ڪولمبيا جو ڪلچرل پويلين ايڪسپو 2020 دبئي ڀون سنڌي
پراڻي زماني ۾ جڏهن اڃان آر سي سي اسٽرڪچر عمارت سازي ۾ متعارف نه ٿيو هو تڏھن ڇتيون لوھ جي ٽيئرن ۽ گاڊرن تي بيھاريون وينديون هيون. ڇت کان مٿي ٻاهر ڇڄو ڪڍڻ لاءِ ٽيئر گاڊر ڇت کان وڌائي لڳايا ويندا هئا. انهن گهرن يا عمارتن ۾ عام طور تي سيمينٽ جي ڄارين جون درين جيڏيون کڙڳيون به هونديون هيون. هي جايون جيڪي هر طرف کان کُليون هونديون هيون، قدرتي ماحول جي عين مطابق هونديون هيون ۽ کُليل هئڻ ڪري پوليوشن کان پاڪ ۽ صاف هونديون هيون. يعني انهن ۾ هوا جو گذر بنا روڪ ٽوڪ جي جاري هوندو هو. موسم جي حساب سان اُھي ٿڌيون بہ رھنديون ھيون. ۽ پوءِ اڳتي ھلي جڏهن آر سي سي اسٽرڪچر متعارف ٿيو ته ان ۾ سيمينٽ سريي (لوھ) ڪنڪريٽ ۽ ريتي وغيره جي استعمال ڪري عمارتن ۾ گرمائش وڌي وئي. بند جايون يا عمارتون جن ۾ نه ايڏيون دريون، نه وڏيون ڇتيون بس رڳو اي سي (ايئر ڪنڊيشنڊ) تي ئي گذارو. سياري ۾ سرد ته وري اونهاري ۾ گرم. قدرتي ماحول جي بلڪل ابتڙ ٺهيل هي جايون جن ۾ تازي هوا جو تصور ايئن آهي جيئن پنهنجن حڪمرانن مان چڱائيءَ جو آسرو رکڻ. هن سڄي تمهيد ٻڌڻ جو مقصد اهو آهي ته پاڻ هاڻ هلون ٿا ايڪسپو 2020 دبئي ۾ ڪولمبيا جو پويلين ڏسڻ جيڪو پراڻي دور جي کُلئي ماحول ۾ ٺهيل عمارتن جي ياد ڏياري ٿو. جي ها ته هاڻ پاڻ پهچي ويا آهيون ڪولمبيا جي پويلين جي بلڪل اڳيان.
توهان جي سامهون تقريبن چوڪور ڊزائين ۾ اڇي رنگ جي ٽيئرن گاڊرن تي ٺهيل بلڊنگ يعني ڪولمبيا پويلين موجود آهي. ھن گهڻ ماڙ بلڊنگ جي ٻاهرئين ڏيک(Front Elevation) ۾ ڇت جا ڇڄا وڌايل آهن ۽ انهن مٿان ٿيل اڏاوت ۾ درين ۽ ڄارين وغيره جي ڊزائن به تقريبن چوڪور آهي. ڪولمبيا پويلين جي اڳيان هڪ مختلف گهاٽن وڻن جي لان ٽائپ ديوار ٺهيل آهي. ان جي ئي پاسي ۾ هڪ وڏو ڪارو پتلو (Sculpture) نصب ڪيو ويو آهي. ٽي ميٽر ڊگهي هن خوبصورت پتلي (مجسمي) ۾ عورت ليٽيل ڏيکاريل آهي. هي خوبصورت شاهي پتلو ڪولمبيا جي مشهور سنگتراشFernando Botero جو ٺاهيل آهي جيڪو هن کان اڳ هانگ ڪانگ جي پينسولا هوٽل ۾ 2018 ۾ لڳايو ويو هو. هن پتلي کي ڪولمبيا سرڪار جي منشا تي خاص طور ايڪسپو جي لاءِ اتان کڻائي هتي نصب ڪيو ويو آهي، جنھن کي ايڪسپو جي ختم ٿيڻ کان پوءِ واپس پنھنجي اصل جڳھ تي لڳايو ويندو. پويلين جي هن مهاڙي واري حصي کي سنگتراش جي نالي پويان بوٽيرو گاربن نالو ڏنو ويو آهي. پراڻي دور جي عمارت سازي جي ياد تازي ڪندڙ امن جي علامت بڻيل اڇي رنگ ۾ ٺهيل هن عمارت جي آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگPacheco Arquitectura ڪئي آهي. 2000 اسڪوائر ميٽرن تي ٺهيل هي ٽي ماڙ پويلين ايڪسپو 2020 دبئي جي اپرچونٽي زون ۾ واقع آهي. ان کان اڳ جو پاڻ ڪولمبيا پويلين جي اندر هلون اچو ته ٿورو ڪولمبيا ملڪ بابت ڪجهه ڄاڻي وٺون.
