گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب: ”سارنگ سائي سٽ“
سنڌي شاعريءَ جي هاڻوڪي دور ۾ جهاتي پائي ڏسبو ته تمام گهڻا شاعر پنهنجي علائقي ۾ لکن ٿا ۽ بهترين لکن ٿا جن ۾ ڪي شاعر نوان ته ڪي پراڻا، پر اڪثر ڏٺو ويو آھي ته انهن جي شاعري ڪنهن ڪتابي صورت تائين يعني ڇپجڻ تائين نه پهچي سگهندي آھي، موٽ ۾ هو دل شڪسته ٿي ويهي رهندا آھن، پر وري ڪٿي شاعر جيڪي سينئر آھن اهي انهن شاعرن کي اڳتي آڻڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن پيا. انهن شاعرن ۾ سٺ ميل جو هڪ شاعر محبوب قادري به آھي جنهن کي شاعريءَ جي جهان ۾ نون توڙي پراڻن شاعرن سان گڏ ڪتاب ”سارنگ سائي سٽ“ جي وسيلي اڳتي آندو آھي ۽ پڙهندڙن تائين پهچايو ويو آهي. محبوب قادري سنڌي ادبي سنگت شاخ سٺ ميل جو هڪ متحرڪ سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آھي. هو سنڌي شاعري جي انهن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪي علم عروض جا پڪا پختا شاعر آھن. هن ڪتاب ۾ شامل شاعرن جو ڪل تعداد ست آھي، جن جي شاعري ۾ بيحد سهڻا رنگ سمايل آھن. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي نامياري شاعر وسيم سومرو لکيو آھي، جنهن پڻ ڪتاب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن.
هن ڪتاب ۾ شامل شاعر جن ۾ محبوب قادري، اختيار علي اختيار خاصخيلي، رفيق مري، آڪاش غلام مصطفيٰ ڇٽو، حبدار هاشم ڀرٽ، اظهار حسين مري ۽ زاهد حسين زاهد جي شاعري شامل آھي.
هن ڪتاب ۾ شامل شاعرن جي شاعريءَ ۾ احساس ڀريا خيال ۽ جذبن جا درياھ پڙھڻ ۾ اچن ٿا. توڙي جو هي شاعر نوان آھن، پر پوءِ به سندن شاعري پڙهڻ سان اهو خيال ذهن ۾ اچي ٿو ته سندن خيالن جي پختگي جي ڪري هو شاعريءَ جي جهان ۾ پنهنجو نالو ضرور اڳتي آڻيندا.
آئون مٿي لکي آيو آھيان ته محبوب قادري سنڌي شاعريءَ جو بيحد سگهارو نانءُ آھي، جنهن جي شاعري پڙھڻ سان من معطر ٿيو پوي. ڪتاب ۾ شامل سندس پهريون غزل جنهن جو رنگ ئي پنهنجو آھي:
اڃــايل اکــيون انتــظاريءَ ۾ آھن
ٿئـــي سنــــڌ آزاد تيــاريءَ ۾ آھن
سٻاجهن سنڌين جو محافظ خدا آ
اميدون انهيءَ ذات پياريءَ ۾ آھن
اوهان پڙهيو ۽ محسوس ڪيو هوندو ته محبوب قادري جي دل ۾ سنڌ ڌرتيءَ لاءِ ڪيڏي نه محبت آھي، جنهن جي ڪري هن ڪتاب جي ارپنا ئي سنڌ ڌرتيءَ تي سر ڏيندڙ جوڌن جوانن، سنڌ ۾ رهندڙ مظلوم مسڪين ماروئڙن ۽ ماتا سنڌ ڌرتيءَ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙيندڙ پيارن اديبن جي نانءُ آھي. هن ئي تخليق ۾ اڳتي لکي ٿو ته:
سڄو ڏينهن کائن پيئن سنڌ جو ٿا
اهي ئي نڀاڳا غداريءَ ۾ آھن
ڪيو سنڌ ڌرتيءَ جا وارث سڄاڳي
سنڌي پوءِ به ڦاٿل تغاريءَ ۾ آھن
هن پوري غزل ۾ محبوب قادري حقيقت بيان ڪئي آھي، جنهن ۾ اهو واضح نظر اچي ٿو ته محبوب قادري هڪ سچو سنڌي آهي. ڇو ته ڌرتيءَ جي ڏکن سکن تي لکندڙ ئي حقيقت ۾ سنڌ جو سچو شاعر آھي. محبوب قادريءَ جي شاعريءَ ۾ هي رنگ پڻ بيحد وڻندڙ آھي:
يارن مان ٿي ويا اغيار ڇا ڪجي
اهڙن ئي سونهن وارن تي اعتبار ڇا ڪجي
سڀ مرض ويا وڪوڙي بس بستر هان پيل
تنهن کان ڀلو مرڻ آ، سينگار ڇا ڪجي.
