گوتم ٻڌ جا مجسما
الطاف شيخ جو سفر نامو
تيستائين گڊ باءِ
گوتم ٻڌ جا مجسما
الطاف شيخ
ٿائلينڊ، هانگ ڪانگ ۽ چين وانگر جاپان ۾ به توهان کي جتي ڪٿي گوتم ٻڌ جون مورتيون ۽ مجسما نظر ايندا. مندرن کان علاوه گھرن، آفيسن ۽ دڪانن ۾ پڻ. گھڻو ڪري گوتم ٻڌ پٿل ماري، ڪنول جي گل اڳيان ويٺل ڏيکاريل هوندو آهي. پوءِ ڪي ننڍا مجسما هٿ ۾ يا کيسي ۾ وجھي هلڻ جهڙا هوندا آهن ته ڪي تمام وڏا، ماڻهوءَ جي قد کان به تمام گھڻو وڏا نظر ايندا.
گوتم ٻڌ جي وڏن مجسمن کي هتي جاپان ۾ دائي بُتِسو (Daibutsu) سڏجي ٿو. جاپان ۾ گوتم ٻڌ جو سڀ کان وڏو مجسمو نارا شهر جي “تودائي جي” مندر ۾ رکيل آهي. جاپان ۾ پڙهائي يا نوڪري دوران توهان کي جاپان جا شهر گهمڻ جو موقعو ملي ته ٽوڪيو، اوساڪا، ڪوبي جهڙا ماڊرن شهر گھمڻ سان گڏ نارا، ڪيوٽو ۽ ڪاماڪُورا پڻ ڏسجو جيڪي ٺٽي، شڪارپور ۽ بنارس وانگر تاريخي شهر آهن ۽ مندرن ۽ درگاهن سان ڀريا پيا آهن ۽ جيڪڏهن توهان جاپاني تاريخ ۽ ادب جو مطالعو ڪيو آهي يا جاپاني فلمون ڏٺيون آهن ته پوءِ اهي شهر توهان کي اڃا به وڌيڪ مزو ڏيندا جو ڪيترا قصا، ناول ۽ فلمن جا پسمنظر، هنن شهرن سان تعلق رکن ٿا.
نارا ۾ رکيل هن گوتم ٻڌ جي وڏي مجسمي (دائي بتسو) جي اوچائي 54 فوٽ آهي، يعني مون جهڙا ڇهن فوٽن وارا نو همراهه هڪٻئي مٿان ٿي بيهن تڏهن هن دائي بتسو جي مٿي تائين پهچن. سندس فقط منهن 16 فوٽ ڊگھو ۽ 10 فوٽ ويڪرو آهي. اکيون چار فوٽ، ڪن 8 فوٽ، وات 4 فوٽ ويڪرو، نڪ 4 فوٽ ڊگهو، نڪ جي ناسن جي گولائي 3 فوٽ ۽ آڱوٺو ساڍا چار فوٽ آهي. ڪنول جو وڏو گل، جنهن تي هي مجسمو ويٺل آهي، ڏهه فوٽ اتاهون آهي ۽ گل جو ڊايا ميٽر 68 فوٽ آهي. ان گل ۾ 56 پتيون آهن.
هي مجسمو سن 749ع ۾ شهنشاهه شومو جي حڪم تي تيار ڪيو ويو هو ۽ سڄو Bronze جو ٺهيل آهي جيڪو هئڊي رنگ جو نرم ڌاتو ٿئي ٿو ۽ ٽامي، اليومينيم ۽ ٽِن کي ملائي ٺاهيو وڃي ٿو. مجسمي تي سونو پاڻي چڙهيل آهي. هن مجسمي جي منهن ۾ ڪافي ڊينٽ لڳل آهن جو هن مجسمي واري هال Daibul-suden ۾ ٽي دفعا باهه لڳي آهي ۽ هر دفعي گوتم ٻڌ جي منهن اچي ڌرتيءَ تي ڦهڪو ڪيو آهي. ان 16 باءِ 10 فوٽ جي سر کي ڪرينن ذريعي مٿي کڻي صحيح جڳهه تي وري سولڊر ڪيو ويو آهي. يعني ويلڊنگ ذريعي چنبڙايو ويو آهي. باهه ۽ ڌڪا ٿاٻا کائڻ ڪري هن دائي بتسو ۾ گھڻي اصليت نه رهي آهي.