انڊيز (Andes) جي پهاڙي سلسلي ايميزون(Amazon) جي شاهي ٻيلي (جهنگل)، ڪئريبيئن(Caribbean) ۽ پئسيفڪ سمنڊ جي حدن ۾ واقع ڏکڻ آمريڪا جو هي ملڪ ري پبلڪ ڪولمبيا سڏجي ٿو. هن ملڪ جي ڪل پکيڙ 1141748 اسڪوائر ڪلو ميٽر آهي ۽ آبادي ڇهه ڪروڙ آهي، جنھن ۾ 88 سيڪڙو عيسائي، 10.5 سيڪڙو لادين ۽ باقي ٻين عقيدن وارا ماڻهو اچي وڃن ٿا. پاڻ وٽ ته ساڳئي مذهب وارو ماڻهو به هڪٻئي جو جيئڻ حرام ڪريو ويٺا آهن ۽ جي ڪو پاڻ کي لادين چوائي ته ان کي سنگسار ڪندي دير ئي نه ٿئي. پر هتي عقيدي توڙي بنا عقيدي وارا ماڻهو هڪٻئي ۾ فضيلت ۽ رواداري جي اصولن جي پاسداري ڪندي پيار محبت سان گڏ رهن ٿا. اهو انهيءَ ڪري جو اُهي هڪٻئي جي عقيدي ۾ ٽنگ نٿا اڙائين ۽ نه ئي ٻئي جي عقيدي يا عقيدي نه هئڻ کي غلط سمجهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو هي ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي ۽ ٽوئرزم جو Hub آهي، جنهن ۾ پرڏيهي سياح آڌي مانجهي بنا خوف خطري جي گهمي ڦري سگهن ٿا. هن ملڪ جون سرحدون ٻين ملڪن جن ۾ برازيل، وينزويلا، اڪواڊور ۽ پيرو شامل آهن ملن ٿيون. ڪولمبيا جي گادي جو هنڌ بوگوٽا(Bogota) آهي ۽ سرڪاري ٻولي اسپينش آهي. ملڪ جا 99 سيڪڙو ماڻهو اسپينش ڳالهائين ۽ سمجهن ٿا، پر پوءِ به هتي قديمي آمريڪن انڊين(Amerindian) لهجي واريون ٻوليون جن جو تعداد تقريبن 65 آهي اهي به ڪٿي ڪٿي ڳالهايون وڃن ٿيون.
