ڪورونا وبا: اين سي او سي پاران ملڪ ۾ وڌيڪ نين پابندين جو اعلان
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ملڪ ۾ ڪورونا جي نين پابندين جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، اسلام آباد ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي سربراهه اسد عمر ۽ صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل گڏيل طور تي پريس ڪانفرنس ڪئي، اسد عمر چيو ته 30 سيپٽمبر کانپوءِ اسڪول ۽ ٽرانسپورٽيشن ۾ مڪمل ويڪسينيشن کانسواءِ ڪم نه ڪيو ويندو، جڏهن ته مڪمل ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙ ماڻهو فضائي سفر به نه ڪري سگهندا. هن چيو آهي ته 30 سيپٽمبر کانپوءِ مڪمل ويڪسينيشن جي بغير نه ڪو ملڪ ۾ اچي سگهندو ۽ وري ڪو ملڪ کان ٻاهر وڃي سگهندو، شاپنگ مالز، هوٽلز ۽ گيسٽ هائوسز ۾ به هي پابنديون لاڳو هونديون. اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر وڌيڪ چيو ته شادي جي تقريبن ۾ به 30 سيپٽمبر کانپوءِ بغير مڪمل ويڪسينيشن جي شرڪت جي اجازت نه هوندي. هن چيو آهي ته 17 سال ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي شاگردن لاءِ 15 سيپٽمبر تائين ويڪسينِيشن جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊوز لڳائڻ لازمي آهي، نه ته ٻي صورت ۾ اهي به تعليمي ادارن ۾ نه وڃي سگهندا، ان ڪري والدين پنهنجي ٻارڙن جي ويڪسينيشن ضرور ڪرائين، ڇو ته 15 آڪٽوبر کانپوءِ مڪمل ويڪسينيشن جي بغير تعليمي ادارن ۾ داخلا نه ٿيندي. اسد عمر جو چوڻ هو ته ٽرين، بس ۽ ميٽروز سوڌو ٻين پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ 15 سيپٽمبر تائين ويڪسين جو هڪ ڊوز لازمي آهي، جڏهن ته 15 آڪٽوبر تائين ٻيو ڊوز نه لڳرايو ويو ته ٽرانسپورٽ عملو ۽ شهري به ٽرانسپورٽ ۾ سفر نه ڪري سگهندا، ان کان علاوه اسڪولي ٻارن جي ٽرانسپورٽيشن عملي جي لاءِ به 31 آگسٽ تائين ويڪسينيشن لازمي آهي. هن چيو آهي ته موٽرويز ۽ هاءِ ويز تي به 15 سيپٽمبر کان اڳ پهريون ڊوز ۽ 15 آڪٽوبر کانپوءِ ٻيو ڊوز جي پابندي هوندي. واضح رهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 59 هزار 943 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 4 هزار 75 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته وائرس وگهي وڌيڪ 91 ماڻهو فوت ٿي ويا.