۽ عائشه اچي وئي ليکڪ: قدرت الله شهاب ترجمو: انجنيئر عبدالوهاب سهتو
ڪھاڻيءَ (جي ڪھاڻي ھيءَ ھڪ اھڙي شخص جي ڪھاڻي آھي، جيڪو ورھاڱي ويل، ممبئيءَ کان ڪراچيءَ لڏ پلاڻ ڪري ٿو. جتي ھو روزگار طور ڪيترائي ڪم ڪري ٿو، پر کيس ڪاميابي نصيب نٿي ٿئي. پوءِ ڪي ماڻھو کيس دلالي ڪرڻ لاءِ چون ٿا، پر پنھنجي ديندار ڌيءَ جي لاءِ ھو ان ڌنڌي کان منھن موڙي ٿو ڇڏي. ڌيءَ کي پرڻائڻ لاءِ ھو ساڳين ڪمن ۾ پوري جو پورو کُپي ٿو وڃي ۽ وڏو امير ٿي ٿو وڃي. پرڻي جي وڏي عرصي پڄاڻان سندس ڌيءَ ساڻس ملڻ لاءِ اچڻ واري ھوندي آھي ته ھو انھن مڙني ڌنڌن کان توبهه ڪري ڇڏيندو آھي.)
کوکرا پار جي ھنڌ تي سرحد ٽپندي ھندستاني ڪسٽم جي پھريدارن عبدالڪريم ۽ سندس ونيءَ کي ته وڃڻ ڏنو، پر سندن ٽي شيون وڌيڪ تحقيق لاءِ پاڻ وٽ جھلي ڇڏيون. اھي ٽي شيون؛ سنگر سلائي مشين، ھرڪيولس جي سائيڪل ۽ عبدالڪريم جي نوجوان ڌيءَ عائشه تي مشتمل ھيون.
ٻن ڏينھن ۽ ھڪ رات جي منٿن ميڙين کانپوءِ به ھزارين ھِچن بعد جڏھن اھي شيون مليون ته سلائي مشين جا ڪيترا پرزا گم ھئا. سائيڪل جي گدي، ٽائر ۽ ٽيوب اڻ لڀ ھئا ۽ عائشه…
خير اھو به غنيمت ھو جو الله گھريو ته سلائي مشين جا ڪَل پُرزا نوان وجھرائي وٺبا. سائيڪل جي گدي، ٽائر ۽ ٽيوب به ٻيا ملي ويندا ۽ عائشه…
عائشه جو به الله مالڪ آهي. عبدالڪريم جو ايمان، غيب جي پراسرار شين تي سرس ھو. اڄ معمول کان سرس ڪشف جي ڪيفيت ڇُلڪي رھي ھئي.
جڏھن ھو ريلوي ٽيشڻ تي پھتو ته اتان جي مقامي والنٽيئرن کين گوشت جي ٻوڙ جو پيالو ۽ چار تازا تازا نان کائڻ ڪاڻ ڏنا. اڇا ڦول، نرم نرم ۽ ھٻڪار ڀريا نان ڏسي، عبدالڪريم پنھنجي ونيءَ جي سَٿَر تي چوريءَ چھنڊڙي ھنئي ۽ سرٻاٽ ۾ چيائينس؛ ”عائشه جي ماءُ! ڇا ٿي ڏسين! ڪھڙا نه نجا ۽ جھٻيل نان آھن. ھيل ممبئيءَ ڇا پيو ھو؟ چئن سالن کان ڪنھن چڱي اٽي جي شڪل ڏسڻ لاءِ سڪي مئا ھئاسين. واھ! ڪھڙا نه مکڻ جا چاڻا جوڙيا آھن منھنجي مولا!“
جڏھن ريل گاڏيءَ جي گاڏي ۾ چڙھيا ته ڪي مسافر پنھنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن ماڻھن سان عليڪ سليڪ ۾ لڳا پيا ھئا. ”اسلام عليڪم“، ”وعليڪم السلام“، ”السلام عليڪم و رحمة الله و برڪاتہٗ“. عبدالڪريم، وري پنھنجي ونيءَ کي ٺونٺ ھنئي؛ ”عائشه جي ماءُ ٻڌين پئي؟ ڇا ته ڌوم ڌام سان سلام پيا ٿين. واھ! اسلام جو ته شان ئي اور آ! ڀيڻسان ممبئيءَ ۾ ته ’بندي ماترم‘، ’بندي ماترم‘ ٻڌي ٻڌي ڪن ئي پچي پيا ھئا. خدا جو قسم اڄ ته منھنجي ڇاتي به کُلي پئي آھي. واھ! ڇا ته ڳالھ آهي منھنجي مولا جي.“ عبدالڪريم پنھنجي اوسي پاسي ۾ ويٺل مسافرن سان وڏي جوش خروش منجھان ھٿ ملائڻ ۽ ھانءُ ڦاڙي ڦاڙي اسلام عليڪم چوڻ شروع ڪيو، جي سندس وني کيس پڪڙي واپس وٺي نه ويھاري ھا ته مڄاڻ ھو ان ڪرت ۾ الائي ڪيستائين رُڌل ھجي ھا.
جڏھن ريل گاڏي چُري ته عبدالڪريم وڏي ڌيان سان ان جي ڦيٿن جي چرڙاٽن کي ٻڌو. ٻاھر، تار جي ٿنڀن جي حساب سان گاڏيءَ جي رفتار جو اندازو ھڻڻ لڳو. ”واھ!“ ھن پنھنجي ونيءَ کي وري ٺونٺ ھنئي؛ ”ھن جي آڏو طوفان ميل ڪھڙي شيءِ آھي؟ اندر ئي ٺري پيو گاڏيءَ ۾ ويھڻ سان. عائشه جي ماءُ! تون به پنھنجي تسبيح ڪڍ! ۽ ظاھر پاھر دل کولي ويھي الله جو نالو وٺ! ڇا مجال آهي جو پويان ڪو اچي تنھنجو ڳلو ڪپي.“
ھڪ ٽيشڻ پڄاڻان ٻي ٽيشڻ ايندي وئي، گاڏي بيھندي ۽ ھلندي رھي، مسافر لھندا ۽ چڙھندا رھيا. عبدالڪريم دريءَ مان منھن ٻاھر ڪڍي پنھنجي ماحول کي پنھنجي دل، سيني ۽ اکين ۾ ڳِھندو رھيو. صاف سُٿرين وردين وارا گارڊ جن جي مٿي تي جناح ڪئپ، ھٿ ۾ سائي ۽ ڳاڙھي جھنڊي ۽ وات ۾ سيٽي ھئي. پليٽ فارم تي سرڻين وانگر لامارا ڏيندڙ قلي، ڀون ڀون ڪندڙ مکين سان سٿيل مٺائين ۽ کاڌن جا ٿالھ، ٻاھر اک جي نظر تائين ڦھليل وڏا وڏا ميدان، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪن ڪچن پڪن گھرن منجھان نڪرندڙ دونھون، تراين ۽ ٽوڀن منجھان پاڻي ڀريندڙ ۽ ڪپڙا ڌوئيندڙ مايون. مٽيءَ ۾ ڀڀوت انگن اگھاڙا ٻارڙا. اُڀ ڏانھن اکيون اڀيون ڪري تڪي ڪيڪاٽ ڪندڙ ڪتا، ٻليون ۽ ڳِجھون. ڪٿي ڪٿي ڪنھن ڍڳيءَ، ڏاند يا مينھن جو سڙيل ڳريل بدبودار لاش…
جڏھن حيدرآباد جي ٽيشڻ آئي ته سڀ کان اڳ عبدالڪريم جي نظر ھڪ رنگين بورڊ تي وڃي پئي، جنھن تي ھڪ دل ڏڪائيندڙ مار ڌاڙ واري فلم جو اشتھار ھو. اھو ڏسي سندس واڇون ئي وِلليون ٿي ويون. ساڳئي پليٽ فارم تي ڪجھ سپاھي ڏھن ٻارھن ملزمن کي وڪوڙيو بيٺا ھئا ۽ ھڪڙو مئجسٽريٽ ڪرسيءَ تي آڪڙيو کليل ڪورٽ لڳايو ويٺو ھو ۽ بنا ٽڪيٽ سفر ڪرڻ وارن کي ڌڙا ڌڙ ڏنڊ جون سزائون ڏيئي رھيو ھو. سرڪار جو اھو رعب ۽ داٻو ڏسي عبدالڪريم ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ وري معمول مطابق پنھنجي ونيءَ جو ڌيان ان طرف ڇڪائڻ خاطر سندس سٿر تي چھنڊڙي ھنيائين؛
”عائشه جي ماءُ! انتظام ھجي ته اھڙو. ڀيڻسان ممبئيءَ ۾ ڪنھن ٽڪيٽ چيڪر جي مجال آهي جو بنا ٽڪيٽ وارن کي روڪي ٽوڪي سگھي. واھ! حڪومت جو ڍنگ به مسلماني خون ۾ ئي آھي. مان ته اڳي ئي چوندو ھئس ته اھو ھنن لالا لوڪن جي وس جو ناھي.“
عائشه جي ماءُ، ڏاڍي سڪون سان سيٽ تي اوڪڙو ويٺي ھئي. ان پنھنجي ڳنڍ مان ھزار مڻين واري تسبيح ڪڍي ۽ ھاڻي وڏي ڌيان سان ان تي الله تعاليٰ جي نوانوي نالن جو ورد ڪرڻ ۾ مشغول ھئي.
”عائشه! ڌيءَ!“ عبدالڪريم پنھنجي ڌيءَ کي سڏيو؛ ”ڏسين ٿي نه پنھنجي ماءُ جا ٺٺَ! واھ! ڇا ته ڳالھ آهي پنھنجي وطن جي ڌيءَ! ھن ڪاري صندوق مان منھنجي ٽوپي به ته ڪڍ ڀلا! ھاڻ ھتي ڪھڙي ڪميڻي جو ڀئو آھي؟!“
عائشه، مشيني انداز سان صندوق کولي ۽ ٽوپي ڪڍي پنھنجي پيءُ کي ڏنائين. اھا ھڪڙي پراڻي سرمائي رنگ جي جناح ڪيپ ھئي، جيڪا پائي عبدالڪريم ڪنھن وقت ڀنڊي بازار جي جوشيلن جلسن ۾ شامل ٿيندو ھو، پر ھاڻ چئن سالن کان اھا ٽوپي انھيءَ صندوق ۾ بند پئي ھئي ۽ مٿس لڳل، نِڪل جو چنڊ تارو پڻ زنگجي ٽوپيءَ جي رنگ جھڙو ٿي ويو ھو.
ٽوپي پائي عبدالڪريم سينو تاڻي، ويھي رھيو ۽ دريءَ کان ٻاھر اڏامندڙ ڌُڌڙ کي تڪيندو رھيو. عائشه پڻ ٻاھر تڪي رھي ھئي. ھڪ کِٿ ۽ بيزار ڪندڙ نگاھ سان، جنھن جي آڏو ڪنھن منزل جو نشان ئي نه ھجي. ھوءَ وري وري ڪوشش ڪري رھي ھئي ته دل ئي دل ۾ دعاءَ گنج العرش جو ورد ڪري. انھيءَ دعا سندس ڪيتريون ئي مشڪلاتون حل ڪيون ھيون، پر اڄ ان دعا جا لفظ، سندس چپن تي اچي چچرجي پئي ويا ۽ زبان تائين پھتا ئي نه پئي. سندس دل به اندر ئي اندر ۾ پڪاري رھي ھئي ته ھاڻي اھا وڏو اثر رکڻ واري دعا به سندس مشڪلات آسان نه ڪري سگھندي. ھاڻ ھوءَ اھڙي ھڪ منزل تي پڄي چڪي ھئي جتان خدا جي خدائي به راھ نه ڪڍي ڏيندي آهي. توبهه! اھو ته وڏو ڪفر آهي. خدا جي ذات ته قادر مطلق آهي. اگر اھو چاھي ته زماني جي ڦيرن جو رخ ئي پوئتي موڙي ڇڏي ۽ زماني کي وري نئين سر ساڳئي لمحي کان شروع ڪري ڇڏي؛ جڏھن عائشه اڃان کوکرا پار ويجھو ھندستاني ڪسٽم چوڪيءَ تي نه پھتي ھئي…
ڪراچيءَ پھچي سڀني کان پھريون مسئلو، سر لڪائڻ لاءِ جاءِ جي ڳولا ڪرڻ جو ھو. ٻين ماڻھن کي ڏسي عبدالڪريم پنھنجو سامان ٽيشڻ جي ٻاھران ھڪڙي فوٽ پاٿ تي اچي سٿيو ۽ عائشه ۽ سندس ماءُ کي اتي ويھاري جاءِ جي ڳولا ۾ نڪري پيو. ڳچ رات گذري جڏھن ھو موٽيو ته سڄي ڏينھن جي ھڻ ھڻان سبب ڏاڍو ٿڪل ھو، پر سندس چھري تي خوشيءَ ۽ اطمينان جا آثار ٻھڪي رھيا ھئا.
”عائشه جي ماءُ!“ عبدالڪريم فوٽ پيريءَ تي پير ڊيگھاريندي چيو؛ ”پنھنجي ڪراچيءَ جي آڏو ڀيڻسان ممبئيءَ جي ڪابه حقيقت ئي ڪانھي. تنھنجي سر جو قسم! اھڙا اھڙا عاليشان محل اڏيا پيا آھن، جيڪي نه ڪڏھن ڏٺاسين، نه ٻڌاسين. ھڪ کان اور ٻيو سيٺ به موجود ويٺو آھي. تنھنجو قسم! ھڪڙو ھڪڙو سيٺ ممبئيءَ جي چئن مارواڙين کي ته کيسي ۾ وجھيو ھلي. ٻيو ته موٽر ڪارون؟! ڀيڻسان انھيءَ ممبئيءَ ڪاٿي اھڙيون ڀانت ڀانت جون موٽرون ڏٺيون ھونديون! ڀر منجھان لنگھي وڃن، سمجھ ته ڄڻ ڪنھن ريشم جو ٿانُ کولي رستي تي وڇائي ڇڏيو ھجي. ھاڻي رڳو ٿورو ٿانيڪو ٿي ويھون ته توکي به گھمائي ڦيرائي ايندس. دل خوش ٿي ويندئي، ڪراچيءَ جي بھاري ڏسي.“
”گھر جو ڪجھ ٿيو؟“ عائشه جي ماءُ، حقيقت ڏانھن موٽي آئي.
”اڃان ڪھڙي تڪڙ پئي آهي. الله گھريو ته سمورا انتظام ٿي ويندا. اڄ مون گھمي ڦري، پڳڙيءَ جا اگھ پار پڇيا آھن. خدا جو قسم. عائشه جي ماءُ، ڪراچيءَ جي آڏو اھا ڀيڻسان ممبئي ته ڪجھ به ڪونھي. پڳڙيءَ جي اگھن کي جيترو ھتي چاڙھ آهي، ايڏو ته ممبئي وارن خواب ۾ نه ڏٺو ھوندو.“
عبدالڪريم جو ھاڻي اھو معمول ٿي ويو ھو ته اسر ويل، اونداھڙي وقت ۾ نڪري پوندو ھو. ڪڏھن بس ۾ چڙھيو، ڪڏھن ٽرام ۾، ڪڏھن رڪشي تي ته ڪڏھن پيرين پنڌ. ڪياماڙي، ڪلفٽن، بندر روڊ، صدر، فريئر پارڪ، اسيمبلي ھال، چيف ڪورٽ، جيل، پير الاھي بخش ڪالوني، خدا داد ڪالوني، ناظم آباد، منگھو پير، قائد اعظم جي مزار… ڪو اھڙو ھنڌ نه ڇڏيو ھئائين، جنھن جو پنھنجي غور فڪر واري نظر سان جائزو نه ورتو ھئائين ۽ ڪو جائزو اھڙو نه ھو جنھن سندس خون جي گردش تيز ۽ دل کي شاد نه ڪيو ھجي. ٻيو ته عبدالڪريم کي ڪراچيءَ جا فقير به خانداني نظر پئي آيا، جيڪي ماچس يا باڪس ۽ اخبارون کپائي کپائي، وڏي خوش اسلوبيءَ سان دان گھرندا ھئا. ممبئيءَ وانگر نه، ھڪ ٻئي کان وڌيڪ ٿلھا متارا، لٺ کنيو گھمندا ۽ پن منڱ ايئن ڪندا ڄڻ ڌمڪي ڏئي، ابي ڏاڏي جو ڏنل قرض اوڳاڙيندا ھجن.
ھڪ ڏينھن جمعي جي نماز پڙھڻ لاءِ جامع مسجد ويو. نمازين جو وڏو ھجوم ھو. مصر، شام، عراق، حجاز ۽ ايران کان وڏا وڏا ماڻھو، ھڪڙي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ آيل ھئا. نماز کانپوءِ پاڪستان متعلق ڏاڍيون شاندار تقريرون ڪيائون. الله اڪبر جا نعرا گونجيا. ماڻھو اٿي اٿي سندن ھٿ چمڻ لڳا. ڀاڪر پائڻ لڳا ۽ چؤطرف جوش خروش جو عجيب عالم ڇانيل ھو. اھو نظارو ڏسي عبدالڪريم جي اکين مان بي اختيار ڳوڙھا ڳڙڻ لڳا. وري جڏھن سمورا ماڻھو ھليا ويا ته ھن الله تعاليٰ جي حضور ۾ شڪراني جون ٻه رڪعتون نفل پڻ پڙھيون.
ممبئيءَ ۾ عبدالڪريم وٽ ڀنڊي بازار جي پويان، ھڪڙي ننڍڙي کولي ھوندي ھئي. ھڪڙو اونداھو ۽ ڀوائتو ڪمرو نه منجھس ورانڊو ۽ نه اڱڻ، نه تازي ھوا ۽ نه اس. ٻيو ته مھينو پورو ٿيو، ساڍا ڏھ رپيا ڪرائي جا ٺيڪ پھرينءَ تي نه ڀريائين ته سيٺ جي گماشتي جي ھنيانءَ-پَٽَ ۽ ڌمڪيون الڳ. ليڪن ان جي ڀيٽ ۾ ڪراچيءَ ۾ زندگي وڏي مزي سان پئي گذرندي ھئس. جنھن فوٽ پيريءَ تي ھن پھرئين ڏھاڙي تي کُپ کوڙيا ھئا، ھاڻ تِتي ڪي ٻارھن فوٽ ڊگھي ۽ ڏھ فوٽ ويڪري جاءِ والاري، ٻين ماڻھن کي ايئن ڪندو ڏسي، ھن به ڪاٺيءَ جا تختا ڳنڍي ۽ پراڻين ڳوڻين جو پردو ٽنگي، ھڪڙي ننڍڙي جھوپڙي کڻي اڏي وڌي ھئي. کليل ۽ ھوادار، اس ۽ روشني بنا جھل جھڪ جي منجھس پئي اچي. ويجھو ئي بجليءَ جو ٿنڀو ھو. جنھن جي بلب جي روشني، بلڪل جھڳيءَ تي پِئي پَئي. پاڻيءَ جو نلڪو به ڪو پري نه ھو. ٻيو ته نه ڪرائي جي جھِڳ جھِڳ، نه ھر مھيني سيٺ جي گماشتي جون رڙيون ڪوڪون. اتفاق سان اوسي پاسي وارا پاڙيسري پڻ شريف ماڻھو ھئا ۽ مڙني جو پاڻ ۾ چڱو وقت پيو گذرندو ھو.
ممبئيءَ ۾ عبدالڪريم کوڙ ڌنڌا بدلايا ھئا. آخر ۾ جڏھن ڪانگريسي حڪومت شراب جي ممانعت جو حڪم جاري ڪيو ھو ته عبدالڪريم جي لاءِ معاش جي ذريعي جي ھڪڙي مستقل صورت پيدا ٿي پئي ھئي. ايڪسائيز جي عملي، ديسي شراب ٺاھڻ وارن ۽ بنا پرمٽ جي شراب پيئڻ وارن سان سندس سٺا تعلقات ھئا ۽ ھيءُ انھن ٽنھي جي مناسب خدمتن عيوض پنھنجي لاءِ ٻه اڍائي سئو رپيا ماھوار ڪمائي وٺندو ھو. ڪراچيءَ پھچڻ کانپوءِ ھن وڏي ڳولھا ڦولھا ڪئي ته خبر پيس ته مملڪت خدا داد جي گاديءَ واري ھنڌ ۾ ته حال في الحال شراب جي حرمت جو حڪم نازل نه ٿيو آھي.
اھو ڏسي سندس دل ۾ گھڻن ئي وسوسن ڪَرُ کنيو. جڏھن ته ھو چور بازار ۾ شراب جو ڪاروبار ڪري وٺندو ھو، پر ھو ان کي حرام شيءِ ضرور سمجھندو ھو. ٻيو ته ھن پاڻ ڪڏھن ان کي چپن تي به نه آندو ھو. جڏھن ڪانگريسين، شراب تي پابنديءَ جو قانون مڙھيو ته ھيءُ پنھنجي سنگتين آڏو وڏيون وڏيون ڊاڙون ھڻندو ھو ته؛ ”ھندن اھا ڪم جي ڳالھ مسلمانن جي مذھب مان سکي آھي.“ پر جڏھن ڪراچيءَ ۾ اھا بگڙيل حالت ڏٺائين ته کيس وڏو ذھني صدمو رسيو. ھن ماڻھن کان ان متعلق کوٽھڙا ڏيئي پڇيو به، پر ڪوبه کيس دلي طرح مطمئن نه ڪري سگھيو. نيٺ ھڪ ڏينھن جڏھن ھو حڪيم نجيب الله خان جي شفا خاني تي ڊاڙون ڊش ھڻي رھيو ته ڳالھين ڳالھين ۾ شراب جو مسئلو ڇڙي پيو. حڪيم صاحب، پنھنجي محلي ۾ وڏو جيد عالم تصور ڪيو ويندو ھو ۽ دوا درمل کان علاوه مسئلن مسائلن سان به خلق خدا جي خدمت ڪندو ھو. عورتن ۾ ھسٽيريا جي مرض جو بنا دوا جي، محض روحاني وسيلن سان ڇڏرائڻ وارو سندن اھو خيال، پڻ ڪمال ھو. عبدالڪريم جا شڪ شڪايتون ٻڌي، حڪيم صاحب مرڪيو ۽ عقلي، برھاني ۽ قرآني زاوين سان شراب تي وڏي فصاحت ۽ بلاغت سان روشني وڌائين. ھر امر ۾ نيڪي ۽ بديءَ جون راھون ھونديون آھن. انسان جو ڪمال اھو آھي ته ھو بديءَ کان منھن موڙي ۽ نيڪيءَ کي اختيار ڪري. اھڙيءَ طرح شراب جا به فائدا ۽ گناھ، سندس سامھون آھن. اتي به انسان جي اختيار جي قوت جو امتحان آھي. شراب تي قانوني بندش مڙھي، انسان کي انھيءَ امتحان کان محروم ڪرڻ، سراسر مشيت ايزديءَ جي خلاف آھي.
عبدالڪريم تي انھن تفسيرن جو وڏو اثر ٿيو ۽ اسلام، ايمان ۽ قرآن جا نوان نوان راز مٿس کلڻ لڳا. ”عائشه جي ماءُ!“ ھن چيو؛ ”غلاميءَ جي زندگي به ڪا زندگي آهي ڀلا؟ پنجاھ ورھيه ٿي ويا ڀيڻسان انھيءَ ممبئيءَ ۾ رھندي. نمازون به پڙھيم، قرآن شريف به سکيم، پر ڇا مجال آهي جو ڪڏھن سيني ۾ ڪا ايماني چڻنگ به دکي ھجي. ھاڻ ھتي اچي نوان نوان راز کلڻ لڳا آھن. سچ چوندا آھن ته؛ ايمان جو مزو به آزديءَ سان آھي.“
”انھيءَ لاءِ ته حديث شريف ۾ آيو آھي ته؛ غلام ملڪ ۾ جمعي جي نماز تائين به جائز ناھي.“
شراب واري طرف کان مطمئن ٿي، عبدالڪريم ٻين گھڻن ڪاروبارن ڏانھن ڌيان ڌريو، پر کيس چور بازاريءَ وارا تجربا ڪم ۾ آڻڻ جي ڪٿي به ڪا صورت نظر نه آئي. شراب آ ته کليو کلايو پيو وڪامي. اٽو آ ته سر عام چئين آني سير جي حساب سان ڍيرن جا ڍير پيو ملي. ڪپڙي جي به ڪا کوٽ ڪانهي، کنڊ پڻ عام آهي. ھاڻ چور بازاري ٿئي ته ڪنھن جي سھاري ٿئي؟ پھرين ھن پان ٻيڙي وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي. پوءِ آئس ڪريم ۽ فروٽ جي ٺيلھن تي قسمت آزمايائين. ان کانپوءِ ڪپڙي جو ھڪڙو ننڍڙو ھٽڙو کوليائين. گذر سفر جيترا پئسا ته ھر ھنڌان نڪري پيا ايندا ھئا، پر زندگيءَ جو پيارو مٺاس ختم ٿي ويو ھو ۽ سڌو سنئون دڪان تي ويٺي ويٺي عبدالڪريم جي دل بيزار ٿي ويندي ھئي. ھو ڪنھن خطرن سان ڀرپور، ڳجھ ڳوھ ۾ ھلندڙ ڌنڌي جو ڳولائو ھو، جنھن جو تجربو، ھن زندگيءَ جا بھترين سال وڃائي، حاصل ڪيو ھو، پر في الحال ان جي ڪا صورت نظر نه پئي آيس. ان ڪري سندس دل ۽ دماغ تي سدائين ھڪ مستقل بيزاريت ڇانيل رھندي ھئي.
ممبئيءَ ۾ جيڪڏھن ڪنھن ڪارڻ مٿس بيزاري ۽ مايوسيءَ جو حملو ٿيندو ھو ته دل وندرائڻ جي لاءِ ڪوٺي تي راڳ ٻڌڻ لاءِ ھليو ويندو ھو.
ڪراچيءَ ۾ آئي کيس ڪيترائي مھينا گذري ويا ھئا ۽ ھن ھتان جو چپو چپو ڪري گھميو ھو، پر ھيستائين کيس ڪٿي به ان بازار جو ڪو نانءُ نشان ئي نظر نه آيو ھو جتي ھو گھڙي سوا لاءِ وڃي ڪو دل جو بار ھلڪو ڪري اچي. ھن کوٽ کوٽان ڪئي ته ڄاڻ مليس ته چڪلن تي قانوني بندش لڳل آھي. جيئن ممبئيءَ ۾ شراب بند آھي، تيئن ڪراچيءَ ۾ رنڊين جو پيشو منع آھي. عبدالڪريم، وڏي دل جي صفائيءَ سان اھا خبر عائشه جي ماءُ کي ٻڌائي ۽ ٻئي گھڻي دير تائين فوٽ پيريءَ تي، پنھنجي جھوپڙيءَ آڏو، کٽ تي ويٺي قرآن ۽ ايمان جون روح پرور ڳالھيون ڪندا رھيا.
چڪلن جي سلسلي ۾ جيڪا تحقيقات عبدالڪريم ڪئي ھئي، ان دوران مٿس ھيءَ حقيقت به چٽي ٿي وئي ھئي ته ان ميدان ۾ بليڪ مارڪيٽ جا وڏا امڪان آھن. سندس ڪن اھڙن ماڻھن سان ڄاڻ سڃاڻ به ٿي وئي ھئي جيڪي انھيءَ واپار ۾ وڏي پھچ رکندڙ ھئا. ٻيو ته عبدالڪريم جي جھونن تجربن جي بنياد تي کيس ٺيڪ ٺاڪ ڪميشن جي عيوض پنھنجي ڪم ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ آتا ھئا. ھڪڙي ڪاڻي دلال ته شايد عائشه کي به ڪٿي ڏسي ورتو ھو، جنھن تي ان راءِ ڏني ته اگر عبدالڪريم ساڻس ڀائيچارو ڪري ته ھو جلد ھزارن جا نه، بلڪه لکن جا مالڪ ٿي ويندا. جڏھن عبدالڪريم کي سندس نيت جو پتو پيو ته ھن پادر لاھي انھيءَ ڪاڻي کي سر عام ڦيھ ڏني. ان رات مسجد ۾ وڃي سڄي رات سجدي ۾ ڪري پيو ۽ روئيندو رھيو ته سندس دل ۾ اھڙي نيچ ڪم جو خيال به آيو! يا غفور الرحيم! اھا انھيءَ ڪڌي خيال جي سزا آھي جو ھاڻ ماڻھو سندس عائشه ڏانھن به اک کڻي ڏسڻ لڳا آھن. يا الله توبهه يا الله توبهه…
ساري رات، خشوع ۽ خضوع سان استغفار ڪرڻ پڄاڻان عبدالڪريم جي دل گلن وانگر ھلڪي ڦلڪي ٿي وئي. اسر ويل اڃان اوندھڙي ھئي جو ھيءُ واپس گھر موٽيو ته جوڻس انتظار ڪري ڪري تڏي تي ئي سمھي پئي ھئي. عائشه فجر جي نماز کان واندي ٿي، قرآن جي تلاوت ڪري رھي ھئي. سندس آواز ۾ وڏو درديلو سوز ھو. ٻيو ته جڏھن آھستي آھستي قرآت سان خدا جو ڪلام پڙھندي ھئي ته فضا ۾ ھڪ قسم جو عجيب عرفان ڇانئجي ويندو ھو. عبدالڪريم ماٺ ڪريو ھڪڙيءَ ڪُنڊڙيءَ ۾ ويٺو ٻڌندو رھيو ۽ سوچيندو رھيو ته ڇا اھو معصوميت جو فرشتو آھي، جنھن جي متعلق ھڪڙي بدمعاش دلال، بدڪاريءَ جي حوس ڪئي ھئي.
عبدالڪريم جي توبهه ۽ استغفار، وڏو اثر ڏيکاريو. ڪپڙي جو دڪان، چڱو ھلي پيو ھئس. ڏسندي ئي ڏسندي پير الاھي بخش ڪالونيءَ ۾ ساڍن چئن ھزار رپين ۾ ٻن ڪمرن وارو پڪو گھر خريد ڪري ورتائين. زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ھو جو عائشه جي ماءُ کي پنھنجي ملڪيت جو گھر نصيب ٿيو ھو. ھوءَ ان کي شيشي وانگر چمڪائي رکندي ھئي. ڏينھن ۾ ڪيترائي ڀيرا ته سيمينٽ جو فرش ڌوپجندو ھو. ڀتيون ڇنڊبيون ھيون ۽ صبح شام اندر ٻاھر فنائل جو ڇڻڪار ٿيندو ھو ته جيئن مکيون اندر نه اچي سگھن. اسر ڌاري، اونداھي منھن، عبدالڪريم جي زال ته گھر جي صفائيءَ ۾ کُپي ويندي ھئي ته عائشه وري ورانڊي ۾ ويھي قرآن پڙھندي ھئي. عبدالڪريم دير تائين پنھنجي بستري جي ماحول جي عرفان ۾ ڳڱ لڳو پيو ھوندو ھو. آنن، اوڦراٽن ۽ چانھن جي نيرن ڪري، جڏھن ھو دڪان کوليندو ھو ته سندس ظاھر ۽ باطن، گھڻا مطمئن ۽ سَرھا ھوندا ھئا.
ھلندي ھلندي عائشه لاءِ نياپا به اچڻ لڳا. جنھن ڏينھن سندس مڱڻو ٿيو، ھوءَ بي اختيار سڄي رات مصلي تي ويٺي روئيندي رھي. رخصتيءَ واري ڏھاڙي تي ڪيترائي دفعا روئيندي روئيندي بيھوش ٿي وئي. عبدالڪريم ۽ عائشه جي ماءُ جو به ساڳيو حال ھو. عائشه جو مڙس بجنور جو مھاجر ھو ۽ ٽنڊوآدم ۾ ڀلاوڻيءَ جو دڪان ھئس. جنھن ڏينھن ھوءَ ساھرين وئي ته ڄڻ عبدالڪريم جو گھر ئي سنسان ٿي ويو. ٻئي ڏينھن معمول مطابق سندس اک، منھن آنڌاريءَ جو کلي، پر ورانڊي ۾ عائشه جو آواز نه ٻڌي، پاسو ورائي سمھي پيو. جڏھن ھو سج چڙھئي اٿيو ته سندس بت ۾ وڏو آرس چڙھيل ھو. جيئن آفيميءَ جي آفيم جو يا شرابيءَ جي شراب جو ويلو گسي ويو ھجي. بي دليو ھٿ منھن ڌوتائين، نيرن ڪيائين ۽ ڪپڙا لٽا مٽائي ھٽ تي ھليو ويو. ھٽ تي به سندس دل ڀڳل ڀڳل ھئي. جنھن ڪري ھٽ کي معمول کان اڳ بند ڪري، ھو دل وندرائڻ خاطر گھمڻ لاءِ نڪري ويو. رات جو ڏاڍو دير سان موٽيو ۽ مانيءَ کان بغير سمھي پيو.
ھاڻ سندس عادت ٿي وئي ھئي؛ صبح جو دير سان اٿڻ، گھڻو دير سان نيرن پاڻي ڪرڻ، ڏينھن پورو ڪري ھٽ تي وڃڻ، وري اڌ اڌ رات ڪري گھر موٽڻ. ھلي ھلي ھن ھٽ ھلائڻ لاءِ نوڪر رکيا ۽ پاڻ سڄو سڄو ڏينھن سمھڻ ۽ سڄي سڄي رات ٻاھر رھڻ لڳو. شام ٿيندي ئي سندس اڱڻ تي گھڻن ئي قسمن جي دلالن جو ميڙو مچي ويندو ھو. منجھن اھو ڪاڻو دلال به ھو، جنھن کي عبدالڪريم ھڪ ڏينھن سر عام پادرن سان ڪٽيو ھو.
ھڪ اڌ دفعو عبدالڪريم جي زال انھن ماڻھن متعلق پڇا ڳاڇا ڪيس ته ڏاڍي صفائيءَ سان ٽاري ويس.
”عائشه جي ماءُ! ھاڻ مون ھڪ اڌ ٻيو به واپار کوليو آھي. الله گھريو ته وڏي ڪاميابي ٿيندي. تون ٿورو تڪڙ ۾ ھنن مھمانن لاءِ چانھ پاڻي ته موڪل.“
عبدالڪريم جا نوان واپار به چمڪي پيا ھئا. ڇھن ستن مھينن ۾ پير الاھي بخش ڪالونيءَ وارو گھر ڇڏي بندر روڊ تي ھڪڙو ٻه ماڙ بنگلو وڃي خريد ڪيائين. مُک دروازي تي ”سيٺ عبدالڪريم ممبئي والا“ جو بورڊ به لڳي ويو. سواريءَ لاءِ موٽر ڪار به اچي وئي ۽ گھر ۾ ڪم ڪار لاءِ نوڪر چاڪر به رکجي ويا. ھاڻ عائشه جي ماءُ کي به وڃي واندڪائي نصيب ٿي ۽ ھوءَ اڌ اڌ رات جو اٿي تھجد پڙھندي ھئي… ۽ پنھنجي ھڪ ھزار مڻين واري تسبيح تي الله جي ھڪ سئو نوانوي نالن جو ورد ڪري، پنھنجي مڙس جي ڪمائيءَ ۾ برڪت ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعائون گھرندي ھئي.
ھڪڙيءَ رات جيڏي مھل عبدالڪريم گھر آيو ته عائشه جي ماءُ پيرن کي زور ڏيندي چيس؛ ”اڙي ٻڌئي! مون چيو ته ڪجھ ٻڌين ٿو؟!“
”ڇا ڳالھ آهي عائشه جي ماءُ؟!“ عبدالڪريم، بي ڌيانو پڇيس. سڄي ڏينھن جي ھڻ وٺ کئون ھو گھڻو ٿڪل ٽٽل ۽ ھِچِ ھو.
”خير سان ٽنڊوآدم کان ماڻھو آيو ھو. الله خير ڪري! تنھنجي ڌيءَ تي خدا جي وڏي رحمت ٿي آھي. ايندڙ مھيني تون به نانو سڏرائيندين.“
”الله تعاليٰ جو شڪر آهي، عائشه جي ماءُ، ايندڙ جمعي رات يتيم خاني جا ٻار گھرائي کين کاڌو کارائي ڇڏجانءِ. مون کي ڪم جي ھڻ وٺ ۾ الائي ياد رھي الائي نه رھي. تون ضرور ياد رکجانءِ ۽ ٻيو ته… عائشه جي ماءُ ٿورا گھڻا زيور ذرڙا ۽ ڪپڙا لٽا به ٺھرائي رک! جڏھن تون گيھ ۽ کچڙي کڻي ويندينءَ ته خالي ھٿين ته نه ويندينءَ نه! الله جو احسان، ھاڻ ٻه پئسڙا آيا آھن ته تون به پنھنجي ڌيئڙيءَ تي پنھنجون حسرتون ۽ شوق پورا ڪر!“
”اڙي ھان!“ عائشه جي ماءُ آڪڙجي چيس؛ ”اھي تون ڳالھيون ڪھڙيون ٿو ڪرين. مان ڀلا گيھ ۽ کچڙي کڻي ڪاڏي رلنديس. منھنجي ڌيئڙي، الله بچائيس وڌائيس، وڏي الھڙ ۽ اڻڄاڻ آهي… مون کيس ڏينھن پورا ڪرڻ لاءِ ھتي گھرايو آهي. الله گھريو ته پرينھن ٻپھريءَ واري گاڏيءَ مان اچي لھندي. تون به ڪار ڪاھي ھلجانءِ. اسان عائشه کي ٽيشڻ تان وٺڻ ھلنداسين.“
اھا خبر ٻڌي، عبدالڪريم پنھنجي بستري تي اٿي ويھي رھيو. سندس اکين تي ڪوريئڙي جون تانيون وڪوڙجي ويون ۽ کيس ايئن محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ گھر جا در، دريون ۽ ڀتيون سندس چيٻارا ڪڍي چوندا ھجن؛ ”ھاڻ عائشه اچي پئي، عائشه اچي پئي، عائشه اچي پئي…“
ھو سڄي رات ھنڌ تي پاسا ورائيندو رھيو. صبح جو معمول کان اڳي اٿي ويٺو. وھنجي سھنجي، ڪپڙا مٽائي، نيرن ڪيائين ۽ سڌو پنھنجي دڪان تي وڃي ويٺو. سندس نوڪر، جيڪو پوئين اٺن مھينن کان، اڪيلي سر ھٽ کي پنھنجي دل گھريي طريقي سان پيو ھلائيندو ھو، سو ڌڻيءَ کي ايندو ڏسي گھٻرائجي ويو، پر عبدالڪريم ليکي چوکي جي ڪا ڳالھ ڪيس ئي ڪا نه. ھو سڄو ڏينھن گم سم ويٺو رھيو. سندس گھڻا تڻا دوست، کيس ڳوليندا اچي اتي به پھتا، پر ھو ڪم جو بھانو ڪري، مڙني کي موٽائيندو رھيو. ٽپھريءَ ڌاري، اھو ڪاڻو دلال به عادت سارو کيس ڳوليندو اچي اتي پڳو. سندس شڪل ڏسندي ئي عبدالڪريم آپي کان ٻاھر ٿي ويو. لوھي گز کڻي چرين وانگر مٿس اُلريو.
”خبردار! اگر منھن جي ھٽ تي چڙھئين ته ٽنگون ڀڃي ڇڏيندو سانءِ! ڀيڻسان حراميءَ سڄي ڪراچيءَ ۾ گند ڦلھوري ڇڏيو آ… وڃ! ٽر ھتان! ور نه ته پوليس کي ٿو خبر ڪيان. ڀيڻسان دلو!…“
شام ٿيندي ئي ھٽ بند ڪري عبدالڪريم سڌو مسجد ۾ ھليو ويو ۽ گھڻي دير تائين سجدي ۾ ڍاڍيون ڏيئي روئيندو رھيو. دعا جا ڪلما، رڪجي رڪجي سندس زبان تي آيا پئي، پر چپن تي دھلجي بيھي پئي ويا. جيئن ڪو ڪبوتر، پنھنجي آکيري تي وري وري اچي ۽ ان کي ويران ڏسي ڦڙڪيون ڏيئي واپس ھليو وڃي.
شايد عبدالڪريم سجدي ۾ پِئي پِئي ئي سمھي پيو ھو. ڇو جو جڏھن ڪنھن کيس سڏ ڪري جاڳايو ته فجر جو وقت ٿيو ھو. ٻانگو ٻانگ ڏيئي رھيو ھو. ننڊ جي کيپن ۾ عبدالڪريم کي ايئن محسوس ٿي رھيو ھو ڄڻ اھو ٻانگ جو آواز نه ھجي، بلڪه ڏور ڪٿان گھڻو پري کان ڪو سڏي چوندو ھجي؛ ”ھاڻ عائشه اچي پئي، عائشه اچي پئي، عائشه اچي پئي…“
***