هاڻي هلو ته پويلين جي اندر هلون. جيئن ئي توهان پويلين جي اندر داخل ٿيندا ته توهان کي ڪافي جي خوشبوءِ محسوس ٿيندي جيڪا ان حصي ۾ قائم هوٽل مان اٿي توهان جي سواسن کي معطر ڪندي گذرندي. ڪولمبيا، برازيل ۽ ويٽنام کانپوءِ دنيا جو ٽي نمبر تي ڪافي برآمد(Exporter) ڪندڙ وڏو ملڪ آهي. پهريئن فلور تي توهان کي چھري تي وات جي ويجھو اسپيڪر لڳل خوبصورت عورت ڀليڪار چوندي ۽ ڪولمبيا جي ڪافي ۽ ٻين قدرتي پيدا ٿيندڙ شين بابت ڄاڻ ڏيندي. هن ئي حصي ۾ توهان کي زمرد پٿر جا زيور وغيره به شوڪيسن ۾ سجايل نظر ايندا ۽ ساڳئي وقت زمرد (سائي رنگ جو پٿر) جي جڙاءُ جا پرس، ٿيلها ۽ گلدان به مختلف رنگن ۾ نظر ايندا. ڪولمبيا دنيا جو وڏي ۾ وڏو زمرد جي ذخيرن جو ملڪ آهي. دنيا جو تقريبن 50 کان 95 سيڪڙو زمرد هن ملڪ مان برآمد(Export) ٿئي ٿو. ان کانسواءِ هن حصي ۾ توهان کي هتي جي تهذيب و تمدن سان لاڳاپيل فريم فوٽو ۽ هنري شيون به ڏسڻ لاءِ ملنديون. هتان توهان جي اينٽري هڪ ٻي سيڪشن ۾ ٿيندي، پر ان کان اڳ توهان کي ديوار تي پراڻي دور جي ڪيٿولڪ پيشوائن جا پٿر جا پتلا (مجسما) به ٺهيل نظر ايندا. هن سيڪشن ۾ ٽن طرفن پورين ديوارن تي لڳل فل ايل اي ڊي اسڪرينن تي ڪولمبيا جي پهاڙي سلسلي (Aderian Region) بابت ڄاڻ ڏني وڃي ٿي. پهاڙي علائقن جي رهڻي ڪهڻي ۽ فطري منظر ڪشي سان ڀرپور ڊاڪيومينٽرين کي ڏسندي ماڻهو هڪ واري محسوس ڪري ٿو ته ڄڻ هو به اُنهن وادين ۾ زندگي گهاريندڙ ئي هڪ فرد آهي. اتان توهان جي داخلا وري ٻئي فلور تي ٺھيل سيڪشن ۾ ٿئي ٿي. هي سيڪشن ڪولمبيا جيAmazon Region تي مشتمل آهي. هن سيڪشن ۾ توهان کي دنيا جي وڏي جهنگلي جيوت جي ٻيلي (forest) اميزون متعلق دستاويزي فلم ڏيکاري وڃي ٿي. اميزون جون حدون ھونئن ته ڪافي ملڪن سان لڳن ٿيون، پر هن ڊاڪيومينٽري ۾ توھان کي ڪولمبيا سان لڳندڙ اميزون ايريا جي جهنگلي جيوت ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ پيداواري ذريعن بابت ڄاڻ ڏني وڃي ٿي. ھن ٻيلي جي ماکي پڻ مشهور آهي ۽ ڪولمبيا جي مٺاس واري ماکي هيٺ ڪولمبيا جي شاپ تي وڪري لاءِ پڻ رکي وئي آهي. ان کانپوءِ توهان جي جنهن سيڪشن ۾ داخلا ٿئي ٿي ان کي نالو ڏنو ويو آهيOrinoco Region اورينوڪو ندي جو 75 سيڪڙو حصو وينزويلا ۾ آهي ۽ باقي 25 سيڪڙو ڪولمبيا ۾ آهي. هي لاطيني آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي ندي آهي ۽ دنيا جي چوٿين نمبر تي وڏي ندي آهي. هن سيڪشن ۾ هلندڙ ڊاڪيومينٽري جيڪا توهان کي سئنيما اسٽائل سيٽن جي طرز تي ترتيب ڏنل سيٽن تي ويهاري ڏيکاري وڃي ٿي، ان ۾ هن ندي تي پروان چڙهندڙ تهذيبن، ماڻهن جي ثقافتي، تهذيبي ورثن، فطرتي ماحول ۽ منظرن متعلق ڄاڻ ڏنل آهي. اُن کانسواءِ هن ندي تي ٿيندڙ زراعت ۽ فصلن جي پيداوار تي به تفصيلي معلومات ڏنل آهي. ڪولمبيا سڄي دنيا کي گُل سپلاءِ ڪرڻ وارن ملڪن ۾ ٻئي نمبر تي آهي ۽ هتي جا ڪيلا به ڏاڍا مشهور آهن. جيتوڻيڪ اُهي ڪيلا سائيز ۾ ننڍا آهن، پر ذائقي جي حساب سان ماڻهن ۾ زياده پسند ڪيا