قوم جي ابي جو جنم ڏهاڙو، قائد جي مزار تي گارڊ جٿي جي تبديلي جي تقريب
قوم جي ابي محمد علي جناح جي 145 هين سالگره جي موقعي تي مزار قائد تي گارڊ جٿي جي تبديلي جي پر وقار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي ڪيڊٽس مزار قائد جي سيڪيورٽي جون ذميواريون سنڀالي ورتيون، تقريب جو خاص مهمان ڪمانڊنٽ پي ايم اي ميجر جنرل عمر احمد بخاري هو، جنهن باني پاڪستان جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتح خواني ڪئي، قوم جي طرفان ملڪ جي باني کي سلامي پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي قومي ترانو به پڙهيو ويو ۽ خاص مهمان پريڊ جو معائنو پڻ ڪيو، تقريب جي آخر ۾ خاص مهمان ميجر جنرل عمر احمد بخاري پڻ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا ياد رهي ته قائداعظم جي مزار تي گارڊ جٿي جي تبديلي جي تقريب سال ۾ 3 ڀيرا 14 آگسٽ، 6 سيپٽمبر ۽ 25 ڊسمبر تي ٿيندي آهي، تقريب ۾ نيوي، ايئر فورس ۽ پي ايم اي ڪاڪول جا ڪيڊٽس ترتيبوار تقريب جي چارج سنڀاليندا آهن.

