ڪهاڻي سفيد پوش غزالا چنڙ December 2021
ڊاڪٽر سمير اڄ گھر اندر داخل ٿيڻ سان ئي شازي کي سڏڻ لڳو ۽ پوءِ پنهنجي ڪمري ۾ بيهي فائل کولي ان ۾ نقشو ڏسڻ لڳو.
شازي بورچي خاني مان آئي ۽ ڊاڪٽر سمير جي پويان بيهي آهستي چيائين ”جي چئو“
ڊاڪٽر سمير ڇرڪ ڀري ويو، چوڻ لڳو ”ڊيڄارين ٿي!.“
ڊاڪٽر سمير پنهنجي ڳالهه اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳو ”ٻڌ شازي هي..“
شازي وچ ۾ ڳالهه ڪٽيندي شرارتي انداز ۾ چيو: ”ٻڌايو“
ڊاڪٽر سمير: ”تون ڪڏهن سنجيده نٿي ٿي سگھين“
شازي مسڪرائيندي: ”شايد نه“
ڊاڪٽر سمير: ”چڱو ٻڌ ته سهي، هي پلاٽس جي اسڪيم آئي آهي، باءِ پاس جي ڀرسان 200 گز جو پلاٽ 55 لکن ۾ ملي پيو، ٻن سالن جون قسطون آهن، پر…“
شازي: ”پر ڇا؟“
ڊاڪٽر سمير: ”پر اهو ته بڪنگ تي 10 لک رپيا ڏيڻا آھن ۽ ڪنفرميشن تي 5 لک رپيا. مطلب اسان وٽ 15 لک رپيا هجڻ گھرجن.“
ڊاڪٽر سمير ڪجھ سوچيندي چوڻ لڳو: ”منهنجي اڪائونٽ ۾ 8 لک رپيا آهن، پر باقي 7 لک رپيا ڪٿان ايندا“
شازي: ”هن مھيني پنهنجي ويسي به کلڻي آھي، ڏھين تاريخ تائين پئسا ملي ويندا.“
ڊاڪٽر سمير: ”ڪيترا ملندا“
شازي: ”5 لک رپيا“
ڊاڪٽر سمير: ”باقي ڪٿان ايندا“
شازي: ”باقي… ڪجھ پئسا فوٽو ڪاپي ڪرائي ڏيئي ڇڏ“ شازي وري کلڻ لڳي.
ڊاڪٽر سمير منهن ۾ گھنج وجھي ويهي رهيو.
شازي الماري کولي ٽجوڙي مان ڪجھ ڳولڻ لڳي ۽ پوءِ ھڪ پيڪٽ کڻي اچي ڊاڪٽر سمير جي اڳيان رکيو.
ڊاڪٽر سمير: ”هي ڇا آهي؟“
شازي: ”کوليو، ڊڄو ڇو ٿا“
ڊاڪٽر سمير رومال کوليو ۽ چوڙين کي ڏسڻ لڳو.
شازي: ”ايڏو غور سان نه ڏسو گولڊ جون ئي آھن“
ڊاڪٽر سمير؛ ”هنن کي مان ڇا ڪريان؟“
شازي: ”ايڏا بيوقوفن وارا سوال ٿا ڪريو ۽ وري چئو ٿا کل به نه“ شازي کل روڪيندي ڳالهه اڳتي وڌائي ”ھي سيل ڪري ڇڏيو.“
ڊاڪٽر سمير: ”چري آھين ڇا، پوءِ تون ڇا پائيندينءَ“
شازي: ”مون کي نيون کپن، اھي پراڻيون هاڻي مون کي نٿيون وڻن.“
ڊاڪٽر سمير: ”اڇا پوءِ ٺيڪ آھي، ٻن ٽن مهينن کانپوءِ تون نيون ٺھرائي وٺجانءِ.“
شازي: ”شڪر آھي اوهان کي ڳالهه سمجھ ۾ اچي وئي.“
ھڪ ڏينهن ڊاڪٽر سمير گھر آيو ۽ شازي کي سڏڻ لڳو. شازي جيئن ئي ڪمري ۾ آئي ته ان جي ھٿ ۾ رسالو ڏسي ڊاڪٽر سمير پڇيس: تنھنجي ڪھاڻي ڇپي آهي ڇا؟
شازي ھاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو.