هي غزل پڙهندي سچ پڇو ته مان هڪ گهري سوچ ويچار ۾ پئجي ويس جو محبوب قادري اڄوڪي دور ۾ يارن جي بيوفائي تي ڪيتري نه سچي ۽ شاندار تخليق لکي آھي، جنهن مان هيءَ ڳالھ واضح آھي ته محبوب قادري هڪ پڪو پختو شاعر آھي. اڄوڪي دور جي ظالم ريتن سمن جي ور چڙهي ويندڙ نياڻين سان ٿيندڙ ظلم تي محبوب قادري جي شاعري هڪ درد جي دانهن آھي:
ڇو ٿو مارين ڌاري ناهيان
سوچ ادا مان ڪاري ناهيان
مست نه ٿي ٻن پئسن تي تون
خوف ته ڪر ڏوهاري ناهيان
محبوب قادري پنهنجي شاعريءَ ۾ حقيقتن کي شاندار نموني بيان ڪيو آھي:
فقيرن سان ڦڏا ڇڏ تون، خدا توکي اجر ڏيندو
وڏايون سڀ وڏا ڇڏ تون، خدا توکي اجر ڏيندو
خدا جي ٻانهڙن سان ٿا ڦٽائين جي انهن ظالم
اميرن جا اڏا ڇڏ تون، خدا توکي اجر ڏيندو.
خدا توکي اجر ڏيندو ڏسو ته ڪيڏي نه سهڻي خيال سان سرجيل تخليق آھي. شاعر جي خصوصيت ئي ان ۾ آھي ته هو هر ڏکئي رديف بحر وزن سان سهڻو نڀائي:
اڙايم اکيون هاڻ سٺ ميل ۾
ملي ويو پنهل پاڻ سٺ ميل ۾
ڏسي شهر وارا جلن ٿا سڄا
سڄڻ جڏ ڀي آ ساڻ سٺ ميل ۾
هن سهڻي رديف سٺ ميل سان پڻ محبوب قادري واھ جو نڀايو آھي جيڪو سندس اباڻو ڳوٺ آھي. محبوب قادري هي ڪتاب ”سارنگ سائي سٽ“ سهيڙي سچ ته سنڌي ادب ۾ پنهنجو فرض خوب نڀايو آھي.
هن ڪتاب جو ٻيو نمبر شاعر اختيار علي اختيار آھي، جنهن جا تيرنهن غزل هن ڪتاب ۾ شامل آھن. اختيار جي شاعريءَ ۾ پڻ سهڻا رنگ سمايل آھن:
رڻ پٽن ۾ ڇانورو ڳوليان پيو
ساٿ ڏيندڙ سانورو ڳوليان پيو
روح کي راحت ملي ڪا من پَوي
روح وارو بانورو ڳوليان پيو
اختيار علي اختيار جي شاعريءَ ۾ پيار محبت جهڙو سهڻو عڪس سمايل آهي. سندس غزلن جي رواني ۾ به شاندار جدت شامل آھي، جنهن جو مثال هن غزل ۾ ملي ٿو:
تو سوا ڄڻ ته آھي سزا زندگي
ٿي توکان پو منهنجي فنا زندگي
روپ چهري تنهنجي ۾ گهڻا هن لڪيل
ڪين سوچيم ڪئي مون فدا زندگي.
هن تخليق ۾ اختيار علي اختيار جي خيالن ۽ خوبصورت جذبن جي خبر پوي ٿي جنهن ۾ هن سهڻي انداز سان پنهنجي خيال کي تخليق جو روپ ڏنو آھي.
هن ڪتاب ۾ شامل ٽئين نمبر تي رفيق حسين مري جي شاعري شامل آهي جيڪو پڻ پنهنجي شاعريءَ جي احساسن ۾ نروار نظر اچي ٿو:
ڪا ڏاڍي ڏکاري ڪهاڻي هئي
ڇو ڪاري ڪئي وئي نياڻي هئي
ڪيڏو نه ڪِيس ڪيائون اي يارو
هڪ جيڏين ۾ هڪ راڻي هئي
رفيق مري شاعريءَ ۾ نئون آھي، پر سندس تخليق پڙھي ائين ٿو محسوس ٿئي ته هو شاعريءَ جي جهان ۾ پراڻو شاعر آھي. بهرحال سندس شاعريءَ ۾ حقيقت جو روپ ارپيل آهي:
ڪو يار وڃائي ويٺو آ
ڪو پيار وڃائي ويٺو آ
محبت جي ناهي موٽ ملي
ڪو پاڻ لٽائي ويٺو آ.
