ڪهاڻيون

ايمان سدرةالمنتيٰ (سدره شاھ) June 2021

پھرينپگھار ملڻ کانپوءِ توھان ڇا محسوس ڪيو…؟

ھن جي ڀر ۾ رکيل ڪرسي تي ويٺل سندس اسٽاف ميمبر اھو سوال ڪيو.

ھٿ ۾ پڪڙيل چانھ جو ڪوپ ۽ ڪيتريون ئي گھريون سوچون سندس چھري تي نروار ٿيڻ لڳيون.

مس ايمان آئون اوھان کان ڪجھ پڇي رھي آھيان…!

ھڪدم ڇرڪ ڀريندي ھن ڏانھن نھاريندي چوڻ لڳي، مون ڪو نه ٻڌو

اوھان ڇا پڇيو…؟

اسٽاف ميمبر ھڪ دفعو ٻيھر پنھنجي سوال کي دھرايو…!

ڄڻ پنھنجي لبن کي مرڪن جي پابندين سان ڀريل قيد مان زوري آزاد ڪرڻ لڳي ھئي.

جڏھن ھوءَ ٿورو مرڪڻ لڳي ھئي.

مون ته ڪجھ به محسوس ڪونه ڪيو…!

ھن جي ان جواب ٻڌڻ کانپوءِ سندس اسٽاف ميمبر حيرت منجھان پڇڻ لڳي…!

پر آخر ڇو…؟

توھان جي پھرين پگھار ھئي…!

چانھ جي ڪوپ کي ٽيبل تي رکندي چوڻ لڳي،

ڇا پھرين پگھار ملڻ تي به ڪجھ محسوس ڪبو آھي ڇا…؟

اھا ڳالھ ته ڪڏھن به منھنجي ذھن ۾ ئي ڪونه آئي.

اھو چئي ھوءَ ڪتاب پڙھڻ لڳي وئي.

ايترو مختصر جواب…!

توھان جي خاموشي جو سبب ڇا آھي…؟

ڇا توھان ھميشه کان ايئن ئي خاموش رھندا آھيو…؟

ھاڻ ته توھان کي اسان جي اسڪول ۾ نوڪري ڪندي مھينو گذري ويو آھي، پر شايد توھان نه صرف مون کي پر ھر اسٽاف ميمبر کي ڌاريو سمجھو ٿيون.

توھان مرڪنديون آھيو ته لڳندو آھي،

توھان جون اکيون انڪاري آھن يا شايد توھان مرڪندي مرڪندي ڪنهن ياد جي گرفت ۾ گرفتار ٿي وينديون آھيو ۽ وري مرڪڻ وساري ويهنديون آھيو. سندس اسٽاف ميمبر جي سوالن جا گھيرا ھن کي بيچين ڪرڻ لڳا.

منھنجي ڪلاس جو ٽائيم ٿي چڪو آھي.

اھو چئي ھوءَ پنهنجي اسٽاف ميمبر جي سڀني سوالن کي اڻ ٻڌو ڪري اسٽاف روم مان اٿي ھلي وئي.

اڄ موسم ۾ ڪيتري تبديلي آھي اتر جي ھوا سمورن وڻن کي اچي وڪوڙيو آھي.

ھوءَ ۽ سندس اسٽاف ميمبر اسڪول جي لان طرف وڃڻ لڳيون.

سندس اسٽاف ميمبر جي ڳالھ تي ھن ڪو خاص رد عمل ڪونه ڏيکاريو.

خزان ۾ وکريل پن جڏھن ھن جي قدمن کي ڇُهڻ لڳا ته ھن ھڪدم پنهنجي وکن کي روڪي ورتو.

ھٿ ۾ ھڪ پن کڻندي ھوءَ ڪيتري دير ان کي ڏسڻ لڳي.

ھي پن ڪيڏو جلدي پنهنجو ملھ وڃائي ويھندا آھن.

ھن جي پھرين گھري جملي کي ٻڌي اسٽاف ميمبر بي صبري مان پڇڻ لڳي.

