ڪهاڻي آزادي شوڪت حسين شورو

1881 Shares

ڪهاڻي

آزادي

شوڪت حسين شورو

هڪڙو طوطو آزاد ۽ کلي فضائن ۾ اڏامندو ڪنهن گهر تي اچي ويٺو. اوچتو هن جي نظر اڱڻ ۾ ٽنگيل پڃري ۾ بند ٿيل طوطي تي پئي. پنهنجي هڪ ڀاءُ کي باندي ڏسي هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ويجهو ٿي، ڏک ڀريل آواز ۾ چيائين، ”قدرت اسان کي آزاد رهڻ لاءِ خلقيو آهي، پر هيءُ ڪهڙو نه ظلم آهي، جو ماري اسان جا قدرتي حق کسي اسان کي ايئن غلاميءَ جي پڃري ۾ بند ڪريو ڇڏين.“

غلام طوطي چيو، ”اهي اکر ته ماري استعمال ڪندا آهن ۽ هنن جي غلاميءَ ۾ رهي تون اهي اکر سکي ويو آهين. مون جهڙي آزاد طوطي کي انهن جي ڪابه ضرورت ڪانهي. منهنجي دل ته هڪ ڀاءُ کي باندي ڏسي ڪڙهي ٿي. مان پنهنجن ڀائرن سان گڏجي هن پڃري کي ٽوڙي توکي توکي آزاد ڪرائيندس.“

غلام طوطي پڃري ۾ ڀڙڪو کائي رڙ ڪئي، ”بند ڪر پنهنجي اها بڪواس! مان هن پڃري جو اٽوٽ، ڪڏهن به ڌار نه ٿيندڙ حصو آهيان. تون آزادي ۽ بغاوت جي نالي ۾ مون جهڙن نمڪ حلال طوطن کي ڀڙڪائڻ ۽ استعمال ڪرڻ چاهين ٿو. اهڙي سهڻي پڃري کي ٽٽڻ ڪيئن ڏبو… ڪيئن ٽٽڻ ڏبو!“

آزاد طوطي کان هڪ وڏو ٽهڪ نڪري ويو، هن چيو، ”دوست، آزاديءَ زندگي جو هڪ ڏينهن، غلاميءَ واري حياتيءَ جي سئو سالن کان وڌيڪ بهتر آهي ۽ جيڪو آزاديءَ خاطر نٿو ڪسي، سو اسان جي ڪڙم مان ناهي.  تون ته نمڪ حلاليءَ جي نالي ۾ پنهنجن آقائن جي اشاري تي ٻوليون ٻولين ۽ نچين ٽپين ٿو. منهنجا ڀاءُ تنهنجو ذهن غلاميءَ ۾ رڱجي چڪو آهي. تون پڃري جي گهُٽ ٻوساٽ ۾ ڪني بوءِ تي اهڙو هري ويو آهين جو رڳو آزاديءَ جي ڳالهه جو هلڪو جهوٽو توکي ڪيڏي تڪليف ٿو پهچائي! مبارڪ هجن توکي اهي پڃري جون سيخون، اسان جي منزل ته آزاد فضائن ۾ آهي.“

غلام طوطي بيزار ٿي چيو، ”چڱو چڱو، گهٽ ٻوساٽ ۽ ڪني بوءِ هن سهڻي پڃري جو پنهنجو مسئلو آهي، تنهنجو ان سان ڪوبه تعلق ڪونهي. وڏو آيو آهي آزادي ڏيارڻ، سواءِ بڪواس ڪرڻ ۽ هيڏانهن هوڏانهن رلڻ جي ٻيو اوهان ڇا ٿا ڪريو! اوهان جاهل آهيو، نڪما آهيو، ڪاهل آهيو، ڪم چور آهيو، هليو وڃ هتان، هون.“ پوءِ هو اکيون ٻوٽي، ڪنڌ لاڙي جهوٽا کائڻ لڳو. آزاد طوطي جي اکين مان لڙڪ ڪري پيا ۽ پوءِ هو آزاد فضائن ۾ اڏامي ويو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments