سعودي عرب پاڪستان کي ٻيهر اوڌر تي تيل ڏيندو، اصولي فيصلو ٿي ويو
سعودي عرب پاڪستان کي ٻيهر اوڌر تي تيل ڏيندو جنهن جي لاءِ ساليانو 3 ارب ڊالر تائين ادائگي جو اصولي فيصلو ٿي ويو آهي جنهن جو طريقيڪار جلد طئي ڪيو ويندو. جڏهن ته اطلاعات واري وزير فواد چوڌري به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي تازي سعودي عرب واري دوري دوران پاڪستان توسيعي مدي جي لاءِ سعودي آئل سهولت ٻيهر شروع ڪرڻ جي نئين درخواست ڪئي. سعودي اختيارين اصولي طور تي منظوري تي اتفاق ڪيو آهي، پر تفصيل ڌرين جي باضابطا معاهدي کانپوءِ ئي سامهون اچي سگهندا. ان حوالي سان جڏهن وفاقي وزير فواد چوڌري کان توسيعي مدي جي لاءِ ايس او ايف بحالي جي باري ۾ پڇيو ويو ته هن چيو ته اهو تقريبن ٿي چڪو آهي. سعودي عرب جي آئل سهولت (ايس او ايف) جي بحالي لاءِ 3 کان 5 سالن جي مدي جي معاهدي جي نتيجي ۾ پاڪستان کي ايندڙ بجيٽ ۾ سهولت ملندي. ان کان اڳ سعودي عرب 6 ارب ڊالر جو مالياتي پئڪيج مهيا ڪيو هو جنهن ۾ 3 ارب ڊالر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۾ جمع آهن ۽ باقي 3 ارب ڊالر ساليانو بنياد تي ملتوي ادائگين تي تيل جي سهولت جي لاءِ آهن.