ڊاڪٽر سمير: واهه سائين! تون ته وڏي ڪھاڻيڪار ٿي ويئي آهين.
ڊاڪٽر سمير ھڪ فائل ڏيندي شازي کي چوڻ لڳو مون وٽ به تو لاءِ ھڪ سرپرائيز آھي، هي وٺ فائل.
شازي پڇڻ لڳيس ھي ڇا آهي؟
ڊاڪٽر سمير: کولي ته ڏس نه.
شازي فائل کولي پڙهڻ لڳي،
شازي: هي ته پلاٽ جو فائل آهي.
ڊاڪٽر سمير: ها هاڻي تون به ملڪيت واري ٿي وئينءَ. شازي منهن ٺاهيندي جواب ڏنو: اسان عورتون صرف ملڪيتن جا فائل ٽجوڙين ۾ رکي ان جون چاٻيون سنڀالڻ ۾ ئي ڏاڍو خوش هونديون آھيون. ڏيو سنڀالي رکان گم نه ٿي وڃي.“
ڊاڪٽر سمير: ”اڙي يار! فلسفياڻي بحس کي ڇڏ، لفافو ته کول.“
شازي لفافو کولڻ لڳي، لفافي مان فائل ڪڍي ڏٺائين ته حيرت ۾ پئجي وئي. حيرت ۽ مذاق مان ڊاڪٽر سمير کان پڇڻ لڳي: ”غلطي سان منھنجو شناختي ڪارڊ ته نه کڻي ويا هئا؟ هنن ته فائل تي منهنجو نالو لکي ڇڏيو آھي.“
ڊاڪٽر سمير: ”يار تنهنجي نالي ئي پلاٽ ڪرايو آھي.“
شازي حيران ۽ پريشان ٿيندي پڇڻ لڳيس: ”پنهنجي پوري هوش حواس ۽ مرضي سان اهو ڪم ڪيو اٿو نه؟“
ڊاڪٽر سمير منهن ۾ گھنج وجھي چوڻ لڳو: ”نه منهنجا سالا گن پوائنٽ تي مون کان ڪرائي ويا اهو ڪم.“
شازي طنزيه انداز ۾ مسڪرائيندي پڇيس: ”منهنجا اهي همدرد ڀائر ڪڏهن پيدا ٿيا آھن“ ۽ پوءِ ٻئي مسڪرائڻ لڳا. شازي دل ئي دل ۾ ڏاڍي خوش ھئي. جنهن کي ڊاڪٽر سمير محسوس ڪري ورتو هو. ٻه ٽي ڏينهن گذريا ته ٽي وي ۽ اخبارن ۾ ڪورونا وائرس جون خبرون هلڻ لڳيون ۽ ڪجھ ڏينهن کانپوءِ اسڪولن کي به موڪلون ٿي ويون.
هڪ ڏينهن شام جي ٽائيم چانھ پيئندي ڊاڪٽر سمير ۽ شازيه خبرون ٻڌي رهيا هئا ۽ ٻار ٽيبليٽ هلائڻ ۾ مصروف هئا، اچاانڪ ڊاڪٽر سمير اٿيو ۽ شازيه کي چوڻ لڳو: ”اٿ تيار ٿي پاڻ گھر جو سامان وٺي اچون.“
شازيه سستي ۾ چوڻ لڳي: ”اڄ موڊ ناهي سڀاڻي هلون نه“
ڊاڪٽر سمير: ”نه لاڪ ڊائون ٿيڻ جو خدشو آھي، ممڪن آھي مارڪيٽ بند ٿي وڃن ۽ گھر کان نڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ان لاءِ ضروري آھي ھينئر ئي وٺي اچون.“
ڊاڪٽر سمير ۽ شازيه مارڪيٽ لاءِ نڪري ويا ۽ ٻارن کي ٻاهريون دروازو بند ڪري ويهڻ جي تاڪيد ڪري ويا.
