ڪوڙ به آهي ڏاڍو پُراڻو… شوڪت اڄڻ March 2021
انسانيت جي آجپي جي تاريخ ۾ ترقي پسندي، سماج ۾ جمود کي جهورڻ ۽ ناس ڪرڻ جي ڪوشش جو نالو آهي. اهڙو جمود جيڪو ظلم، اونداهه ۽ جهالت کي قائم رکندي قليل ظالم ۽ ڪثير مظلوم جي ريت کي روا رکي ته اهڙي جمود کي للڪارڻ جو نالو ترقي پسندي آهي.
دنيا جي ڪتاب گهرن ۾ اڪثريت اهڙن ڪتابن جي آهي جن جا پنا جمود کي جاري رکڻ لاءِ ڪارا ڪيل آهن. ايتري حد تائين جو اداراتي تحقيق (Academic Research) ۽ تاريخ به جمود جي آبياري ڪرڻ لاءِ ڪئي ۽ لکي ويندي آهي، جيڪا ريت اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهي. تمام ٿورا ڪتاب ۽ پنا آهن جيڪي جمود جو سينو چيرين ٿا ۽ دنيا کي روشني آڇين ٿا. اهڙي ئي طريقي سان شاعري به تمام گهٽ آهي جيڪا جمود کي للڪاري ٿي. باقي اڪثر شاعري طرح بازي، واندڪائي جي وندر ۽ محبوبا جي مدح آهي.
اهڙي جدت پسندي ۽ ترقي پسندي دنيا جي هر قوم ۽ ملڪ جي ادب ۽ شاعري ۾ هر دور ۾ ڪو نه ڪو غير رواجي انسان آڻيندو رهيو آهي، پر اهڙا سچ جا موتي جي پئي پراڻا نه ٿين سي آهن ڏاڍو ٿورا. سنڌي ادب ۾ ڀٽائي ۽ سچل کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اهڙا جمود جهوريندڙ ٿورائي سهي، پر گوهر پيا آهن.
1843ع ۾ سنڌ انگريزن هٿان مفتوح ٿيڻ کانپوءِ ۽ سنڌ کي موجوده لپي ملڻ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ جدت پسندي ته متعارف ٿي، پر ترقي پسندي تڏهن آئي جڏهن سنڌ جو پڙهيو لکيو ماڻهو دنيا جي نون رجحانن ۽ لاڙن سان روشناس ٿيو. پوءِ اها جدت پسندي ۽ ترقي پسندي ڪشنچند بيوس، شيخ اياز کان ٿيندي تاج بلوچ ۽ امداد حسيني وٽ پهتي جن سماج ۾ جمود کي للڪاريو. ادب ۽ شاعري جي ذريعي، لفظن جي چونڊ، موضوع جي چونڊ کان وٺي اندازِ بيان تائين، هنن گندي ۽ بيٺل پاڻيءَ کي سڪائڻ جي ڪوشش ڪئي.
امداد حسيني ان طرح بازي، مدح خواني ۽ روايت جي گندي ڍنڍ کان اوپرو ٿي بيٺو سنڌي ادب کي 1976ع ۾ “امداد آهي رول” جي نالي سان شاعري جو پهريون مجموعو ڏنو جيڪو سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ جمود کي للڪارڻ ۽ ڪوڙ کي اگهاڙو ڪرڻ ۾ هڪ انتهائي نمايان حيثيت رکي ٿو. سنڌ جيڪا ان دور ۾ سياسي سنڍ پڻي، مذهبي ۽ روايتي سوچ جي ڪوٽ ۾ قيد هئي ۽ الائي ڪيترين حويلين ۾ سنڌ جون نياڻيون قرآن سان پنهنجا حق بخشرائي ويٺيون هيون ته اهڙي قبيح معاشري ۽ حالت ۾ امداد واقعي حسيني ٿي بيٺو سماج ۾ بغاوت جي خوشبوءِ ٻرائي ڇڏيائين ۽ انهن حويلين جي صاحبن کي انهن قيد نياڻين جي زبان ٿي چئي ڏنائين ته “اسين پاڻ آهيون اوهان جهڙا انسان” سندس شاهڪار نظم “بدلو” مان کنيل ڪجهه ٽڪرا پڙهڻ، ويچارڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ هيٺ ڏجن ٿا:
مگر سائين جن کي اها ڄاڻ آهي
ته لاڏن ۽ ڪوڏن سان پاليل نپايل
سڀاڳيون صدوريون سڳوريون ڪنواريون
محبت جون بکيون اڃايل اڃايل
اجهاڻل اجهاڻل سڪايل سڪايل
خدا جن کي پنهنجي هٿن ساڻ ٺاهيو
بدن جن جو ريشم ۽ اطلس ۽ اکيون
شرابن طهورا شرابن طهورا
جي ڪوٽن جي آهن قفس منجهه قابو
اوهان جن جي جهوليءَ ۾ قرآن پائي
چيو: هي ئي آهي اوهان جو سڀو ڪجهه
اوهان جون اکيون خواهشون جسم هن جو ئي آهي
هُنن کي جڏهن ڄاڻ پوندي ته قرآن
گلابي چپن کي چمي ڪونه سگهندو
رُسي ڪونه سگهندو، نه پرچائي سگهندو
اڱڻ تي ستارن جي جهرمر جي وچ ۾
جڏهن چوڏهين رات جو چنڊ چڙهندو
ته سيني سان سينو ملائي نه سگهندو
ڇا ته ڪمال جي زبان ٿيو آهي امداد، انهن حويلين ۾ قيدياڻين جي، هڪ نئين اندازِ بيان سان، انتهائي سادي ۽ خوبصورت ٻوليءَ ۾، پر بغاوت ۽ احساس جي انتهائي ڇهاءُ سان گڏ، سماجي ۽ مذهبي جمود جو سينو چيريندي ٿي وڃي امداد جي شاعري جنهن ۾ نياڻين جي انقلاب جو سج چڙهندي نظر ٿو اچي. ايئن ٿو محسوس ٿئي اجهو ڪي انقلاب آيو. شاعر جو ڪم ئي اهڙو حوصلو ڏيڻ آهي.
امداد سنڌي شاعري ۾ انتهائي غير روايتي نظم لکيا جن جا عنوان به نوان ۽ غير روايتي آهن ته انهن ۾ تشبيهون ۽ استعارا به نوان، جاندار ۽ حد کان وڌيڪ محسوس ٿيندڙ آهن. محبوب سان مخاطب ٿي يا ايئن کڻي چئجي هم ڪلام ٿي شاعري ڪرڻ جو انداز به نرالو آهي.
هن نظم ۾ ڏسو ته ڪيئن ٿو محبوب سان هم ڪلام ٿئي جنهن ۾ استعارن جو استعمال ته ڪمال جو آهي ۽ روايتي استعاري جي رَد يا نفي جو حسن به محسوس ڪرڻ وٽان آهي:
عيد جو چنڊ ته ناهيان جو نهارين مون کي
مان ويل وقت ته ناهيان جو پڪارين مون کي
تنهنجي تصوير ته ناهيان جو ڏسيو پيئي ڏسين
تنهنجو آئينو ته ناهيان جو اجارين مون کي
آئون ڪو زخم ته ناهيان جو ڇٽي جهٽ پوان
آئون ڪا ياد ته ناهيان جو وسارين مون کي
سندس اهڙي انداز کي پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته ان کي هم ڪلامي چئجي يا خود ڪلامي چئجي! بهرحال عجيب ڪيفيت آهي جيڪا بلڪل نئين ۽ حسين انداز ۾ بيان ڪئي وئي آهي. هتي انگريزي ادب جو شاعر (Robert Browning) ٿو ياد اچي جنهن جا جڳ مشهور (Monologues) به هن ئي طرز تي محبوبه سان مخاطب آهن.
سماجي براين جي جمود کي به امداد انتهائي اعليٰ انداز سان عڪاسيو ۽ للڪاريو آهي. نظم اهڙو جو گفتگو ٿي لڳي، ڳالهه اهڙي جو پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان نشو ٿو چڙهي، حقيقت اهڙي جو ماڻهو جي جسماني فطرت جو عڪس ٿو لڳي، غور سان ويچاريو ته اهڙي حالت کان بيزاري محسوس ٿيندي. اهي سڀ ڳالهيون هڪ ئي نظم ۾ ڪرڻ ڪمال جو جادو آهي. سندس نظم “چڪلو” پڙهي ڏسو:
ڪوجهو توڻي ڪاڻو آهي
اڄ رات ته هرڪو راڻو آهي
ماڙي ماڙي واندي آهي
تنهنجي منهنجي چاندي آهي
ڪوبه چوڻ وارو ڪونهي ڪو
ڪوبه پڇڻ وارو ڪونهي ڪو
تون به نشي ۾، مان به نشي ۾
چنڊ به آهي پنهنجي لئي ۾
هل ته هلي اڄ موج ملهايون
ڪاڪ محل جو در کڙڪايون
پريت جو هڪڙو پل ئي سهي
ڇوريءَ جو ڪو ڇُل ئي سهي
کاڌل ئي سهي، پيتل ئي سهي
مومل نه سهي، سومل ئي سهي!
انسانيت جي آجپي ۽ برابري جي تحريڪ ترقي پسنديءَ جي هڪ اهم علامت پنهنجي ڌرتيءَ سان غير مشروط پيار آهي. پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن کي برابري ۽ مان ڏيڻ لاءِ امداد وقت جي ظالم کي هڪ نئين انداز سان للڪاري ٿو. ائين ٿو لڳي سندس شاعريءَ جو گهڻو حصو ڀلي ڪهڙا به عنوان هجن، پر انهن جو مرڪز ۽ محور ڌرتي آهي.
سڀ ليکا چوکا لاهيندي
هيءَ ڌرتي توتي داهيندي
يا
سنڌڙي تون آن ساهه اسان جو، توکي ڪيئن ڇڏينداسين
مرندي مرندي هن مٽيءَ جي، منهن تي مُٺ ملينداسين
شاعراڻي مدح خواني جي جمود کي ٽوڙڻ ۽ مذهب فريبي لبادي کي چيرڻ ڦاڙڻ هڪ شاعر لاءِ چئلينج آهي هڪ سچو شاعر ئي اهڙي جمود کي ٽوڙيندو آهي ۽ للڪاريندو آهي. امداد پنهنجي طلسماتي نظمن ۾ انهن ٻنهي ڳالهين کي خوبصورت انداز سان بي نقاب ڪيو آهي. سندس نظم پڙهڻ سان حيرت وٺيو وڃي ته آخر شاعر محبوب جي مدح خواني ڪري ٿو يا عام مدح کي رد ڪري ٿو ۽ پنهنجي احساس ۽ ڪيفيت جو خوبصورت جام ڇلڪائي ٿو. سندس هڪ نظم “پيار ڪيو مون آهي” جنهن ۾ امداد کي ڪوڙ جي ڄمار جي ته پڪ آهي، پر محبوبه جي مدح ۾ چيل تشبيهن لاءِ پڙهندڙن جي آڏو هڪ خوبصورت ڪاڪ محل جهڙي ڳجهارت رکي ٿو:
پيار ڪيو مون آهي
هڪڙي اهڙي گوريءَ سان
ڪاڪ محل جي ڇوريءَ سان
جنهن جي چيلهه نظر اچي ٿي
جنهن جو قد مينار نڪو شمشاد
جنهن جو تن اسلام نڪو الحاد
جنهن جو چهرو ويد نڪو قرآن
جنهن جون اکيون اکين جهڙيون
تو جهڙي ۽ مون جهڙي جنهن جي چال
نه صبا خرام نه هرڻ جا ڇال
پراڻيون آهن سڀ تشبيهون
ڪوڙ به آهي ڏاڍو پراڻو مذهب وانگي!