گهاٽي جو سودو
ڪهاڻي
گهاٽي جو سودو
سعادت حسن منٽو
ترجمو: زاهده ابڙو
ٻن دوستن گڏجي ڏهن ويهن ڇوڪرين مان هڪ ڇوڪري چونڊي ورتي ۽ ٻائيتاليهه رپيا ڏيئي هن کي خريد ڪيو-
رات گذارڻ کانپوءِ هڪ دوست ان ڇوڪريءَ کان پڇيو- “تنهنجو نالو ڇا آهي؟”
ڇوڪري پنهنجو نالو ٻڌايو ته سندس دماغ گهمي ويو-
“اسان کي ٻڌايو ويو هو ته تنهنجو تعلق ٻئي مذهب سان آهي-”
“ڇوڪريءَ جواب ڏنو- هن توهان سان ڪوڙ ڳالهايو هو-”
اها ڳالهه ٻڌندي ئي هو پنهنجي دوست ڏانهن ڍوڙيو ۽ ان کي سڄي ڳالهه ٻڌائيندي چيائين-
“هن حرامزادي اسان سان دوکو ڪيو آهي-”
“هن اسان جي ئي مذهب جي ڇوڪري اسان کي پڪڙائي ڇڏي آهي…. هل ته واپس ڪري اچون-”
(منٽو ڪي سئو افساني)