اڄ ڊاڪٽر سمير جلدي گھر اچي ويو. شازي جي پڇڻ تي ٻڌايائين ته لاڪ ڊائون ٿي ويو ۽ پوليس دڪان ۽ ڪلينڪ بند ڪرائي ڇڏيا آهن.
شازي: سٺو ٿيو اسان سامان وٺي ڇڏيو ھو. اوهان به ھاڻي گھر ۾ آرام ڪريو، وائرس جي ڪري احتياط ڪرڻ کپي.
ڊاڪٽر سمير ڪمري ۾ ھليو ويو.
ائين ئي وقت گذرندو رهيو.
لاڪ ڊائون کي ٻه مهينا ٿي ويا.
هڪ ڏينهن شازي ڊاڪٽر سمير کي چيو ته گھر جو سامان ختم ٿيڻ وارو آھي ۽ مون وٽ خرچ جا پئسا به ختم ٿي ويا آهن.
ڊاڪٽر سمير: ضروري سامان لکي وٺ ته وٺي اچان.
ڪجهه دير کانپوءِ ڊاڪٽر سمير سامان وٺي آيو ۽ شازي کي آهستي سان چوڻ لڳو ڌيان سان استعمال ڪجانءِ، ڪلينڪ بند آهي ۽ پئسا به ختم ٿي ويا آھن. بينڪ ۾ جيڪي پئسا هئا اهي پلاٽ جي بڪنگ ۾ ڏئي ڇڏيا هئا. پاڻ کي ڪهڙي خبر هئي ته حالات اهڙا ٿي ويندا.
شازي ساڳي شرارتي انداز ۾ چوڻ لڳي: ان کان وڌيڪ ڪيترو احتياط ڪريان، ڏسو منهنجو وزن پنج ڪلو گھٽجي ويو آھي.
ڊاڪٽر سمير: يار توکي ته هر وقت ئي مذاق سجھندو آ.
شازي جواب ڏيڻ کانسواءِ ئي هلي وئي.
پر جڏهن ڊاڪٽر سمير ان کي واپس ويندي غور سان ڏٺو ته پريشان ٿي ويو.
ايئن ئي پندرھن ڏينهن ٻيا به گذري ويا.
اڄ منجھند جو ماني کائيندي پري جڏهن ماني گھري ته شازي پنهنجي دٻڪي مان ماني کڻي ان کي ڏيئي ڇڏي. ڊاڪٽر سمير ان کي ڏٺو ته ان وري پنهنجي ماني شازي جي پليٽ تي رکي ڇڏي.
شازي ماني واپس ڪندي چيس ڇو منهنجو وزن وڌائڻ ٿا چاهيو.
رات جو شازي ماني ٺاھڻ لاءِ سوچي ڪجھ پريشان پئي لڳي ڊاڪٽر سمير ان کي مسلسل ڏسي رهيو هو. اچانڪ گھنٽي وڳي جمال در کولڻ لاءِ ويو ۽ حيرت مان اندر ايندي چيائين،
امي اڄ منهنجي دل برياني کائڻ تي پئي چوي ۽ پاڙي وارن برياني موڪلي ڇڏي، ڪيڏي مزي جي ڳالهه آهي.
شازي جي چھري تي اطمينان اچي ويو.
رات دير سان جڏهن ٻار سمهي پيا ته ڊاڪٽر سمير شازي کي ننڊ مان اٿارڻ لڳو.
ڊاڪٽر سمير؛ شازي اٿ توسان ڪجھ ڳالهائڻو آھي.
شازي: صبح جو ڳالهائجو.
ڊاڪٽر سمير: ٻڌ ته سهي، گھر جو سامان ختم ٿي ويو آ ڇا؟
شازي: ها
ڊاڪٽر سمير: گھر جو سامان ختم ٿي ويو آهي ۽ تون آرام سان ستي پئي آھين، اٿ ته سهي.