ڇا توھان پنهنجي چيل ان جملي جي وضاحت ڪري سگھو ٿيون…؟

اھو ٻڌي ھن پن ڏانھن ھڪ دفعو ٻيھر نھاريو.

سندس اسٽاف ميمبر جواب ٻڌڻ جي انتظار ۾ ھن ڏانھن تجسس ڀريل نظرن منجھان ڏسڻ لڳي.

ھن پنهنجي وکن کي وڌايو ۽ چند قدم ڏور سنجھي جي وڻ جي ڀر ۾  بيٺي.

جڏهن خزان ايندي آھي ته سمورا پن پنهنجي ٽارين کان جدا ٿي ويندا آھن

يا شايد اھا انھن کي ھڪٻئي لاءِ بي مول بڻائي ويندي آھي.

ھنن پنن جون محبتون جڏھن زوال جو رخ ڪنديون آھن ته سموري دنيا ۾ اداسين جون چادرون وڇي وينديون آھن.

در اصل اھو سڀ خزان جي ڪري نه، پر محبتن جي جدائين جي اداسي ھوندي آھي، جيڪا سموري ماحول کي ويران ڪري ڇڏيندي آھي ۽ ھر دل کي اداس بڻائي ڇڏيندي آهي.

ھن جون اھي اونھيون ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ اسٽاف ميمبر پڇڻ لڳي:

توھان جي طويل سنجيدگي ۽ ايترن گھرين ڳالھين جي وجهه ڇا آھي…؟

توھان جي عمر واريون ڇوڪريون ته صرف پنهنجي صورت کي سنوارڻ ۽ محبت ۾ خوشي کي ماڻي رھڻ جا خواب سجائينديون آھن.

توھان ٢٣ سالن جي عمر ۾ ٨٠ سالن واريون ڳالهيون ڪري رھيون آھيو.

ھلڪي مرڪ کي لبن تي آڻي ڳالھ کي مٽيندي چوڻ لڳي مون کي مٿي ۾ سور آھي.

سوچان پئي ته موڪل وٺي گھر ھلي وڃان.

لائونج ۾ جيئن ئي وک رکيائين ته ڪمري مان آواز آيو،

مانو ھيڏانھن اچ…!

جي بابا پاڻي پي اچان ٿي…

اھو چئي ھن سامھون ٽيبل تي رکيل ڪولر مان پاڻي پيتو.

بابا توھان ته ھر وقت رڳو خبرون ئي ڏسندا آھيو.

ھن جي چيل لفظن تي ھن جو پيءُ مرڪيو.

ڪيئن گذريو اڄ جو ڏينهن اسڪول ۾…؟

پنهنجي حجاب مان سيفٽي پن ڪڍندي چوڻ لڳي معمول مطابق.

مون اڄ جلدي اچڻ پئي چاھيو مٿي ۾ سور ھو.

منهنجي راڻي پوءِ تون جلدي سان وڃي گوري کاءُ.

ٻيون ڳالهيون بعد ۾ ڪنداسين.

جي بابا شايد ننڊ به مڪمل ڪونه ٿي آھي ان جي ڪري ئي سور آھي.

رموٽ کي صوفي ٿي رکندي ھن جي بابا چيو، “اڄڪلھ جا ٻار رڳو موبائيل جو استعمال ڪندا ته اھو ئي نتيجو ايندو.”

سندس پيءُ جي ڳالھ تي ھوءَ کلندي کلندي پنهنجي ڪمري ڏانهن ھلي وئي.

سياري جي رات مٿان چنڊ جي چانڊاڻ ۽ سندس چھري تي زلفن جا گھيرا

ھن جي اکين جي چمڪاٽ ۾ اضافو ڪرڻ لڳا.

ھن ھڪدم پنهنجي ڪمري جي دري جو پردو سيريو.

اڄ چنڊ جي چانڊاڻ ڪيڏي نه دلڪش ۽ روح کي مھڪائيندڙ آھي.