وڃن ٿا. هن سيڪشن کانپوءِ توهان جي داخلا جنهن سيڪشن ۾ ٿئي ٿي اهو پئسفڪ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ان جي ڪنارن تي وسندڙ ماڻھن توڙي ٻين ساھوارن بابت آهي. هن سيڪشن ۾ توهان کي ديوارن تي لڳل فل اسڪرينن جي ذريعي سامونڊي مخلوق ۽ ان جي ڪنارن سان آباد انساني زندگي جي رھڻي ڪھڻي، ريتن رسمن ۽ رواجن بابت ٻڌايو وڃي ٿو، ساڳئي وقت سمنڊ ۾ شڪار ۽ سفر جي جديد سامانن ۽ سامونڊي جهازن بابت به ٽيڪنڪ ۽ ٻيِ ڄاڻ ڏني وئي آهي. هن کانپوءِ توهان جي آخري داخلا پويلين جي آخري حصي يعني ٽين منزل تي ٿئي ٿي. هن وڏي هال ۾ ميوزڪ ڊرم (دهل) سيٽ ٿيل آهن. توهان جي سامهون هڪ ڊاڪيومينٽري هلي ٿي ۽ اتي ئي بيٺل هڪ گائيڊ توهان کي ڪولمبيا جي مشهور ميوزڪSalsa تي ڊرم وڄائڻ جو انداز (طريقو) سيکاري ٿي. سالسا ميوزڪ لاطيني آمريڪا جي خطي جي مشهور ميوزڪ آهي جنهن ۾Blues ،Jazz ۽Rock جي آميزش آهي. جيڪڏهن توهان ميوزڪ ۽ ڊانس جا شوقين آهيو ته گائيڊ جي هدايتن(Instructions) جي پوئيواري ڪندي ڊرم وڄايو ۽ قدمن کي ان حساب سان چوري ڊانس ڪريو. گائيڊ جي هدايتن جي پسمنظر ۾ گڏوگڏ اسڪرين تي اهڙيون ڊانسون به ھلڻ شروع ٿي وڃن ٿيون. تقريبن پويلين ڏسندڙ سڀ شائقين گائيڊ جي قدمن جي ٽاپ جي پوئواري ڪندي اسڪرين تي ھلندڙ ڊرمن جي انداز ۾ پنھنجي اڳيان رکيل ڊرم وڄائي من کي ريجھائن ٿا. ھي سونھن ۽ رومانس ڀريو ماحول ماڻھو جي من کي موسيقي سان ڳنڍي رکي ٿو ۽ اُن ويل ھي دنيا ڏاڍي خوبصورت باسي ٿي. ظاھر آھي ان خوبصورت ماحول ۾ پاڻ به ڪٿي ٿا اُن کان الڳ رھي سگھون. سو پاڻ به مِٺي ماکي، ذائقيدار ڪيلن ۽ اميزون جي فطرتي سونھن سان تراشيل ماڻھن سان گڏجي سالسا ميوزڪ تي ڊرم وڄائي ان ردم تي ڊانس ڪئي. ڪولمبيا جا ماڻهو سمنڊ، پهاڙي سلسلن ندين ۽ گهاٽن جهنگلن هئڻ سبب فطرت سان ڳنڍيل آهن ۽ مزاجن خوش طبع ۽ زنده دل آهن. اهو ئي سبب آهي ته هو ميوزڪ جا به شوقين آهن. دنيا ۾Reggaeton جي مشهور ڳائڻي شڪيرا(Shakira) به ڪولمبيا سان واسطو رکي ٿي. جيتوڻيڪ Reggaeton موسيقي جو جنم 1990ع ۾Puerto Rico خطي ۾ ٿيو، پر اها پروان ڪولمبيا ۾ چڙهي، جيڪاHip Hop سان گڏRapist ۽ ووڪل ادائگي جي آميزش سان پوري دنيا ۾ ڇانئجي وئي. دنيا جي ڄاتل سڃاتل گلوڪارا شڪيرا جيڪا ڪولمبيا جي شهرBarranqila ۾ 2 فيبروري 1997 ۾ ڄائي اُن جا هن وقت تائين 70 ملينس کان مٿي البم وڪرو ٿي چڪا آهن، جن ۾ هن جا مشهور البم وڪا وڪا ۽ هِپس ڊونٽ لاءِ(hips don’t lie) شامل آهن. ڪولمبيا جي ڄائي ۽ دنيا ۾ مشھوري ماڻيندڙ ڳائڻي شڪيرا، گريمي جرمني، گريمي ليٽن ۽ آمريڪن ميوزڪ ايوارڊس کانسواءِ ٻيا به کوڙ سارا ايوارڊ حاصل ڪيا آهن. ڪولمبيا جو سُر سنگيت سان جيڪو لڳاءُ آهي، ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن جي گادي جي هنڌBogota شهر کي يونيسڪو طرفان تخليقي شهر(Creation City) قرار ڏنو ويو آهي. هي شهر 1000 کان مٿي بحرن يا سُرن (Rhythms) جو خالق آهي ۽ جن جي آميزش سان 157 کان به مٿي ڌنون ترتيب ڏنيون ويون آهن.
