ڪورونا وڌيڪ ايڪهٺ مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، ٽي هزار کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ
ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ ايڪهٺ مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جڏهن ته 3 هزار کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 44 هزار 377 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کانپوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 86 لک 48 هزار 242 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 3 هزار 495 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 6 لک 15 هزار 810 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 62 هزار 287، پنجاب ۾ هڪ لک 91 هزار 186، خيبر پختونخواهه ۾ 77 هزار 443، اسلام آباد ۾ 39 هزار 476، بلوچستان ۾ 19 هزار 259، آزاد ڪشمير ۾ 11 هزار 264 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 965 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

