اها ڳالھ ڪا نئين ناهي ته وقت جي حڪومت مخالفن کي چيڀاٽڻ لاءِ هر حد ٽپي ويندي آهي، انهن جي مٿان ڪڙڪندي آهي، انهن جي ماضيءَ جي ڪارڪردگيءَ جي آڊٽ ڪرائيندي وتندي آهي، انهن کان حساب ڪتاب ڇڪي وٺندي آهي، مطلب ته ڪابه ڪسر ناهي ڇڏيندي. ڇو ته اڳيان چور ۽ پويان ساڌو يا ايندڙ سرڪار ساڌو ۽ ويندڙ سرڪار چور. ان ڪري اهو عام آهي ته جيئن ويٺل سرڪار آساني سان ماڻهن جي اکين تي هٿ رکي حڪومت ڪري وڃي ٿي، مخالف ڌر جو رينگٽ پيو هلندو آهي، پر جي ڪنهن هڪ ڌر کي اقتدار ملڻ جي پڪ ٿئي ته ايندڙ ڪرسي هنن جي حوالي ٿيندي ته پوءِ اهي زور به وٺن. ماڻهن هڪ دفعو اهو پي ٽي آءِ جي “بيٽ” کي ووٽ ڏئي غلطي ڪئي جو اها ماڻهن کي چيلھ تي اچي لڳي، پوءِ ڀلي اها معاشي بدحالي هجي، تعليمي ميدان ۾ اڻپوري ڊاڙ هجي، پرڏيهي پاليسي هجي، ڪشمير جو ڪوڙو نقشو هجي، پيٽرول جون قيمتون مهيني ۾ ٻه ٻه دفعا وڌائڻ واري ويڌن هجي، کنڊ جي بحرانن جي ڳالھ هجي، قانون، آئين، آرٽيڪلن جي لتاڙ هجي يا صوبن سان اڻ برابري هجي، ارڙهين ترميم جي بدهضمي هجي، صوبن سان ٻيائي هجي، پر ڪارڪردگي ته خان جي سرڪار جي ليکبي هئي. پي ٽي آءِ وٽ نه ڪا ليگسي نه هئي، نه ڪو ازم نه هو، نه ڪو پروگرام نه هو، نو ڪو منصوبو، نه ڪو مستقبل، نه ڪو شاندار سياسي ماضي، جنهن جي بنياد تي هي اهو چئي سگهن ته هنن جون سياسي پاڙون مضبوط آهن ۽ هي هاڻي پنهنجي ڪا ليگسي کڻي هلندا، هي ته ايڏا ساڙيلا آهن جو اهڙو ڪوبه منصوبو نٿا هلائين جنهن جو افتتاح وري ايندڙ حڪومت ڪري، باقي ماضيءَ جي سرڪار جي منصوبن جو افتتاح ڪرڻ ۾ هنن فخر محسوس ڪيو، اهڙن سياستدانن کي ڇا چئون؟