ڳـالـهـيـون ڳـجـهـه انـدر جـون عاشق چانڊيو Aug 2020
مون ڪجهھ ڏينھن کان انٽرويوز پڙھڻ شروع ڪيا آهن جو ان ۾ ڪيئي مزيدار ۽ ڳجھين ڳالھين جي پروڙ پئجي وڃي ٿي. اسان جو سنڌي ادب به شاھڪار آهي جو ان ۾ پڙھندڙ جي چونڊ مطابق مواد ملي وڃي ٿو. کڻي جو ان جو مقدار ٿورو ئي ھجي، پر پڙھندڙ پنھنجي خواھش کان محروم نٿو رھي. ڪھاڻيون، ناول، مضمون نگاري، انٽرويوز، فلسفو سڀ ڪجھه موجود آهي، بس ڳالھه آھي ته مقدار جي، ڪا شيءِ جھجي آھي ته ڪا ٿوري. سو پاڻ کي به انٽرويو پڙھڻ جي خواھش جاڳي ته پاڻ به سنڌي ۾ انٽرويوز جا ڪتاب جاچڻ لڳاسين، ان ۾ پاڻ کي مايوسي پلئه ڪونه پئي پھريون ته ھمسفر گاڏھي جو ڪتاب “سنڌ جي ڏاھپ کان انٽرويو” ھٿ لڳو، پڙھيوسين،گھڻيون ڳالھيون سکيوسين، امر اقبال جو ڪتاب “آءُ اسان وٽ ويھه” به ان ئي ڪڙي جو اسان کي ملي ويو، اوريانه فلاچي جو ھڪڙو مشھور انٽرويوز جو ڪتاب“interviews with history” جو اردو ترجمو “تاريخ ڪا دريچه” به پڙھي ورتوسين ۽ ان ئي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي پاڻ کي جڏھن سنڌي انعام پاران ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ عيوض ڪتابن ملڻ جي آڇ ٿي ته پاڻ ھي ڪتاب “مانوارن سان ملو” به چونڊيو آهي جيڪو پڻ انٽرويوز جو ڪتاب آهي جنهن جو انٽرويو ڪندڙ آهي نصير مرزا!
ھڪ قدم اڳتي پاڻ ھڪڙو ٻيو انٽرويوز جو ڪتاب به ھٿ ڪري ورتو آهي جنھن جو انٽرويو ڪندڙ آھي مرتضيٰ سيال.
خير، پاڻ ڪتاب بابت ڳالھايون يا جن شخصيتن ھتي پنھنجو اندر اوريو آهي، اھي ڳالھيون ٻيھر ورجايون، پڙھون، پڙھايون!
ڪتاب ۾ 35 انٽرويوز سھيڙيل آھن جنھن ۾ خود ليکڪ جي ڳالھه ٻولھه پڻ شامل آهي، پاڻ 35 ئي ڄڻن جي ڳالھين ته بيان ڪري نه سگھنداسين، پوءِ به ڪجھه ڳالهيون بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. نصير مرزا جي ھن ڪتاب جي ھڪڙي خاصيت اھا آھي ته انٽرويوز سان گڏ ھي خاڪن جو ڪتاب به آھي، جيڪي نصير مرزا انٽرويو ڏيندڙن جي شخصيتن تي لکيا آهن. نصير مرزا جي جيڪا لکڻي آهي ان ۾ عجب ۽ تعجب جون نشانيون کوڙ ملنديون آهن ۽ اھي عجب تعجب جون نشانيون پڙھندڙ کي ان ئي ريت روانگي سان پڙھڻ تي آماده ڪن ٿيون جيئن نصير مرزا ريڊيو ڪمپيئرنگ دوران شخصيتن جو تعارف روانگي سان ڪندو ويندو آهي، اھو پڙھڻ ۾ مزو ڏئي ٿو. جيئن مسز شيرين فيروز نانا جو تعارف لکيو اٿس:
“اَسي ساله مسز شيرين فيروز نانا عرف ادي بَيبي”، منھنجي فرسٽ ڪزن ۽ مٺي ڀيڻ آھي ۽ اھا خبر به… گھڻو گھڻو… گھڻو دير سان پئي ھئي مون کي، اوڻيهه سئو نوي ۾ ۽ لا تعداد چاچن ۽ ڳڻپ کان ٻاھر ڪزنس ۾“ادي بَيبي” جي نالي سان به خاندان ۾ ڄائي خوبصورت، باوقار ۽ وضعدار ھستي موجود آهي ۽ ان جي خبر به ڀلا مون کي پوي ھا ته ڪيئن؟
مٿين پيرا گراف ۾ اھڙي ڪا ڳالهه ته موجود ڪونھي سواءِ فيروز نانا جي تعريف جي پر مون ليکڪ جي بيان اسلوب جو ھڪڙو نمونو رکيو آهي ۽ ھو انٽرويو ۾ به ايئن “پڇيم، وراڻيائين، ھن چيو پئي” واري اسلوب ۾ انٽرويو جا سوال ۽ جواب لکيا آهن. جيتوڻيڪ سڀ انٽرويو ان انداز ۾ نه ڪيا ويا آهن پوءِ ٻيا انٽرويو ڪھڙي انداز ۾ ڪيا ويا آهن؟ پھريان ھڪڙي ڳالھه ٿا ڪيون! امر اقبال پنھنجي انٽرويو ڪتاب “آءُ اسان وٽ ويھه” جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته:
”مون کي ياد آهي ٻانڀڻ صاحب جي آفيس ۾ چانھه پيئندي، آغا سليم صاحب کيس چيو ھو: مَن! ڇَڏ انٽرويوءَ کي، مان ھتي تو وٽ صرف چانھه پيئڻ آيو ھئس… ۽ ٻيو ته تنھنجو ھي ڪمپيئر ڀلا مون کان انٽرويو وٺندو به ڇا؟… پڇندو… پسند جو رنگ ڪھڙو اٿئي؟… پسند جي موسم… پسند جي خوشبوءِ…“
سو ٻيا انٽرويو مٿين انداز ۾ ورتا ويا آهن، پر اھو انداز موھن ڀڳت جي انٽرويو ۾ ته ٺيڪ آھي، پر ماھتاب محبوب جي انٽرويو جو اھو انداز ته نه ھجي ھا ني! ماھتاب محبوب کان نصير مرزا ڪجھه اھڙا سوال پڇيا آھن جيئن:
“وڻندڙ گل؟
پسند جو ڊراما ليکڪ؟
پسنديده اخبار؟
پسند جي فلم؟”
ھاڻي انھن سوالن جا جواب پڙھڻ ۾ ڀلا ڪھڙي دلچسپي ھوندي! ان انٽرويو جا سڀ سوال به مختصر ته جواب به مختصر، پر ھڪڙو سوال ۽ جواب سٺو آهي اھو ھتي پيش ڪريون ٿا:
“سوال آهي، ادب دنيا کي تبديل ڪري سگهي ٿو؟”
“ادب فرد واحد کي تبديل ڪري سگهي ٿو، معاشري جون حدون اورانگهي ملڪي حدن تائين به وڏا انقلاب ۽ تبديليون آڻي سگھي ٿو، پر دنيا کي تبديل ڪرڻ واري دعويٰ تمام وڏي آھي.” جواب آهي ۽ جواب ۾ ڏاڍي سٺي ڳالھه ڪئي وئي آهي.
شيخ اياز جو جيڪو انٽرويو آهي، اھو سوال ۽ جواب طور لکيل ناھي، پر ان وچ جي وقفن ۾ جيڪي ڪجھه وھيو واپريو آهي اھو به ليکڪ پني تي اتاري ڇڏيو آهي ۽ سندس چيل ڳالھيون به بيان ڪيون اٿس. شيخ اياز سنڌي ادب جو وڏو نالو آهي ۽ کيس اھا دعويٰ ھوندي ھئي ته “دنيا جو ادب منھنجي مُٺ ۾ آھي” ۽ ان دعويٰ متعلق ليکڪ جيڪو اياز جو اسٽڊي روم ڏسي ٿو، ان ۾ موجود ڪتابن جو تعداد ان دعويٰ جي شاھدي آهي.