ڪتاب ”سارنگ سائي سٽ“ جو چوٿون شاعر آڪاش غلام مصطفيٰ آهي جنهن جو ادبي نالو آڪاش مصطفيٰ آھي هن شاعر جي شاعريءَ ۾ پڻ بيحد خوبصورت احساس سمايل آهن. جنهن ۾ هن پنهنجي دل جو اظهار هن تخليق ذريعي ڪيو آھي:
اکيون روز آتيون سڄڻ لئه رهن ٿيون
صبح شام درشن ڪرڻ لئه سڪن ٿيون
اڱڻ تي اچي جي لهن شام جو ٿا
جهڪي تن پکين کان صنم جو پڇن ٿيون.
آڪاش مصطفيٰ جي غزلن ۾ پڻ هڪ وسيع موضوع سمايل آھن ۽ سندس شعرن کي پڙهندي انهن جي معنيٰ دل جي آڳر تي تري اچي ٿي. سندس هڪ ٻي تخليق ۾ پڻ سهڻا خيال سمايل آھن:
زندگي ڇو زهر ٿي لڳي
هر گهڙي هر پهر ٿي لڳي
سرد موسم ۾ دل کي گرم
ڇو هوا جي لهر ٿي لڳي
هن ڪتاب جو پنجون شاعر حبدار محمد هاشم ڀرٽ آھي جنهن شاعريءَ جي شروعات 1978 کان ڪئي. ان حساب سان هو مون کان تمام گهڻو سينئر شاعر آھي، جيڪو اندازو سندس تخليقن مان لڳائي سگهجي ٿو:
وطن کي وساري سڄڻ ڇو ڇڏيو ٿئي
ٻڌا تون پيارا اچڻ ڇو ڇڏيو ٿئي
ڀلي يار مون کان ڪري وڃ ڪنارا
لکو خط وفا جا لکڻ ڇو ڇڏيو ٿئي
بيحد خوبصورت تخليق آھي جنهن مان شاعر جي خيالن جو پنهنجو هڪ خوبصورت انداز ملي ٿو، جيڪو اندر جي احساسن کي ڇهندو وڃي ٿو. هڪ ٻي غزل ۾ پڻ سندس خوبصورت خيالن جي خبر پوي ٿي:
تنهنجي عشق ۾ ٿي وئي دل چري آ
ڪرڻ لاءِ دلبر دوا تون وري آ
ڏنا جيڪي تو هِن لڪايان ڀلا ڇو
انهن ئي ڏکن ۾ هي دلڙي جهري آ
حبدار هاشم ڀرٽ جي غزلن ۾ گلاب جهڙا گل ۽ سهڻا پوپٽ ڄڻ ته انهن تي رقص ڪن ٿا. ڇهون نمبر شاعر پڻ شاعري جي رنگ ۾ رنگيل ڏسجي ٿو جيڪو شاعر آهي اظهار حسين مري:
مون پئي پل پل توکي ساريو
سهڻا تو آ ڪيئن وساريو
سج جي ئي لالاڻ مهل
توکي پرين هت مون هو پڪاريو
پنهنجي ٻي غزل ۾ لکي ٿو:
وار ويڙهي ٿيءُ اوري
ڪر ڪچهري رات گذري
چنڊ جي چانڊوڪي ۾
تو بنا نه وقت گذري
اظهار مري لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هو اڳتي هلي بهترين لکي سگهي ٿو. هن ڪتاب ”سارنگ سائي سٽ“ جو آخري شاعر زاهد حسين زاهد آھي جيڪو شاعريءَ ۾ هڪ نئون اڀرندڙ ستارو آهي. جنهن جي شاعريءَ ۾ اميدن جو ڏيئو روشن ڏسڻ ۾ اچي ٿو:
اکين مان هي ڳوڙها ڳڙن ٿا اڃان
الائي ڇو دشمن سڙن ٿا اڃان
سڪون ناهي دلبر سڪائين پيو
هتي مون جيان عاشق مرن ٿا اڃان
پياري زاهد جي شاعري ۾ معصوم جذبا ڄڻ ته ٽاريءَ مان ٽڙندڙ نوان گل آھن جن کي پڙهندي سهڻو احساس جاڳي ٿو:
مشهور نگاهن وار ڪيو
۽ چور نگاهن وار ڪيو
ويساھ ڪري پو چاھ ڏنئي
ناسور نگاهن وار ڪيو
مون کي اميد آھي ته هي نوان اڀرندڙ شاعر پنهنجي شاعري جي رنگن سان اڳتي ضرور ايندا. هن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي لکيو آھي. هي ڪتاب سپ پبليڪيشن نوابشاھ پاران ڇپجي پڌرو ڪيو ويو آھي. هن ڪتاب کي ڇپائيندڙ سنڌي ادبي سنگت شاخ سٺ ميل نوابشاھ آھي، هن ڪتاب جي قيمت 300 رپيا رکي وئي آھي.
***