خاص

عذير بلوچ فريال ٽالپر ۽ ٻين جا راز کولي ڇڏيا

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پابندي مڙهيل پيپلز امن ڪميٽي جي سربراهه عذير بلوچ پنهنجو اعترافي بيان جمع ڪرايو ويو جنهن ۾ جوابدار اهم انڪشاف ڪيا آهن، عذير بلوچ پنهنجي بيان ۾ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر سميت سينيٽر شهادت اعواڻ، ايس ايس پي فاروق اعواڻ ۽ ٻين جا راز کولي ڇڏيا، عذير بلوچ موجب، ڀتي جي مد ۾ ڪروڙين رپيا مختلف کاتن ۽ ماڻهن کان وصول ڪيا، فشريز کاتي مان کيس 20 لک ۽ فريال ٽالپر کي هڪ ڪروڙ رپيا ڀتو ملندو هو، فشريز جي ڊائريڪٽر سعيد بلوچ ۽ نثار مورائي سندس ئي چوڻ تي مقرر ڪيا ويا، سينيٽر شهادت اعواڻ، ايس ايس پي فاروق اعواڻ جي زمينن تي قبضن ۾ مدد ڪئي، ٻنهي ڄڻن سمون ڳوٺ ملير ۽ گڏاپ ٽائون ۾ زمينن تي قبضن ۾ مدد ڪئي، عذير بلوچ چيو ته فاروق اعواڻ جي علائقي کان مهيني ۾ ڏيڊ کان 2 لک رپيا ڀتو وصول ڪري کيس ڏنو ويندو هو، مان 2003ع ۾ لياري گينگ ۾ شامل ٿيس ۽ 2008 ۾ پيپلزپارٽي جي فيصل رضا عابدي ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ نصرت منڱڻ جي چوڻ تي پ پ جي قيدين جو ذميوار بڻايو ويو. 2008ع ۾ رحمان ڊڪيت جي مارجڻ بعد لياري گينگ وار جي مڪمل ڪمان هن سنڀالي، 2008ع ۾ ئي پيپلز امن ڪميٽي جي نالي سان دهشتگرد گروپ ٺاهيو، ڪوئيٽا ۽ پشين مان هٿيار گهرايا، هن اهو به انڪشاف ڪيو ته لياري ۾ مرضي جا آفيسر مقرر ڪرايا، آفيسرن کي ذوالفقار مرزا، قادر پٽيل ۽ يوسف بلوچ مقرر ڪرايو، پوليس جي سرپرستي ۾ ڏوهه ڪيا، 2013ع مارچ ۾ پنهنجي پيءُ فيض محمد عرف فيضل جي قتل جو بدلو ورتو، پوليس آفيسر جاويد بلوچ ۽ چاند نيازي جي مدد سان ارشد پپو کي اغوا ڪيو، ٽن ڄڻن جون سسيون ڌڙ کان ڌار ڪري لياري جي گھٽين ۾ فٽبال راند کيڏي.