ڪولن پائول ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو
اڳوڻو آمريڪي پرڏيھي وزير (سيڪريٽري آف اسٽيٽ) ڪولن پائول ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو. پرڏيھي ملڪي ميڊيا موجب ڪولن پائول جي گھر ڀاتين جو چوڻ آھي ته ڪولن پائول جو موت ڪورونا جي طبي پيچيدگين سبب ٿيو. ياد رھي ته ڪولن پائول اڳوڻي آمريڪي صدر جارج بش جونيئر جي دور ۾ 2001 کان وٺي 2005 تائين آمريڪا جو پرڏيھي سيڪريٽري رھيو. هو آمريڪي فوج جو سربراهه ۽ آمريڪا جي قومي سلامتي جو صلاحڪار به رھي چڪو ھو