي آهي. لغوي معنيٰ ۾ انقلاب هڪ ڏاڍي خراب تبديلي کي چئجي ٿو ۽ تاريخي اصطلاح ۾ انقلاب مان مراد سياسي، اقتصادي ۽ معاشرتي تبديلي آهي جيڪا موجوده قائم نظام، تمدن کي بدلائي بلڪل نئون تمدن ۽ نظام وجود ۾ آڻي.