“ڪٻٽ ۾ اندر، مٿان پاسن کان ڪتاب، سوڙھا سٿيل، ھڪ ٻئي سان سلھاڙي، ھڪ ٻئي سان ڦٻيل (لڳو ھنن ڪتابن کي ڪنھن ھٿ جو ڇھاءُ ڏٺي ورھيه لنگھي ويا آهن) ڪٻٽن جي مٿان رسالا، اخبارون، مئگزين جا بنڊل، انھن جي اوچائي ڇت تائين. (ابوءَ! اھو سڀ ڪجھه، اياز صاحب اڪيلي سر پڙھيو آھي. اھو سوچي منھنجا ھوش خطا ٿا ٿيو وڃن.)”
شيخ اياز جي انٽرويو مان سندس به ته ڪا ڳالھه شيئر ڪجي ني!
“شاعر اھو وڻ ھوندو آھي،
جنھن جا گل،
ھن جي موت کانپوءِ
اڳي کان به، وڌيڪ ٽڙندا آھن!”
ھمعصر ڪڏهن به ھڪٻئي کي، صحيح نموني ايپريشئٽ نه ڪندا آهن. اھو ازل جو ڪوئي قانون آھي. پوءِ ايندڙ نسل ئي انھن کي صحيح معنيٰ ۾ سڃاڻي سگهندي آهي.”
اياز جي مٿئين نقطهءِ نظر کي ڏسجي ته ڇا واقعي ايئن آهي ۽ جيڪڏھن آهي ته ڇو؟ ڇا ھمعصر ذاتي زندگي کي نظر ۾ رکي لکڻي جو اڀياس ڪندا آهن؟ ۽ ڇا ليکڪ جي ذاتي زندگي کي نظر انداز ڪري پوءِ ئي ھن جي لکڻي جو اڀياس ڪبو آهي؟ ڇا ليکڪ جي ذاتي ۽ عملي زندگي جو سماج تي اثر نه ٿيندو آهي؟ انھن سڀني سوالن جا جواب آئون پڙھندڙن تي ڇڏيان ٿو!
پاڻ اڳتي وڌون ٿا، آغا سليم جو انٽرويو اچي ٿو، ڏاڍا مزيدار ۽ تفصيلي جواب آھن ڇو ته آغا صاحب روايتي سوالن کان چِڙ کائيندو هو جنھن جو مثال مٿي پيش ڪري آيا آهيون.آغا صاحب کان پڇيل ھڪڙي سوال ته “ڪھاڻي، ناول يا شاعري پويان اوھان جا ڪھڙا ارادا ۽ آدرش ھوندا آھن. انھن ۾ اوھان ڏيڻ ڇا چاھيندا آھيو؟” جو ڏنل جواب مون کي ڏاڍو وڻيو آهي ۽ اھو جواب مان توهان کي به پڙھائڻ چاھيان ٿو.
“مان پنھنجي لکيل ادب ۽ فڪشن ۾ پنھنجن خوشين غمن ۽ پيڙائن کي ٻين سان ڀاڱي ڀاڱيوار ڪرڻ کي به پنھنجو آدرش سمجھان ٿو. مثال طور: رات جو ھلندي ھلندي چنڊ جو اھڙو روپ ٿو نظر اچي، جنھن کي ڏسڻ سان منهنجي دل چوندي ته مان توکي ٻڌايان ته: نصير! ڏس ڏس چنڊ ڪھڙو نه سھڻو پيو لڳي. يعني مانshare ڪرڻ ٿو چاهيان خوشيءَ کي. انھيءَ حُسن کي، جنهن کي مون ماڻيو. مان سمجهان ٿو ته تخليقي عمل به اھوئي آهي ته ليکڪ ٻين کي حصيدار بڻائي، share ڪري جيڪو ھن پاڻ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي.”
