ڪوريا جيئن مون ڏٺو| سرور رشيد صديقي | مارچ 2022
گهڻي وقت کانپوءِ ڊاڪٽر مجيب اقبال سومرو مون سان ملڻ لاءِ گهر آيو، برادرم جميل منگي به ساڻس گڏ هو. پنهنجو لکيل ڪتاب ”ڪوريا جيئن مون ڏٺو“ مون کي تحفي طور ڏنائين ۽ ان تي تبصرو ڪرڻ لاءِ واعدو به ورتائين. مون کي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن پڙهڻ جو شوق ته ننڍپڻ کان آهي، پر ڪڏهن به ڪنهن ڪتاب تي تبصرو نه لکيو آهي ۽ نه ڳالهايو آهي. ڪتاب تي ڪجهه لکڻ کان اڳ ان جي مصنف جو ذڪر لازمي آهي. ڊاڪٽر مجيب اقبال مهراڻ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران منهنجو شاگرد رهيو آهي، هڪ استاد لاءِ شاگرد سڀ هڪ جهڙا هوندا آهن، پر ڪي اهڙا به هوندا آهن جيڪي دل کي موهي وجهندا آهن ۽ انهن ۾ ڊاڪٽر مجيب پنهنجو مٽ پاڻ آهي. اتفاق جي ڳالهه آهي ته هن گريجوئيشن بعد يونيورسٽي جي سليڪشن بورڊ پاران سينئر انسٽرڪٽر طور مقرر ٿي مون کي يونيورسٽي جي مڪينيڪل انجنيئرنگ ورڪشاپ ۾ جوائننگ ڏني. ان وقت ورڪشاپ اپ گريڊ ٿي چڪو هو. شاگردن کي ڪمپيوٽرائزڊ مشينن جي فني مهارت ۽ آگاهي ڏيڻ لاءِ نوجوان گريجوئيٽ استادن جي ضرورت هئي. اها خوشنصيبي مڪينيڪل ورڪشاپ جي هئي جو قادر بخش جمالي، مجيب اقبال سومرو ۽ آفاق رفيق ميمڻ جهڙا جاکوڙي ۽ کاهوڙي نوجوان استاد هڪٻئي پٺيان مقرر ٿي آيا. مڪينيڪل انجنيئرنگ ورڪشاپ هڪ انسٽيٽيوٽ جو ڏيک ڏيڻ لڳو. گورنر صاحب جي انسپيڪشن ٽيم هجي يا سنڌ حڪومت جي اعليٰ عملدارن ۽ پرڏيهي ماهرن جو وفد ۽ ٿر انرجي جا ماهرين جيڪي دوري دوران ورڪشاپ ۾ تربيت وٺندڙ انڊر گريجوئيٽ شاگردن سان روبرو تدريسي عمل ۽ سندن فني ڄاڻ بابت متاثر ٿيا. مون کي ياد آهي ته جديد اوزارن تي سکيا لاءِ شارٽ ڪورسز آفر ڪرڻ لاءِ مون کي ڪراچي ۾ پريزنٽيشن ڏيڻي هئي جيڪا مجيب اقبال جي اسرار تي هن پاڻ تيار ڪئي. مون کي سندس لکڻ جي ڏانءُ جو احساس آهي جنهن جو ڪارڻ سندس خاندان کي علم ۽ ادب جو ورثي ۾ ملڻ آهي. هن ان وقت يونيورسٽي جي سروس دوران مون کي پنهنجي سئوٽ جو لکيل ڪتاب تحفي طور ڏنو هو. سندس مامو ڊاڪٽر بدر سومرو علمي ادبي حلقي ۾ ممتاز حيثيت رکي ٿو. مون کي ياد آهي ته مهراڻ يونيورسٽي جي ڪنهن سيمينار ۾ ڊاڪٽر عقيلي صاحب وائيس چانسلر شاگردن کي پنهنجي صدارت تي خطبي ۾ تمام اهم ڳالهه چئي ته: پڙهيل لکيل ۽ سڌريل قوم جو ڪم آهي ته لکجي ۽ اهو لکجي جيڪي ڪيو وڃي، پر بدقسمتيءَ سان جيڪو ڪيو وڃي ٿو، اهو لکيو نٿو وڃي ۽ جيڪو لکيو وڃي ٿو اهو وري ڪيو نٿو وڃي.
ڊاڪٽر مجيب اقبال اهو ئي ڪري ڏيکاريو آهي ته پرڏيهه ۾ وڃي جيڪو ڏٺو اٿائين سو اسان کي ڪتابي صورت ۾ ڏنو اٿائين. هو ڪوريا بابت ويچار ونڊيندي لکي ٿو ته: ڪورين شاگرد پروفيسر ۽ استاد جي بيحد عزت ڪن ٿا. بدقسمتيءَ سان اسان جي معاشري ۾ استاد ۽ پروفيسر جي ايتري عزت ناهي ڪئي ويندي. ڊسيپلين ڇا آهي، وقت جو قدر ۽ قيمت ڇا ٿيندو آهي؟ قوم ڪيئن هوندي آهي؟ نظم و ضبط، قانون جي حڪمراني ڇا ٿيندي آهي پنهنجو ڪم پاڻ ڪيئن ڪجي؟ وڏا ۽ امير ماڻهو بنا نوڪر جي ڪم ڪار ڪيئن ڪن ٿا ۽ وڏين گاڏين هوندي بسن ۾ سفر ڪيئن ڪن ٿا. سينئر سٽيزنز جي عمر درازي جا راز ڪهڙا آهن. پڙهائي ڪرڻ يا دير تائين مشغول رهڻ ۽ ڏکيو سکيو وقت ڪاٽجڻ جهڙا مامرا ڪهڙا آهن جيڪي نه صرف پرڏيهه ۾ پر پنهنجي ديس ۾ به ڏسڻا پون ٿا.
استاد بخاري سچ ڪيو آهي ته:
”جي هُن هنڌ تي ڪشالا به هوندا
ته پوءِ هِن هنڌ تي جمالا به ٿيندا“
بيشڪ مشڪل کانپوءِ آساني آهي. ڊاڪٽر مجيب اقبال پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن پٽاندر لکي ٿو ته ڪورين ۽ چينين جي شاور رومن ۾ دروازا يا پردا نه هوندا آهن، پر مسلمانن جي شاور رومن ۾ پردا لڳل آهن. هو ان ڳالهه کان به متاثر آهي ته ڪڏهن به ڪنهن ڪورين جي ڪپڙن تي داغ ڌٻو يا ڪنهن شيءِ جو نشان نه ڏٺو آهي. ڪوريا ۾ سائيڪلن هلائڻ جو وڏو رجحان آهي.