اھو چئي جڏھن ھن پوئتي ڪنڌ ورايو ته ھن جي ڀيڻ بيڊ تي ويٺل پنهنجي موبائيل فون کي استعمال ڪندي نظر آئي.

اھو سڀ ڏسي ھوءَ پنهنجي ڀيڻ جي ڀر ۾ ويٺي.

جڏھن چڱي دير سندس ڀيڻ کي ھن جي موجودگي جو احساس نه ٿيو ته ھن ھٿ سان لوڏي چيس…!

“تون ھاڻ ڇڏ ان موبائيل کي رات جا ١١ ٿي ويا آھن، توکي يونيورسٽي ڪونهي وڃڻون ڇا…”

فون کي وھاڻي تي رکي ھن جي ڀيڻ ھن ڏانھن گھري نظرن منجهان نھارڻ لڳي…!

“تون منهنجي ڀيڻ آھين توکي مون کان وڌيڪ ڪير به ڪونه ٿو سمجھي سگھي.” هن اداس لهجي ۾ چيو.

“تنهنجي جذباتن جو قدر ھن زماني ۾ توکي ھرگز ڪو نه ملندو.

ھي زمانو تو جيان معصوم ڇوڪرين جي دلين کي ٽوڙي چور ڪري ڇڏيندو،

تون ڄاڻين ٿي…!”

“اڄ مون پنهنجي ماضيءَ جو ڪو عڪس تنهنجي اکين ۾ ڏٺو آهي.” هن پنهنجي ڀيڻ جي اکين ۾ گهوريندي چيو.

“تون منهنجي ڪھاڻي کان واقف آهين؟ جيڪو ڇوڪرو مون کي ڪلاس ستين ۾ مليو جڏھن آئون صرف ١٢ سالن جي ھئس.”

سندس ڀيڻ ھن جي ڳالھ کي توجهه سان ٻڌڻ لڳي.

“جنھن مون کي اڻ کٽ خواب ڏيکاريا، جنھن جي ڪري مون گھر وارن سان دغا ڪئي.”

“امي اڪثر چوندي ھئي ايمان ھي ڇوڪرو تنهنجي لاءِ صحيح ڪونه آھي، پر مون ڪنهن جي ھڪ به نه ٻڌي ۽ ھن جي ھرھڪ فريب کي حقيقت سمجھو. جڏھن وقت گذريو ۽ ھن وٽ پئسي جو نشو آيو، ھو مون کي معمولي سمجهڻ لڳو. ھن جي ڪري مون پنهنجي ڪردار تي داغ لڳرايا، پر مون کي ڪجھ به ڪونه وريو. ١٠ سالن جو رشتو آخر چند گھڙين ۾ ٽٽي ڍير ٿي ويو.”

اھو چئي ھوءَ اٿي ۽ وري دريءَ ۾ سامهون بيھي رھي.

ڪجھ وقت لاءِ ته ايئن محسوس ٿيو ته ڪمري ۾ ڪير به ڪونه آھي.

ايتري گھري خاموشي ۾ صرف گھڙيال جي سئي جي ڦيرن جو ئي آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو.

“آپي تون روئي رھي آھين…”

اھو چئي سندس ڀيڻ به اچي ڀر ۾ بيھي رھيس.

“نه آئون روئي ڪونه رھي آھيان منھنجا ته سڀ جذبات ئي ڄڻ ڪنھن ٻوڏ ۾ ٻڏي ويا آھن. ھاڻ نه مون کي ڪنهن خوشيءَ تي خوشي ٿيندي آھي نه ئي وري ڪنهن ڏک ۾ ڏک محسوس ٿيندو آھي. ھن مون کي ڪيترائي نقصان ڏنا، پر سڀني کان وڌيڪ نقصان منهنجي وجود جي تبديلي آھي. اڄ آئون ساڳي ئي ڪونه رھي آھيان. توکي خبر آھي آئون ته بغير ڪنهن وجهه جي کلڻ واري ۽ زندگي کي ڀرپور جيئڻ واري ڇوڪري ھئس. اڄ جڏھن پاڻ کي آئيني ۾ ڏسندي آھيان ته ڪيتري دير سوچ ۾ پئجي ويندي آھيان ته ڇا مان اھا ايمان آھيان…؟ پر مون ته ھن کي ڪوبه نقصان ڪو نه ڏنو.”

منهنجو “ايمان” ته مضبوط ھو.

ھن جون اھي ڳالهيون ٻڌي سندس ڀيڻ روئڻ لڳي.

۽ چوڻ لڳي، “آپي آئون تنهنجون ڳالهيون ٻڌي پنهنجي لڙڪن تي قابو ڪو نه ڪري سگھي آھيان، پر تون ايتري مضبوط ڪيئن آھين…؟”

ننڍپڻ کان تون ايترو ڪجهه ڏٺو آھي، پر پوءِ به تون مرڪندي آھين.

سندس ڀيڻ جي ڳالهه ٻڌي چوڻ لڳي، “ھي جيڪو وقت آھي نه آئون ان جي وڏي ٿورائتي آھيان، ان مون کي مضبوط بڻايو آھي. ان مون کي سمجھايو ته سواءِ گھر وارن جي ھر ٻاھر وارو دغا باز آھي. ھاڻ ته مون کي ڪنهن تي به يقين ڪو نه رھيو آھي، ھاڻ آئون سمجھي وئي آھيان ته چار ڏينهن جيڪي پنهنجي چاھ سان انسان کي کلائيندا آھن سي ئي ھميشه لاءِ سندس مرڪ وڃائيندا آھن. آئون اھو ھرگز نه چاھيندس ته جيڪو مون سان ٿيو اھو ڪڏھن توسان ٿئي تنهنجي مرڪ مون کي عزيز آھي آئون ان کي ڪنهن ڇوڪري جو شڪاري نه بڻجڻ ڏيندس.” هن اها ڳالهه ڏاڍي عزم سان ڪئي.

“ڄاڻان ٿي مون جيان ڪيتريون ئي ڇوڪريون اھي غلطيون ڪري ويھنديون آھن، پر آئون انھن سڀني کي اھو چونديس ته توھان جي والدين کان وڌيڪ توھان سان سچو ڪير به ڪو نه آھي. اڄ منهنجي مرڪ ۽ خوشي ڄڻ مري ويون آھن، جنهن جو سبب تنهنجي سامهون آھي. ھن دور ۾ صرف محبت کي رسوا ڪيو ويندو آھي. اڄڪلھ جا نوجوان جنهن کي محبت چوندا آھن سا صرف تصوير، وڊيو ڪال ۽ چند ڊائيلاگن تائين محدود ھوندي آھي. دليون ٽوڙڻ ته سندن ڪاروبار بڻجي ويو آھي.” هوءَ ڳالهائيندي ڳالهائيندي رڪجي وئي ۽ وري ڳالهائڻ شروع ڪيائين،

“ڏس جيڪي خالص محبتون ھونديون آھن سي ڪڏھن به اکين ۾ درد جون سانجھون ڪونه ڇڏي وينديون آھن ۽ نه اکين جي ھيٺان ڪارا ھلڪا ڇڏي پنهنجي نشاني ڏيئي وينديون آھن. اڄ منهنجي اکين جي ھلڪن جو سبب به منهنجي ان غلطي جي سزا ئي آھي.”

سندس ڀيڻ ھن جي ڳالھين کي سوالن جي ڀريل ميڙن سان ٻڌڻ لڳي.

ڏس منهنجي ڀيڻ اھو چئي ھو سندس ڀيڻ جي چھري تي ھٿ ڦيريندي چوڻ لڳي:

“تون، بابا يا منهنجي گھر مان ڪوبه مون کي تڪليف ۾ اڪيلو ڇڏي ويندو…؟”

“ھرگز نه آپي” سندس ڀيڻ اھو چيو.

“پوءِ جڏھن آئون اڪيلي ھئس ھو مون کي جدائي جو ڌاڳو پارائي ڪنهن اڻ ڄاتل ماڻهو جيان ڇڏي ھليو ويو. جڏھن مون کي ان جي ساٿ جي ضرورت ھئي، ھو مون کي ڪنهن بيابان جو مسافر بڻائي ھليو ويو. اھا جنگ ڪنهن وڙھي؟ مون وڙھي…! ان فريب جھڙي بيماري جنهن کي محبت ٿو چيو وڃي سا صرف شروعات جي ڪجھ ڏينھن يا مھينن تائين خوبصورت ھوندي آھي. پوءِ ايتري ته بدصورت ٿي ويندي آھي، جيئن تيزاب چھرو جلائي ڇڏيندو آھي ھي وري دل کي جلائي ڇڏيندي آھي. پوءِ آخر ڇو صرف چند وقت جي ان ڪوڙي خواب ۾ مبتلا ٿِجي. ان کان بھتر آھي انسان اھا دغا جي واٽ ئي مٽي وڃي.”

“تنھنجي ھرھڪ ڳالهه درست آھي آپي.” سندس ڀيڻ معصوميت مان چيو.

“خبر اٿئي…” ھن ھڪ ٻي ڳالھ شروع ڪئي.

“ڪالھ اسڪول ۾ منهنجي اسٽاف ميمبر مون کان پڇيو ته اسان کي ته اھا ڄاڻ ئي اڄ ٿي آھي ته توھان جي امي ھن دنيا مان رخصت ٿي وئي آھي. توھان جي ڳالھين مان لڳندو ھو ته اھا توھان سان ساڻ آھي. مون چيو اھو ڪڏھن محسوس ئي ڪونه ڪيو آھي ته امي اسان سان ساڻ نه آھي. اھا ته ھر پل ھر گھڙي مون لاءِ ڇپر ڇانو آھي. سندس دعائن جا در مون لاءِ ھر گھڙي کليل ھوندا آھن. شايد ان جي ڪري ئي آئون ڪرندي ڪرندي به اٿي تندرست ٿي ڊوڙڻ لڳندي آھيان.” مون چيو،

“مون جڏھن نائون ڪلاس پاس ڪيو ته منهنجي امي اسان کي ڇڏي وئي. ان ڏينهن کان وٺي آئون سفر ۾ آھيان، مون گھر ھلايو، پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي نپايم، مون ھڪ ئي وقت ماءُ جو روپ اختيار ڪيو. ساڳي وقت پنهنجي ننڍي ڀيڻ جي وڏي ڀيڻ ٿي رھيس. پنهنجي پيءُ جي ڌيءَ ۽ سماج لاءِ ڪڏهن ايمان ته ڪڏهن مان پنهنجي ماءُ نورجھان بڻجي ويس. اھو سڀ ڪندي ھاڻ ته لڳندو آھي آئون زندگي جي ھنن ٢٣ سالن ۾ تمام زندگي کي جي ويٺي آھيان يا شايد آئون ازل کان ئي ھڪ سفر ۾ آھيان….” هن هڪ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو،

“ڪڏهن ڪڏهن ته ٿڪجي پوندي آٓهيان ته منھنجي منزل جو رخ آخر آھي ڪهڙي طرف…؟ امي کانپوءِ لامحدود ذميدارين مون کي وقت کان اڳ وڏو ڪري ڇڏيو. منهنجا سڀ خواب اڌورا رھجي ويا، پر آئون نٿي چاهيان ته منهنجي ننڍي ڀيڻ جا خواب اڌورا رهجي وڃن يا ٽٽي پون. آئون توکي ان ساڳي راهه تي ڪڏهن به هلڻ ڪونه ڏينديس، جنهن راهه تي هلندي هلندي منهنجو روح زخمي ٿيو آهي.”

هوءَ ڀنل نيڻ کڻي ڀيڻ ڏانهن نهاري ٿي. سندس ڀيڻ کيس ڀاڪر پائي فون کي پلنگ تي اڇلائيندي چوي ٿي، “ادي ٿينڪ يو سو مچ”

***