ڪولمبيا پويلين جي هر سيڪشن ۾ ويندا ته اتي هلندڙ هلڪي موسيقي ڪولمبيا جي ماڻهن جي مزاج ۽ ذوق جي عڪاسي ڪندي ٻڌڻ ۾ ايندي. ڪولمبيا جي ماڻهن جي خوش مزاجي، زنده دلي ۽ سُر سنگيت سان نسبت جي عڪاسي پويلين جي مقرر ڪيل ٿيمThe Rhythm that Connect us to the Future مان به ٿئي ٿي. ڪولمبيا جي ماڻهن جو فطرت سان لڳاءُ ۽ پيار پويلين جي ٺاهيل کليل ڊزائين مان به ظاهر آهي، جيئن هر طرف کان پويلين جي کليل ڊزائين آزاد ۽ وشال فطرت سان جڙيل رهي ٿي تيئن ڪولمبيا جا ماڻهو به آزاد فطرت ۾ ساهه کڻندي زندگي گهارين ٿا ۽ آئيندي سنوارڻ لاءِ فطرتي سُرن جي تال تي سُر ملائيندي نڪري پون ٿا.
هن سان گڏ پنھنجو ڪولمبيا جو سفر اختتام تي پهچي ٿو ۽ ٻاهر نڪرڻ جو رستو ڪولمبيا پويلين جي گفٽ شاپ وٽان گذري ٿو، جتي ڪولمبيا جي ڪافي، ماکي، چاڪليٽ، زمرد جي پٿر (هيري) جا زيورات، پرس، ٿيلها گلدان ۽ ٻيون هنري شيون رکيل آهن. دل چاهي ته خريد ڪريو ۽ ڪافي شاپ تان ڪولمبيا جي مشهور ڪافي به پيو. جي نه ته پويلين مان ٻاھر نڪري ايڪسپو جي خوبصورت وڏن ۽ ويڪرن رستن تي هلڻ شروع ڪريو، وري ڪنهن ٻئي پويلين يا ايڪسو جي مختلف منچن تي ٿيندڙ شوز ڏسڻ لاءِ، يا واپس ماڳ موٽڻ لاءِ.