ڊاڪٽر مجيب کي هڪ ڪورين دوست جنهن جو پيءُ واپاري آهي، کيس مالي حالتن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ گڏهن جو واپار ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هن دوست کيس صلاح ڏني ته تون پاڪستان ۾ گڏهن جو بندوبست ڪر پوءِ هو اهي چين برآمد ڪندو. هڪ گڏهه جو ملهه ٻه لک رپيا ۽ چين ۾ ان جو اگهه پنج لکن تائين آهي. ڊاڪٽر مجيب پنهنجي ڪتاب ۾ اها ڳالهه واضح نه ڪئي آهي ته چين ۾ گڏهن جو ڪهڙو استعمال آهي. پاڪستان ۾ ته گڏهه ڪمائتو جانور آهي. اڄڪلهه پيٽروليم مصنوعات جي واڌ چاڙهه سبب گڏهه چنگچي آٽو کان وڌيڪ سستو آهي، پر حيرت ۽ عبرت جي ڳالهه آهي ته اسان وٽ گڏهه جي گوشت جو وڪامجڻ شروع ٿي چڪو آهي. ڪنهن دوست شايد مذاق ڪندي چيو ته گڏهن جي گوشت جو ذائقو به ڪمال جو آهي. ڪورينز وٽ هڪ ٽرينڊ اهو به آهي ته هو گهڻو وقت ڪافي شاپ ۾ گذاريندا آهن ۽ ڪافي پيئڻ سان گڏ اتي آفيس جو ڪم ڪار به ڪندا آهن. اهو پڙهي مون کي ننڍپڻ جو زمانو ياد پوي ٿو ته ڪيئن نه حيدرآباد جي رسالا روڊ تي ڪراچي هوٽل ۽ ڪيفي جارج ۾ هڪٻئي جا سنگتي ساٿي، آرٽسٽ يا دفتري ملازم چانهه پيئڻ لاءِ اتي ويندا هئا ۽ پنهنجو وهنوار به اڪلائيندا هئا. هاڻي اهو ماحول ڪونه رهيو آهي. هوٽلون شاپنگ سينٽرن ۾ تبديل ٿي ويون آهن. ڊاڪٽر مجيب ٽن سالن دوران ڪڏهن ڪورين کي وڙهندي يا تيز لهجي ۾ ڳالهائيندي نه ڏٺو ڪوريا ۾ ڪنهن سان جنسي زيادتي ڪرڻ واري کي سزا ۾ نامرد ڪري ڇڏبو آهي. ڪاش! اسان جي ملڪ ۾ به اهڙو قانون پاس ٿي وڃي. سفر نامو پڙهي ڏک ۽ افسوس به ٿيو ته ڪوريا ۾ پاڪستانين کي گهٽ پسند ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري اتي ڪجهه دوست پاڻ کي دبئي جا عرب چوندا آهن جنهن جا مطلب به گهڻا آهن. اها اسان لاءِ نيگيٽو پوائنٽ آهي جيڪو اسان جي ئي هٿ جو ٺاهيل اميج آهي شايد انهيءَ سبب ڊاڪٽر مجيب ڪوريا مان سنگل آيو آهي نه ته اسان وٽ يونيورسٽين جا استاد پي ايڇ ڊي ڊگري وٺڻ سان گڏ شادي ڪري وني به ساڻ وٺي ايندا آهن، ڀل ته اڳ ۾ ئي شادي شده ڇو نه هجن. مجيب اقبال جي ڪوريا ۾ هجڻ دوران سندس نظر گهڻ پاسائي لڳي ٿي. جهڙوڪ اسان جي سنڌ جو جهر جهنگ، وستيون ۽ واهڻ، ماڳ ۽ مڪان، اوطاقون ۽ اوتارا وغيره هن ڪوبه هنڌ ناهي ڇڏيو جنهن جو ذڪر نه ٿيل هجي. هن ڪتاب جي پڄاڻي تي ”دوستن جي سڏ تي ملائيشيا جو دورو“ پڙهي پنهنجن پيارن ۽ پراڻن شاگردن جون يادون تازيون ٿي ويون، جن سان مجيب اقبال روح رهاڻ ڪري آيو آهي، تن ۾ عقيل احمد ڀٽو، قادر بخش جمالي ۽ دانش ميمڻ وغيره شامل آهن. زندگيءَ جي ان سفر ۾ هن واندڪائي ۾ ويٽنام جو به سير ڪرايو آهي. ڊاڪٽر مجيب اقبال جو هي سفر نامو پڙهي سندس محنت جي عظمت کي سلام ڪجي ٿو. هي ڪتاب سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي خاص طور يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پڙهڻ گهرجي.
آخر ۾ ڪنهن اصحابي جي قول جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ته زندگيءَ ۾ ٽي ڪم ضرور ڪجن:
(1) هڪ وڻ پوکجي. (2) هڪ ڪتاب لکجي. (3) هڪ پٽ به ڄڻجي.
يقينن ڊاڪٽر مجيب پنهنجي زندگيءَ ۾ اهي ٽئي ڪم اڳواٽ ڪري ڏيکاريا آهن.
***