اسان کي مٿين خوبصورت ڳالهه ته پڙھڻ لاءِ ملي وئي، پر اسان جنھن ڳُجھه جون ڳالھيون جاچڻ لاءِ انٽرويو پڙھيا اھي ڳالھيون اسان کي معلوم ٿي نه سگھيون. ڇاڪاڻ ته آغا صاحب جي انٽرويو جي جيڪا رڪارڊ ٿيل ڪئسٽ ھئي، اھا نصير مرزا جي ٽيبل جي خاني مان چوري ٿي وئي ۽ تيستائين اڌ انٽرويو ئي پني تي اتري سگھيو ھو ۽ اھا ڳجھه جي ڳالھه ھيءَ ھئي:
“اھا عذرا ڪير آهي؟ ان تان ته اڄ پردو کڻو ئي کڻو!
کلندي وراڻيائين: اُھا بھرحال وامق واري “عذرا” ڪانھي نصير.
ڀلا عذرا رياض؟
نه منَ.”
شايد فھميده رياض… اِھو نالو نورالھديٰ شاهه مُرڪندي کيس ياد ڏياريو. آغا صاحب اِن تي الائي ڪهڙو جواب ڏنو هو. مون کي ھاڻي گھڻو سوچڻ جي باوجود ياد ئي ڪونه ٿو پوي.
ڪاش اِھا ڪئسٽ نه چورائجي ھا ته اسين مٿيون ڳُجھه ته معلوم ڪيون ھا، پر اڳتي شايد ڪي ٻيا راز يا علمي ڳالھيون ھجن ھا!
پاڻ ھاڻي ھڪڙي آخري ڳُجھي ڳالھه پڙھون ٿا جيڪا ھري موٽواڻي جي اندر اوري آھي.
“سٺ واري ڏهاڪي ۾ شيخ اياز صاحب رشيد ڀٽي سان گڏجي انڊيا آيو ھو. اياز ڇاڪاڻ ته اڳي ئي اسان لاءِ وڏو نالو ھو، تنھنڪري ڪجھه دوستن، سڳن آھوجا، موھن ڪلپنا ۽ ٻين شيخ اياز جي ڀارت ۾ تمام وڏي آجيان ڪئي. راجن چاولا انھن ڏينھن ۾ ٻين ۾ ڪجھه اڀريل ھو. ھن وٽ پنھنجي موٽر ڪار ھئي. جڏھن ته اسين غريبڙا ھئاسين، گاڏي ڪنھن وٽ ڪانه هئي. اياز کي ماني ته کارائي سگھياسين پئي، پر گھمائي ڦيرائي نه پئي سگھياسين. راجن وٽ ڪار سان گڏ نئون فليٽ به ھو. ھنن ٻنھي زال مڙسن شيخ اياز کي سڄي ھندستان جو سير ڪرايو. راجن چاولا چوي ٿو ته سير سفر دوران گفتگو ۽ فرينڪنيس جو شيخ اياز غلط مطلب ڪڍيو ۽ ڇا جو ڇا ويھي ڳالھيون لکيون، جن اسان جي زندگي ۾ وڏو ٽاڪوڙو وڌو… بعد ۾ گيتا به اياز جي لکيل ڳالھين تي پنھنجو رد عمل ڏيندي چيو ته اھڙي ماڻھوءَ سان ڪوبه ماڻھو رشتو نه رکي جو اسان ته هن کي وڏو ڀاءُ سمجھي ريسپيڪٽ ڏني ۽ ھن وري اسان کي پنھنجي لکڻين ۾ ڪنھن ٻي طرح سان ٽريٽ ڪيو. راجن چاولا ان سلسلي ۾ اياز سان جڏهن ڪراچيءَ ۾ احتجاج ڪيو ته اياز وري چيو، اھا ڪا ٻي “گيتا” آهي جنھن جو ذڪر مون ڪيو آهي.”
سو يارو اھڙا ڳُجھه ڄاڻڻ لاءِ انٽرويو پڙھندا ڪريو! ڪتاب ۾ وڌيڪ فتاح ھاليپوٽو، مظھر السلام، مراد علي مرزا ۽ امداد حسيني جا انٽرويو تفصيلي ۽ مزيدار آھن. ڪتاب نئون نياپو پاران شايع ڪيل آهي. آخر ۾ ھڪڙي نشاندهي به ڪندا ھلون ته ڪتاب جي ٽائيٽل پيج تي علي بابا جي تصوير به ڏنل آهي جڏھن ته ڪتاب ۾ سندس انٽرويو ڏنل ناھي!

