ثاقب ابڙو ڇهين سالگره جي موقعي تي ميگزين بابت تاثرات
همسري: سماج ۾ مئگزينن ۽ اِي-مئگزينن جي هن وقت ڇا اهميت آهي ۽ اهي ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن؟
ثاقب ابڙو: ڪنھن به معاشري ۾ معلومات تائين رسائي حاصل ڪرڻ ھن وقت ايترو ضروري ٿي چڪو آھي جيترو زندگيءَ جا ٻيا ننڍا وڏا ڪم ضروري آھن. دنيا جي ڪنھن به خطي کان وٺي ملڪي سطح تائين پوءِ صوبائي سلسلي کان ويندي شھري ۽ ڳوٺاڻي ڍانچي تائين اسان وٽ خبرن توڙي ٻي علمي ادبي ڄاڻ حاصل ڪرڻ بابت بنھ مختلف معاملا آھن. ماڻھو اڄ به ريڊيو ٻڌن ٿا ۽ اڄ به اخبار رسالي ڪتاب جي اھميت کان واقف آھن. جڏھن ته سمارٽ فون استعمال ڪندڙن جو تعداد اسان جي ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ آھي. ڀل ته شرح خواندگي ۾ اسان جا انگ اکر خوش آئند نه به ھجـن، ڀل ته مھانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ھجي، پر سمارٽ فون ۽ انھن جي نيٽ ورڪن پاران پيڪيجز ضرور سندن پھچ ۾ آھـن ۽ اھي ئي برائي ۾ ڀلائي بڻجي اسان کي مقامي ملڪي ۽ بين الاقوامي مواد تائين رسايو ڇڏين. منھنجو مشاھدو آھي ته مئگزين ھجي يا اي-مئگزين ليکڪن کي پبليڪيشنز جي اھميت جي خبر آھي ته سندن قد ڪاٺ توڙي پروفائل کي بين الاقوامي سطح تي پذيرائي ملي ٿي. اسان وٽ انھن سڀني حوالن جا معيار ۽ ماپا باقي دنيا کان نرالا آھن. ان تي ڪنھن ٻئي ڀيري لکبو. ھا باقي جيسين تائين قارئين جو تعلق آھي مان سمجھان ٿو ته اھو ادارتي سٿ تي منحصر آھي ته هو ڪيترو نبض شناس آھي ۽ پڙھندڙن کي متوجهه ڪرڻ، سندن دلچسپي کي برقرار رکڻ ۽ پنھنجي جياپي لاءِ ڪھڙيون پاليسيون جوڙي ٿو.
همسري: ڇا همسري اِي-مئگزين اڳتي هلي سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڪا جاءِ ٺاهيندو؟
ثاقب ابڙو: ھمسري مئگزين پنھنجي ڏينھون ڏينھن وڌندڙ مقبوليت سان اھو ثابت ڪيو آھي ته ان کي سوشل ميڊيا تي پڻ مڃتا ۽ موٽ ملندي. ھن وقت تائين شايد ان ڏس ۾ پروفيشنل ايپروچ ۽ منصوبا بندي جو مرحلو جاري آھي، ڇو جو سڄي دنيا وانگر ھمسري کي به ڪووڊ جي صورتحال ڪري مختلف قسمن جا چئلينجز آڏو آھن، جن مان سڀ کان اھم چئلينج اھو ته سوشل/ڊجيٽل ميڊيا تي ھرھڪ اچي چڪو آھي سواءِ اھڙن ادارن جي جيڪي پنھنجي اشتھار وسيلي ميڊيا جي سگھ بڻبا آھن. مون کي يقين جي حد تائين پڪ آھي ته زاھده ابڙو صاحبه پنھنجي قابليت سان اي-ميڊيا جي ميدان ۾ پڻ ھمسريءَ لاءِ اوج ۽ ڪمال ماڻيندي.
همسري: توهان همسريءَ جي ڇهن سالن جي سفر کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
ثاقب ابڙو: مون کي اڄ به ياد آھي ته گاڏي کاتي جي ھڪ اخبارن ۽ رسالن جي اسٽال تي جڏھن ھمسري ڏٺم ته بي اختيار منھنجا ھٿ ان کي ھٿن ۾ کڻڻ لاءِ اڳتي وڌيا. اھا ھمسري نالي جي مقناطيسيت ته هئي، پر انفراديت پڻ هئي جو ھـن رسالي تي ڪنھن ماڊل جي تصوير بدران ھڪ تصوراتي اسڪيچ سر ورق تي ھو ۽ رنگن جو امتزاج پڻ ٿڌو ۽ پرڪشش ھو. پوءِ رسالي جا عنوان، ليکڪ، ڪوالٽي سڀ ڪجهه ايئن ھو جو مون بنا دير اھو خريد ڪيو ۽ پوءِ ڪيترائي شمارا آن اينڊ آف وٺندو رھيس. اوچتو ھڪ ڀيري ميڊم زاھده ڏانھن پنھنجو ھڪ ليک اي ميل ڪرڻ لاءِ دل اتساھيو، پر اي ميل ميل ڪندي وري رڪجي ويس ته الائي ايئن ڪرڻ ٺيڪ رھندو يا نه. ھمسري جي معيار تي پورو لھندس الائي نه!! اھو ھمسري جو اھو لاشعوري اثر ھو جيڪو اڄ به مون کي ھمسري بابت ھميشه ذھن ۽ دل تي رھيو ئي رھيو آھي. ڇھن سالن جي ھن سفر جي اڻانگن پيچرن جي خبر ته يقينن ھمسري جي ايڊيٽوريل سٿ کي ھوندي، پر جيئن ڏٺو مون تيئن ان سٿ ۾ شمارجڻ مون لاءِ اھڙو خواب ھو جيڪو ساڀيان ٿيڻ جي بيحد خوشي به اٿم ته اھو احساس به ته ھن معيار کي برقرار رکڻ جي ذميواري ھاڻي منھنجي پڻ آھي.
همسري: پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
ثاقب ابڙو: منھنجو سمورن پڙھندڙن کي اھو ئي پيغام آھي ته پسند ناپسند جو اظھار ڪرڻ لاءِ ضرور ٻه اکر لکندا ڪريو ته جيئن اھا خبر پئجي سگھي ته ھمسري درست گس تي آھي يا ان کي اڃان بھتر ڪرڻ لاءِ ڪھڙا اپاءُ وٺجن. اوھان جي قبوليت ئي ھمسري کي مقبوليت جي درجي تي پھچايو آھي. سوشل ميڊيا وسيلي اوھان جي پسنديدگي کي پڻ اظھاريو، لائڪ ڪريو، شيئر ڪريو. مهرباني