شازي اٿندي بيزاري مان چوڻ لڳي منهنجي جاڳڻ سان سامان اچي ويندو ڇا؟ اوهان به سمهي پئو صبح سوچينداسين ڇا ڪرڻو آھي.
شازي سمھي پئي، پر ڊاڪٽر سمير ان کي غور سان ڏسڻ لڳو ۽ سوچڻ لڳو هن کي ته ڪا پريشاني ئي ناهي سڀاڻي ڇا ڪنداسين. ڪنهن کان پئسا اڌارا وٺڻ به ڪيڏو ڏکيو ڪم آھي.
ايئن صبح جا ڏھ ٿي ويا، ڊاڪٽر سمير اٿيو ته شازي پهرين اٿي چڪي ھئي.
ڊاڪٽر سمير پريشاني مان وري پڇڻ لڳس شازي هاڻي ڇا ٿيندو. شازي وري شرارتي انداز ۾ کلڻ لڳي.
ڊاڪٽر سمير ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳس يار توکي اڃان به کل ٿي اچي.
شازي: سوري يار پر پنھنجي ان حالت تي کل ٿي اچي. اوڙي پاڙي وارا ڪيڏو معتبر سمجھندا ھوندا اسان کي، انهن کي ڪهڙي خبر اڄ اسان وٽ ماني پچائڻ لاءِ اٽو ئي ناهي.
ڊاڪٽر سمير کي به ٿوري کل اچي وئي، پر وري شازي جي ڳالهه تي غور ڪندي چيائين شازي واقعي اٽو ختم ٿي ويو آھي؟
شازي شرارتي انداز سان ھا ۾ ڪنڌ لوڏيو.
۽ پوءِ ٻئي هڪٻئي کي خاموشي سان ڏسڻ لڳا.
ڊاڪٽر سمير کي اچانڪ هڪ خيال آيو ۽ شازي کي چوڻ لڳو:
شازي مھرباني ڪري اھو سڀ پنهنجي ڪنهن ڪهاڻي ۾ نه لکي ڇڏجانءِ.
شازي مسڪرائڻ لڳي ڄڻ هوءَ واقعي ڪا ڪهاڻي پئي لکي.
ٿوري دير گذري ته گھر جي گھنٽي وڳي ڊاڪٽر سمير ٻاهر ويو ۽ هڪ لفافو کڻي آيو لفافو کوليائين ته هڪ چيڪ نڪتو ان مان جيڪو شازيه جي نالي تي هو. ڊاڪٽر سمير حيران ٿيندي پڇيو شازي هي ڇا جو چيڪ آ؟ شازي چيڪ ڏسي خوشي مان چوڻ لڳي صحيح ٽائيم تي پئمينٽ ڪئي اٿن.
ڊاڪٽر سمير: پر ڇاجي پئمينٽ؟
شازي: مان هڪ چينل کي ڊراما اسڪرپٽ موڪليا هئا اهي انهن کي پسند آيا ۽ انهن هڪ ايگريمينٽ سائن ڪرايو ھو، هي ايڊوانس پئمينٽ ڪئي اٿن.
ڊاڪٽر سمير: ايڏو سڀ ڪجھ ڪيئي ۽ مون کي خبر ئي ناهي.
شازي: سائين اوهان کي سرپرائيز ڏيڻ پئي چاهيو، پر اڄ ته هنن مون کي ئي سرپرائيز ڏئي ڇڏيو. اڇا هاڻي جلدي بينڪ وڃو ۽ ٻارن جي اٿڻ کان اڳ ۾ سامان وٺي اچو. ايئن نه ٿئي ٻار ئي اسان کي ھن حالت ۾ ڏسي بيعزتي ڪري ڇڏين.
ٻئي هڪٻئي کي ڏسي مسڪرائڻ لڳا ۽ ڊاڪٽر سمير جلدي ٻاهر هليو ويو. اڄ ڪافي ڏينهن کانپوءِ ڊاڪٽر سمير جو چھرو پراعتماد ۽ مطئمن نظر آيو.
***