جيئن ته ٻنپھرن ۾ ايڪسپو پھچڻ کانپوءِ ڪجھ پويلين ۽ ميوزڪ پروگرام ڏسڻ کانپوءِ ھاڻ ٿورو ٿڪاوٽ به محسوس ٿي رھي ھئي، انھيءَ ڪري ايڪسپو جي عالمي ميلي کي متل ڇڏي موٽڻ جو رٿيم. ماڻھن کي ايڪسپو ۾ مختلف لوڪيشنس يا اينٽري ۽ ايگزٽ گيٽ تائين پھچائڻ لاءِ ايڪسپو ۾ مفت بوگي( بگي به چون) سروس بہ مھيا ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ ست اٺ ماڻھو ويھي سگھن ٿا. بوگين جي ھلڻ لاءِ ايڪسپو جي روڊن تي الڳ ٽريڪ ٺھيل آھي. مون رستي تان لنگھندڙ بوگي کي هٿ ڏنو ۽ بوگي بيھي رهي. مون کي هڪ ليڊي (عورت) جي ڀرسان جڳھ ملي. رستي هلندي پڇيومانس، ”ڪٿان جا آهيو؟“ چيائين، ”فرانس جي آهيان ۽ جرمني جو پويلين ڏسڻ پئي وڃان.“ ٿوري دير کانپوءِ ڊرائيور بوگي بيھاريندي چيو، ”مئڊم يوئر اسٽاپ.“ ليڊي چيو، ”اوڪي! ٽو مچ ڪيو، سو موو“ (Ok, too much Que, so move) ڊرائيور جيڪو منھن مھانڊي ۾ پنھنجي ننڍي کنڊ جو لڳو پئي ۽ جنھن جي انگريزي به مون وانگي پوري پني لڳي ٿي، تنھن به دير ڪونه ڪئي، فٽافٽ چئي ڏنائين، ”مئڊم يو آر آلسو ڪيوٽ“Madam you are also Cute بس اهو ٻڌندي مون کان زوردار کل نڪري وئي ۽ مئڊم (ليڊي) به مسڪرائي ڏنو. مون ڊرائيور کي چيو، ”مئڊم جي چوڻ جو مطلب هو ته جرمني پويلين تي وڏي قطار(Que) لڳل آهي، انھيءَ ڪري ان کي ڇڏ ۽ اڳيان هل. تو وري ڪيو (Que) کي ڪيوٽ(Cute) سمجهي ورتو.“
پاڻ وٽ جوان بس شل نه ڪا عورت ڏسن، پوءِ ته وات مان گھگھ بيھندين ڪونه ۽ وري جي عورت خدانخواسته غير ارادن نھاري يا ٻئي ڪنھن سان ڳالھائيندي هجي، تڏهن به هو پاڻ ڏانھن سمجھندا ۽ عشق ۾ انڌا ٿي ڪپڙن ۾ نه پيا ماپندا. تڏهن ته سياڻا چئي ويا آهن، ”ٻليءَ جي خواب ۾ ڇيڇڙا.“
اها ته ٿي پاڻ واري پدري سماج ۾ مرد جي ذهنيت(Mentality) ۽ اھڙي حرڪت ڪرڻ جو ھڪ ٻيو سبب گھٽ ٻوسٽ وارو ماحول به آھي، جنھن ۾ عورت مرد لاءِ سدائين نگاھن جو مرڪز بني رھي ٿي ۽ مرد اھڙيون حرڪتون ڪرڻ لڳندو آھي ڄڻ ھن عورت پھريون دفعو ڏٺي ھجي.
وري اچون ٿا پاڻ واري سماج ۾ عورت جي سوچ تي. هن مغربي عورت ته ڊرائيور جي حرڪت تي مسڪرائي ڏنو، پر ٿورو سوچيو، اِن مغربي عورت جي جاءِ تي جي پاڻ واري عورت هجي ها ته هڪڙي گار لاهيس ها ۽ ٻي چاڙهيس ها ۽ وري رستي ويندڙ جوان، خدا ڪارڻ اُن جا غيرتمند ڀاءُ بڻجي اچي گڏ ٿين ها، سي به ڊرائيور سان گھٽ ڪونه ڪن ها ۽ کيس پادر به ٺاھوڪا ھڻن ها.
دراصل اِهي آهن اسان جي سماج ۾ ماڻھن جا رويا، ذهنيتون، سوچون ۽ مزاج، جيڪي گُھٽ ٻوسٽ ۽ پابندين کان پاڪ، روشن خيال سماج اڏڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. ظاھر آھي اھي رڪاوٽون دور ٿينديون جديد تعليم ۽ تربيت سان، جنھن جو اونو نه عوام کي آھي ۽ نه وري اھي ڪڏھن ھن ملڪ ۾، ڪنھن به سرڪار جي ترجيحات ۾ شامل رھيون آھن.
***