خاص

واٽس ايپ نئين ۽ اهم فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سموري دنيا ۾ مشهور ميسجنگ ايپ واٽس ايپ جا ڪروڙين صارفين ايپ مان في الحال فائدو کڻڻ جي لاءِ انٽرنيٽ ڪنيڪشن جا محتاج آهن، پر هاڻ ڪمپني طرفان ان حوالي سان اهم فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. واٽس ايپ طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته ڪمپني جلد ئي هڪ اهڙو نئون فيچر متعارف ڪرائڻ وڃي رهي آهي جيڪو صارفين کي انٽرنيٽ ڪنيڪشن کانسواءِ ڪيترن ئي ڊوائسز تي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪندو. ويب بيٽا انفو موجب واٽس ايپ جو ملٽي ڊيوائس فيچر في الحال تياري جي مرحلي ۾ آهي جيڪو ايندڙ ٻن مهينن جي دوران اينڊ رائيڊ ۽ آءِ او ايس ٽيسٽر ٻنهي جي لاءِ لانچ ڪرايو ويندو. ٽيڪنالاجي رپورٽ موجب واٽس ايپ جي سربراهه اول ڪيته ڪارٽ ۽ واٽس ايپ جي سي او مارڪ زڪر برگ طرفان به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته ملٽي ڊيوائس فيچر ٻن مهينن جي دوران متعارف ڪرايو ويندو پر فيچر کي بهتر بنائڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو.