خاص

پينٽنگ واري مٽي سان ٺهيل پليٽ 29 ڪروڙ ۾ نيلام

پينٽنگ واري مٽي سان ٺهيل پليٽ 29 ڪروڙ ۾ نيلام ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسڪاٽ لينڊ جي قديم نيلام گهر ليون اينڊ ٽرنيل ۾ نيلامي ڪئي وئي. ان نيلامي ۾ هڪ ڳوٺاڻي گهر مان آندل مختلف شيون نيلامي لاءِ رکيون هيون. سڀ کان وڌيڪ ٻولي 29 ڪروڙ رپيا پيٽنگ واري پليٽ جي لڳائي وئي. پليٽ بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته ان پليٽ تي ڪنهن ماهر مصور پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو هو. جنهن سبب سوين سال گذرڻ بعد به اها صحيح سلامت آهي.