ڪهاڻيون

گهگهر ڦاٽڪ تي ٿيل موت انور ابڙو August 2021

گهگهر ڦاٽڪ تي ٻارهن سالن جي نياڻي امِ ڪلثوم سان زيادتي ڪري ان کي ماري اڇلائي ويا. ماريندڙ پاڻ نه مُئا. نياڻي کي بچائيندڙ به ڪونه هئا. حسن جڏهن ان نياڻيءَ کي ڏٺو ته هُو پاڻ مري پيو.

هو ڪجهه مهينا اڳ ۾ به اهڙي طرح مُئو هو، جڏهن قصور ۾ نياڻي زينب ڏاڍائيءَ بعد ماري وئي هئي. ان واقعي خلاف سڄي ملڪ ۾ ٿيل عوامي احتجاج کانپوءِ هُو انساني حقن جي وفاقي وزير جو هي بيان پڙهي مطمئن ٿي ويو هو ته: ”ٻارن تي تشدد ۽ کين حراسان ڪندڙن خلاف ’زينب الرٽ بل‘ جلد قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويندو.“

ان بيان کانپوءِ حسن سوچيو هو ته: ”هاڻي هتي ڪنهن به نياڻيءَ سان ڪير به ڏاڍائي ڪرڻ جي همت نه ڪندو،“ پر ان سانحي کي اڃان ڪي ڇهه ست مهينا مس ٿيا هوندا جو گهگهر ڦاٽڪ وٽان گهُٽو ڏيئي ماريل هڪ نياڻيءَ جو ٿڌو ٿي ويل جسم مليو. 

هي پاڻ به گهگهر ڦاٽڪ تي رهندو هو، جتي هاڻي جيتوڻيڪ ملڪ جي مختلف علائقن جا ماڻهو اچي وڏي تعداد ۾ آباد ٿيا آهن، پر پوءِ به هِتي هميشه امن ڏٺو هئائين.

”سنڌ جي لاڙ وارو هي شهر جيڪو اڳ ۾ سامونڊي هوائن تي ’هندورو بڻجي پوندو‘ هو، اُتي هاڻي هي الائي ڪهڙو واءُ وريو آهي، جو ان جي فضا ۾ پار شامل ٿي ويا آهن؟“ هن شديد غم کي پنهنجي اندر ۾ دٻائيندي پاڻ کان پڇيو.

حسن سوچڻ لڳو: ”اڄ اسان جنهن دور ۾ رهون ٿا، اهو زندگيءَ جي ٻين سمورن شعبن ۾ ته حيرت جي حد تائين ترقي ڪيل آهي. ان ڪيتريون ئي خطرناڪ بيماريون ۽ وبائون ختم ڪري ڇڏيون آهن، اهو اسان کي قدرتي آفتن کان بچائي وٺي ٿو ۽ وحشي جانورن کي به ڪي خاص سينڪچوريز ٺاهي، انهن تائين انهن کي محدود ڪري ڇڏيو آهي، پر اهو انسان جي وحشي روين کان ڇو معصوم نياڻين کي نٿو بچائي سگهي، جيڪي جڏهن به موقعو ڏسن ٿا، معصوم نياڻين کي روحاني توڙي جسماني طور ماري وجهن ٿا؟“

حسن الائي ڇو امِ ڪلثوم واري واقعي تي وڌيڪ سوچي نه سگهيو. هيءُ پنهنجو ڌيان ان واقعي تان هٽائڻ لاءِ آفيس مان اُٿيو ۽ ٻاهر ڪاريڊور ۾ اچي بيٺو، جتي ڏٺائين ته سامهون واري ميدان تي ڪي ٻارڙا ۽ ٻارڙيون ڪرڪيٽ راند کيڏي رهيا آهن. انهن کي ڏسي هن جي طبيعت خراب ٿيڻ لڳي… سندس بيچيني وڌي… عجيب خوف ۽ خدشن جو شڪار ٿي ويو… کيس سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇا ڪري؟

هو اهڙي ئي سخت پريشاني ۽ بيقراريءَ واري حالت ۾ تڪڙو تڪڙو ميدان ڏانهن وڃڻ لڳو… ٽي ڇوڪرا ۽ ٽي ڇوڪريون، جن جون عمرون ڏهن کان ٻارهن سالن جي وچ تي هونديون، اهي لاپرواهي ۽ بي خوفيءَ مان راند کيڏي رهيا هئا، پر هيءُ ڊپ ۾ وڪوڙيل شخص تيزيءَ سان انهن ڏانهن وڌڻ لڳو… هاڻي ته هن هلڪي ڊُڪ به ڀرڻ شروع ڪئي. هن چاهيو پئي ته هو هڪ لمحو به ضايع ڪرڻ کانسواءِ جيترو جلد ٿي سگهي اِنهن ٻارن تائين پهچي وڃي.

هي ٻارن جي جيئن ئي ويجهو پهتو ته هن سمجهيو ته ٻارَ کيس ڏسي ڇرڪي ويندا، پر هن کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته ٻارن هن کي ڏٺو به نه ۽ نه هن جي قدمن تي ڪو ڌيان ڏنائون. هو پنهنجي راند ۾ مشغول رهيا… ٻارن جي اِن لاپرواهيءَ حسن جي پريشاني ۽ ڪاوڙ کي ٿورو وڌايو…

هن ٻارن جي ويجهو پهچي رڙ ڪري کين چيو: ”ڀڄو هِتان… هِتي راند نه کيڏو… نه ته اوهان سان به ظلم ٿيندو… ڀڄو… جلدي ڀڄو…“ ٻارن وري به هن ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ هو بيٽنگ ۽ بالنگ ڪرڻ ۾ مشغول رهيا. راند ۾ ٻارن جي اهڙي مشغولي ڏسي هي صفا چريو ٿيڻ لڳو ۽ زوردار آواز ۾ چيائين: ”ڀڄو هتان… وڃو پنهنجن گهرن ڏانهن… نه ته اوهان سان به وڏو ظلم ٿيندو… وڃو ڇو نٿا؟…“

هاڻي ٻارن هِن ڏانهن ٿورو ڏٺو ته هڪ پڪي عمر جو شخص، جيڪو ٿورو پرڀرو بيٺو هو، اُهو هِن ڏانهن وڌي آيو ۽ اچي چيائينسِ: ”ادا ڇا ٿيو آهي؟… ڇو ٿو ٻارن کي ڌڙڪا ڏين…“

حسن چپ ٿي، اُن شخص کي غور سان ڏسڻ لڳو ته ان پڇيس: ”ڇا ٿو ڏسين؟“

حسن ڪاوڙ مان کانئس پڇيو: ”تون ڪير آهين؟…“ هِتي ڇو آيو آهين….؟ ڇا تون به هِنن ٻارن کي کڻڻ آيو آهين؟“

”ها، مان هِنن ٻارن کي کڻڻ آيو آهيان…“ هُن شخص به کيس هلڪي ڪاوڙ مان چيو. حسن اُن شخص جو اهو جواب ٻڌي رڙيون ڪري ماڻهن کي سڏڻ لڳو: ”اچو… اچو… هِن همراهه کي پڪڙيو… هي به ٻارن کي کڻڻ آيو آهي… هي به هِنن ٻارن سان ڏاڍائي ڪندو، جيئن گهگهر ڦاٽڪ وٽ ام ڪلثوم سان ٿي آهي….“

حسن جي اها ڳالهه ٻڌي ان همراهه سمجهيو ته هيءُ شخص (حسن) پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي… اهو سوچي هو حسن جي ڀرسان اچي کيس پيار سان چوڻ لڳو: ”ادا، هي منهنجا ٻار آهن… مان ڀرسان ئي گهر ۾ رهندو آهيان… هِنن کي هِتي راند ڪرائڻ آيو آهيان…“

ان دوران ٻار به اچي پنهنجي پيءُ جي ڀرسان بيٺا.

اِن تي حسن روئڻهارڪي آواز ۾ چيس: ”ادا، پنهنجي ٻارن کي گهرن مان نه ڪڍو… وحشي ماڻهو ٻارڙن کي کڻي وڃي انهن سان ڏاڍائي ٿا ڪن ۽ پوءِ انهن کي گهٽا ڏيئي ماري ٿا ڇڏين…“

اُهو همراهه ۽ ٻارڙا سمجهي ويا… همراهه چيو: ”جي ادا… مان ٻارن کي گهر وٺي ٿو وڃان… اوهان پريشان نه ٿيو. اوهان جي وڏي مهرباني…“

”اچو بابا ته هاڻي گهر هلون،“ ايئن چئي هو پنهنجي ٻارڙن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لڳو ته حسن مسڪرائيندي کين ڏسڻ لڳو. ڄڻ هن هڪ وڏو ڪارنامو سر انجام ڏنو هجي.