بلاگنئون

ڪم ڪيئن اُڪري؟ سسٽم جي ٻيڙي ٻڏل آهي

اها ڳالھ ڪا نئين ناهي ته وقت جي حڪومت مخالفن کي چيڀاٽڻ لاءِ هر حد ٽپي ويندي آهي، انهن جي مٿان ڪڙڪندي آهي، انهن جي ماضيءَ جي ڪارڪردگيءَ جي آڊٽ ڪرائيندي وتندي آهي، انهن کان حساب ڪتاب ڇڪي وٺندي آهي، مطلب ته ڪابه ڪسر ناهي ڇڏيندي. ڇو ته اڳيان چور ۽ پويان ساڌو يا ايندڙ سرڪار ساڌو ۽ ويندڙ سرڪار چور. ان ڪري اهو عام آهي ته جيئن ويٺل سرڪار آساني سان ماڻهن جي اکين تي هٿ رکي حڪومت ڪري وڃي ٿي، مخالف ڌر جو رينگٽ پيو هلندو آهي، پر جي ڪنهن هڪ ڌر کي اقتدار ملڻ جي پڪ ٿئي ته ايندڙ ڪرسي هنن جي حوالي ٿيندي ته پوءِ اهي زور به وٺن. ماڻهن هڪ دفعو اهو پي ٽي آءِ جي “بيٽ” کي ووٽ ڏئي غلطي ڪئي جو اها ماڻهن کي چيلھ تي اچي لڳي، پوءِ ڀلي اها معاشي بدحالي هجي، تعليمي ميدان ۾ اڻپوري ڊاڙ هجي، پرڏيهي پاليسي هجي، ڪشمير جو ڪوڙو نقشو هجي، پيٽرول جون قيمتون مهيني ۾ ٻه ٻه دفعا وڌائڻ واري ويڌن هجي، کنڊ جي بحرانن جي ڳالھ هجي، قانون، آئين، آرٽيڪلن جي لتاڙ هجي يا صوبن سان اڻ برابري هجي، ارڙهين ترميم جي بدهضمي هجي، صوبن سان ٻيائي هجي، پر ڪارڪردگي ته خان جي سرڪار جي ليکبي هئي. پي ٽي آءِ وٽ نه ڪا ليگسي نه هئي، نه ڪو ازم نه هو، نه ڪو پروگرام نه هو، نو ڪو منصوبو، نه ڪو مستقبل، نه ڪو شاندار سياسي ماضي، جنهن جي بنياد تي هي اهو چئي سگهن ته هنن جون سياسي پاڙون مضبوط آهن ۽ هي هاڻي پنهنجي ڪا ليگسي کڻي هلندا، هي ته ايڏا ساڙيلا آهن جو اهڙو ڪوبه منصوبو نٿا هلائين جنهن جو افتتاح وري ايندڙ حڪومت ڪري، باقي ماضيءَ جي سرڪار جي منصوبن جو افتتاح ڪرڻ ۾ هنن فخر محسوس ڪيو، اهڙن سياستدانن کي ڇا چئون؟

پي ٽي آءِ سرڪار جا ڄڻ هٿ رڱيل نه هئا، هنن فارين فنڊنگ ۾ ڪجھ نه ڪيو، هنن جا 4000 اڪائونٽ ڪوڙا هئا، جن ۾ هنن پئسا گهرايا، هنن جي خاص ماڻهن جا اڪائونٽ جن جي اليڪشن ڪميشن عدالت کي جاچ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي، سي به ڪوڙا، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ڏاڍائي به ڪوڙي، اليڪشن جا ايڪٽ جنهن تحت هي ڪوبه چندو ڪنهن به ٻاهرين ماڻهن کان نٿا وٺي سگهن، پر ورتا سي به ڪوڙا، وري ٻيو ته اڳوڻي ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر تي زور رکڻ ته اهو ڪورٽن ۾ جسٽس جي خلاف شاهديون ڏئي سي به ڪوڙيون، وري کنڊ جي اسڪينڊل ۾ جهانگير خان ترين جي ڳالھ تي هن کي پت ناهي، هن وري هڪڙي شخص تي ٻڌل جاچ ڪاميٽي ٺاهي هئي، جيڪا ان ڳالھ جا ثبوت گڏ ڪندي هئي ته جهانگير ترين واقعي کنڊ جي اسڪينڊل ۾ ملوث هو يا نه. حالانڪه هن سان گڏ ملڪ جي ٻين 30 شگر ملن جي مالڪن کي به نوٽيس ويا هئا ته ڪنهن انهن کنڊ جا هٿرادو بحران پيدا ڪري حرام جا پئسا ڪمايا. (ساڳي ڪارِ شهباز سرڪار جي به آهي) انهن ۾ مريم نواز جون شگر ملون به هيون، انهن ۾ حمزا شهباز جون شگر ملون به هيون، ان ۾ اهڙي طرح سڄي ملڪ جون ملون شامل هيون ته پوءِ هڪڙي هن تي هٿ ڇو رکيو ويو. هن جهانگير ترين ته رڳو خان سان ملڻ جي فرمائش ان ڪري به ڪئي هئي ته هن جي پٽ ۽ ڄاٽي کي ۽ هن جي خاندان جي عورتن کي ان ايف آءِ آر کان پري رکيو وڃي، انهن کي معاف ڪيو وڃي، ڇو ته سڄي خاندان جي مٿان ڪيس هلائڻ هن کي تڪليف پيا ڏين، باقي هي پاڻ ئي منهن ڏئي ويندو، ڇو ته هن مهل تائين ڪهڙا ڪيس نبريا آهن جو هن جو ڪيس نبرندو. نيب ڪنهن جا کنڌا کنيا آهن، جو هاڻي ترت ٻڌڻيون هلائيندا ۽ مخالف جشن ملهائين ته جهانگير ترين جيل ۾ ويندو يا خان ٻاهر ايندو، پر اهو ضرور هو ته هنن هيڏن بحرانن جي ڪري اسٽيبلشمينٽ مائينس ون فارمولو هلايو جو نانگ به مري ۽ لٺ به بچي.

جهانگير ترين ۽ ان جي حامي وزيرن اندر ئي اندر ڪا گيم پئي کيڏي، ان وقت پنجاب جي صوبائي سرڪار لوڏن ۾ هئي، ان ۾ اسپيڪر به خطري ۾ پئجي ويو هو، ان ۾ سينيٽ جي چيئرمين جا 90 ڏينهن به پورا ٿيا جو ان جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ اچي وئي هئي، باقي لانگ مارچ نه ٿيا، نه استعيفائون آيون، نه ڪو ٻيو ممڻ متو، وري اهو به آهي ته هن جهانگير ترين جي چوڻ تي جاچ آفيسر ضرور مٽايو ويو، ڇو ته پهريون ايف آءِ اي جو ڊائريڪٽر محمد رضوان هن کي پسند نه هو، وري جيڪو خان هن جي لاءِ جاچ آفيسر چونڊيو هو، ان جهانگير ترين کي سزا کان بچايو، ڇو ته اهو خان هن جي پسند جو رکيو هو، پر اها دعويٰ به هئي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم تي اثر انداز نه ٿيندي، حڪومت الزامن جي زد ۾ ايندڙ جهانگير ترين جي حق ۾ نه ڳالهائيندي، پوءِ اڃان ڇا ڪري ها. جهانگير ترين جي چوڻ تي هن جي پٽ، ڄاٽي ۽ هن جي خاندان جي عورتن تي هلڪو هٿ رکين، انهن جي مٿان ايف آءِ آر جيڪي اپريل مهيني ۾ ڪٽيل هئي اها يا ته خارج ٿي وئي يا لئي مٽي ٿي وئي، رڳو جهانگير ترين جي جاچ هلندي رهي، ڇو ته اصل ڏوهي هو ئي اهو، جنهن شخص هن جي مٿان آيف آءِ آر ڪٽرايون ان کي هٽائي ڇڏين ته معنيٰ ڪيس ته ڪمزور، وري جڏهن هن جي مرضي جو جاچ آفيسر رکيو هئن جنهن وري نئين سئين ڪيس جي جاچ پڙتال ڪئي، معنيٰ ڪم ڊگهو، نه نبرڻ جو نه ڪرڻ جو. اها ڳالھ ايئن به آهي ته پي ٽي آءِ جي سرڪار شوڪت ترين سان به اهڙيون رعايتون هلائي چڪي هئي، جنهن جي اها فرمائش هئي ته جي نيب جا ڪيس جهڪا ٿيندا، (ڀلي ختم نه به ٿين)، پر هي پنهنجو وقت وڄائي ويندو، ڪم ڪڍي ويندو، پوءِ جو الله مالڪ آهي، وقت گذرڻ سان ڪي آفيسر مٽبا سٽبا رهيا، جن جي نه جاچ نبري، نه ڪم نبريو، اڍائي سالن ۾ هنن ڪهڙي جاچ پوري ڪري ماڻهن جي مٿان ڪيس ثابت ڪيا هئا جو هن جي مخالف ثابت ٿيندا، حمزا شهباز جي مٿان ڪيس هئا ان جي ثابت نه ٿيڻ جي ڪري ان کي آزاد ڪري ڇڏين، اهي پوءِ نون ليگ جا نه هئا يا اهي نواز شريف کان ڌار هئا، جو انهن جي مٿان هلڪو هٿ رکين، وري شهباز شريف به آزاد ٿي ويو کڻي ضمانت تي ئي صحيح، پر مني لانڊرنگ ڪيس ڪهڙا ثابت ٿيس، ڪجھ به نه ڇھ مهينا ڪاٽي نڪري آيو ۽ پوءِ 30 شگر ملن جا ڪيس به ڪڏهن نه نبريا. سڄو ملڪ ته جيل ۾ نٿا وجهي سگهن يا پي ٽي آءِ انهن 40 ايجنٽن جي خلاف به آيف آءِ آر ڪٽرائي هئي، جيڪي اهڙي طرح بلين رپين جي ڪرپشن ڪري چڪا هئا. جهانگير ترين جا برطانيا ۾ اثاثا به آهن، ڀلي شهزاد اڪبر جي ڀڙڪين ۾ هن جا 24 کن بينڪ جا اڪائونٽ به بند ڪيا هئن (جيڪي کلي به ويس)، پر ڳالھ اها به آهي هتان جهڙي آئين، قانون، آرٽيڪل ڦيرائڻ واري رياست مان ڪهڙي اميد ته اهي موجوده سرڪار هوندي ڪو اهڙو ايڪشن کڻندا جو اهي سڀ خوار خراب ٿين جن ڪرپشن جي پئسن مان کربين رپيا ٺاهيا آهن. انهن ۾ اهي 30 شگر ملون به آهن، اهي 40 “ساٽا” جا ايجنٽ به آهن، بسميت خسرو بختيار جي جنهن وٽ پڻ اربين رپين جا اثاثا آهن، جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ به اٿس. خان ته پنهنجي دور ۾ انهن سڀني کي پنهنجي اوڙ ۾ ڪيو ويٺو هو، ڇو ته انهن کي خوار خراب ڪرڻ معنيٰ انهن 40 وزيرن کي به هشي ڏيڻ هئي، جيڪي صفا تيار ٿيا ويٺا هئا ته اهي يا ته پ پ جو حصو ٿيندا يا نون ليگ انهن کي خريد ڪري وڃي يا گڏيل طور ماضيءَ جي پي ڊي ايم جو حصو بڻجي ويندا.

خان ته سڌو سنئون ٻه واٽي تي ضرور هو ڇو ته نيب کي سفارش ڪرڻ سان يا ايف آءِ اي تي ڪهڙي به قسم جي اثر وجهڻ سان رياست هن کي خوار ضرور ڪيو ۽ هن جي سياسي ساک خراب ٿي، وري جي جهانگير ترين جي ڪارروائي ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي جي پاسي ٿي بيٺو ته بگڙيل ۽ باغي وزير اهي سڀ ڪم ڪري ڏيکاري ويس جن جي پي ڊي ايم کي آس هئي ته اهي ائين مکڻ مان وار ڪڍي ڇڏين، جو خان کي مائنس ون جو کاڄ ڪين. جيئن گيلاني کي 26 اپريل 2012 ۾ ڪورٽ جي فيصلي جي ڪري گهر موڪليو هئن، ڇو ته اهو سوئس اڪائونٽن جي لاءِ سوئس سرڪار کي خط نه پيو لکي، پوءِ کڻي ٿيو ڪجھ به نه هو، پر وري راجا پرويز اشرف کي کڻي آيا جيڪو وري رينٽل پاور جي ڪيسن ۾ ٻڏل هو، پر ان طريقي هنن پ پ جي سرڪار ختم نه ڪئي، پر وزيراعظم کي مدو پورو ڪرڻ نه ڏنن، وري ساڳي ڪار هنن 28 جولاءِ 2017 ۾ نواز شريف سان به ڪئي جو پاناما ليڪس جي جاچ ۾ ڪورٽ سان ڪوڙ ڳالهائي ويٺو، پر ڪوڙ ته عمران خان به هنيا هئا پوءِ هن جي ان ڳالھ جو نوٽيس نه ورتن يا وقت جو انتظار ڪين.