ڪورونا ۾ خسارو، ڊزني 28 هزار ملازمن کي ڪڍي ڇڏيو

انٽرٽنمينٽ جي دنيا جي وڏي آمريڪي ڪمپني والٽ ڊزني پنهنجي 28 هزار ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪمپني موجب ڪورونا وائرس سبب اپريل کان جون تائين ان کي 4.7 ارب ڊالرن جو خسارو ٿيو. والٽ ڊزني دنيا ۾ ڪيترن ئي تفريحي پارڪن ۽ هوٽلن جي مالڪ آهي، جن کي وبا سبب بند ڪيو ويو هو. ڪمپني جا ڪجهه تفريحي پارڪ هاڻ محدود سطح تي کوليا ويا آهن.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments