جاهل اپوزيشن اسيمبلي اجلاس دوران هنگامي ۽ گارگند ۾ دلچسپي رکي ٿي: مراد علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اپوزيشن کي جاهل قرار ڏيندي چيو آهي ته پ پ اڪثريتي پارٽي آهي. اپوزيشن کي عددي حساب سان اقليتي سڏڻ واري بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اپوزيشن کي صرف هنگامو ڪرڻ ايندو آهي. ائين ناهي ته لاڙڪاڻي جا فيصلا ڪراچي ۽ ڪراچي جا فيصلا لاڙڪاڻي ۾ ٿي رهيا آهن. اپوزيشن جو ڪم صرف گارگند ڪرڻ آهي جنهن تي کين شاباس ملندي آهي. آئون سيوهڻ جو نه پر سڄي سنڌ جو وڏو وزير آهيان. وفاقي سرڪار عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيندي آهي. وڏي وزير چيو ته اسان جيڪڏهن ڪجهه چئون ٿا ته اسان مٿان تنقيد ٿيندي آهي. وفاقي حڪومت چوي ٿي ته سنڌ حڪومت کان ڪجهه نه پيو ٿئي، هي سڀ ڪجهه صحيح ڪرڻ هاڻ وفاق جي وس جي ڳالهه ناهي. مهانگائي جي خلاف 27 ڊسمبر تي پنهنجو پارٽي پلان ڏينداسين.