جيڪڏهن اصليت وارو دائي بتسو (گوتم ٻڌ جو مجسمو) ڏسڻو آهي ته ان لاءِ ڪاماڪورا وڃڻ کپي جتي جو مجسمو نارا واري مجسمي کان ننڍو آهي، پر آرٽ جي خيال کان تمام سهڻو آهي. هي مجسمو اميدا ٻڌا (Amida Buddha) جي نمائندگي ڪري ٿو جنهن جي معنيٰ آهي اڻ مئي روشنيءَ جو مالڪ. هي مجسمو پڻ برونز جو ٺهيل آهي ۽ 1252ع ۾ وقت جي ناليري گھڙيندڙ (Sculptor) اونو گورو اِي مان ٺاهيو. اهو مجسمو ڪاموڪورا جي ڪوٽو ڪوئن مندر ۾ رکيل آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي مجسمو ۽ هن مندر جو ماحول ٽوئرسٽ جي من ۾ موهه ٿو پئدا ڪري. تڏهن ته شايد هتي پهچي انگريز شاعر رڊيارڊ ڪِپلنگ 1892ع ۾ هي سٽون چيون:
“And whose will, from Pride released,
Contemning neither creed nor priest,
May feel the soul of all the East.
About him at Kamakura.”
گوتم ٻڌ کي فقط هٿ مٿان هٿ رکي ويٺل به نه ڏسندئو، ڪن هنڌن تي گوتم جي هڪ هٿ ۾ تلوار ۽ ٻئي ۾ رسو پڻ ڏسندئو ۽ پٺيان باهه جا مچ هوندا. سندس شڪل مان قهر جي چڙ ظاهر هوندي. اهو مجسمو ٻڌ ڌرم جي هڪ ديوتا دائي نچي جو آهي جيڪو عقل جو ديوتا سڏجي ٿو. تلوار سان هو ماڻهن کي ڊيڄاري ٿو ۽ رسي سان گناهه ڪندڙن کي سوگھو ٻڌڻ جي موڊ ۾ آهي. هن مجسمي کي جاپاني فودو (Fudo) سڏين.
گوتم ٻڌ کي جاپان ۾ اميدا (Amida) پڻ سڏين ٿا- معنيٰ اڻ مئي روشنيءَ جو مالڪ. ٻڌ ڌرم جو هڪ فرقو اميدا به آهي جنهن جو باني گينشن نالي هڪ جاپاني ٻائو هو. هي فرقو سرڪاري طرح ريونن (Ryonin) جي ڏينهن ۾ (1132-1072) ۾ قائم ڪيو ويو. هي فرقو تسبيحون پڙهڻ تي زور ڏئي ٿو ۽ هن فرقي جي ٻارن جو چوڻ آهي ته انسان هر هر “نامُو اميدا بتسو” پڙهڻ سان سرڳ ۾ جنم وٺي ٿو. (نامو اميدا بتسو جي معنيٰ آهي: “آئون توسان پيار ڪريان ٿو، اڻ مئي روشنيءَ جا مالڪ،
(جاپان جي هڪ مشهور شاعر “امس سا” جو هائيڪو (ٽن سٽن جو شعر) آهي:
Hae hitotsu
Uteba Namu Ami-
Da Butsu Kana.
هر مک کي
جڏهن ماريو وڃي ٿو
پڙ لاءِ اچي ٿو “نامو اميدا بتسو”.