رياستي ڪاروهنوار ڳجهين ايجنسين جي هٿن ۾ آهن سا خبر ۽ چرچ عام ماڻهوءَ کي پوڻ مشڪل آهي ته رياست جي نيت ۾ ڇاهي يا ماضيءَ جا تجربا ڏسي اها شيءِ چئي سگهجي ٿي ته هاڻي ڇا ٿيندو يا ڪير کٽيندو يا ڪير هارائيندو، پر هڪڙي ڳالھه واضح آهي ته ملڪ ۾ جڏهن به اليڪشن صاف شفاف ۽ ايمانداريءَ واري ٿي آهي ته ملڪ ٽٽي ڦٽي ويو آهي، هيل به جي ايتري صاف، شفاف ۽ ايماندار اليڪشن ٿي ته ملڪ ٽٽي ويندو يا ملڪ هن حال کان به هليو ويندو، ان ڪري هن مهل تائين زرداري، نوازشريف ۽ جيل ۾ بند (لڳي ٿو ته تاحيات) عمران خان به پنهنجي ليکي کٽيو ويٺو آهي ته پوءِ هارائيندو ڪير؟ يا مذهبي پارٽيون ته الله رسول جي نالي تي ووٽ جي فرمائش ڪيو ويٺيون آهن ۽ ماڻهو سمجهن ٿا ته تبديلي ته ايندي ئي ڪا نه ان ڪري هيل ووٽ جي عيوض ثواب کٽجي ۽ ووٽ مذهبي گروهن کي ڏجي ۽ ڪجھه قوم پرست ڌرين جو وهم آهي ته هيل اهي کٽي عوام جي خدمت ڪنديون، جيڪي هيل تائين ڪامياب ناهن ٿيون.
پر ملڪ جي تقدير الاءِ ڪٿي فل اسٽاپ هڻندي. سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتون وڃن ٿيون خراب ٿينديون. ماڻهو هاڻي ٿلهي ليکي سمجهن ٿا ته هي ملڪ، رياست جا ليکا چوکا وري ڪو ٻيو ڪنٽرول ڪيو ويٺو آهي، جيڪو ايوان، عدالت ۽ عسڪري ادارن کي اشارن سان ٿو هلائي. سياستدانن وانگي هاڻي عام ماڻهو به اهو ٿو سمجهي ته رياست جو بار هر ان ماڻهوءَ تي آهي جيڪو هن ملڪ ۾ ساھه ٿو کڻي ۽ تيستائين ان کي رقم ڀري ڏيڻي پوندي جيستائين اهو هن رياست ۾ جيئرو آهي، پر ان ايڏي وڏي ڳنڀير صورتحال ۾ سياسي پارٽيون پنهنجي ليکي چي گويريا ۽ هوچي منھ لڳيون پيون آهن، اهي سمجهن ٿيون ته هاڻي سياسي هٽلر ٿيڻ مشڪل ناهي. ان ڪري ته رياست کي اها سياست کپي جيڪا انهن کي ڪمائي ڏئي ۽ جيڪا انهن جي ها ۾ ها ملائي، ته پوءِ ڇا بلاول ڀٽو، نوازشريف ۽ جيل ۾ ڦاٿل عمران خان انهن جي ها ۾ ها ملائي سگهندا يا پاڻ وڻائي سگهندا؟ ان ڪري ته هاڻي جيڪي به ڳالهيون ڪن ٿا انهن مان هڪ به ٿيڻ واري ناهي جنهن ۾ ڪروڙين نوڪرين کان وٺي، تيل جي قيمتن تي ضابطي جي ڳالهھ تائين ۽ بجلي جي اگهن ۾ استقامت ۽ مهانگائي جو ڪو ٽوڙ ڳولهي لهڻ تائين. ان ڪري اها ڳالهھ به سمجھه کان ٻاهر آهي ته 300 بجلي جا يونٽ مفت ۾ ڪيئن ملندا، جڏهن ته رياست بجلي جا ادارا خانگائي ڇڏيا آهن ۽ رياست بجلي جي اگهن تي ضابطو نه ٿي آڻي سگهي ته اها ڇا ڪندي؟ يا رياست پاڻ انهن خانگايل ادارن کان بجلي پيسن تي وٺندي آهي ته پوءِ بجلي فري ڪيئن ملندي؟.
ٻي ڳالھه اها به مڃون ٿا ته هاڻي وارن سياستدانن ۾ بلاول جو گراف چڙهيل آهي، ان ڪري ته هو وقت کان پهرين ئي عوامي سياست ڪري ٿو ڏيکاري. هن شخص ۾ دليري جو عنصر تمام گهڻو آهي، توڻي جو لياري گرائونڊ ۾ جلسي دوران ماڻهن سان ملي جُلي وڃڻ ۽ انهن سان سيلفيون ڪڍارئڻ ۽ بنا ڊپ ۽ ڊاءَ جي ماڻهن سان ملڻ، ان ڳالھه جي ته پڪي نشاني آهي ته هي ماڻهن ۾ مقبول ٿي ويندو، پر سوال اهو ٿو اٿي ته ڇا اسٽيبلشمينٽ انهن کي سڀ ڪم ڪرڻ ڏيندي جيڪي عوامي سياست چَوَرائن يا ڪير انهن کي عوامي سياستدان يا اڳواڻ ڪوٺي سگهي ٿو؟ ان ڪري جو ماڻهن جو سياستدانن تان اعتبار کڄي ويو آهي، سوشل ميڊيا جي هڻ هڻان ۽ مهم گيري ان ڳالهھ کي پڪو ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻي ڪنهن سان به ڪجھه به ٿي سگهي ٿو. ووٽن وٺڻ وارا هاڻي ان ڳالهھ کان هوشيار آهن ته جيڪي به ٻوڏ ستايل علائقا آهن، جيڪي علائقا سيلاب جي زد ۾ آيا هئا، جن ماڻهن جا مال متاع لڙهي ويا هئا، جيڪي ٻوڏن ۾ گرمي سهي ويا ۽ جن ان کانپوءِ سياري جون سرد راتيون به کليل آسمان هيٺان گذاريون، انهن ماڻهن کي اهي سور ۽ درد ياد ٿا اچن ته انهن جي ڪنهن واهر ڪئي هئي ۽ ڪنهن نه ڪئي هئي. انهن ماڻهن کي پنهنجي بک ۽ بدحالي ياد آهي، ان ڪري انهن جي دردن جو درمان ان ڳالهھ مان لڳائي سگهجي ٿو ته اهي هاڻي ووٽ ڏسي وائسي ڏيندا. انهن ماڻهن کي وري به ووٽ ڪري سگهن ٿا جيڪي انهن سان پڪا واعدا ڪري وڃن ۽ اهي ڪري به سگهن ٿا، پر ان مان اها ڳالهھ ته پڪي سمجهي سگهجي ٿي ته جيڪي به پير، وڏيرا، مير ۽ علائقي جا شاھه ۽ سيد آهن جيڪي پيري مريديءَ ۾ ووٽ ته وٺي ٿا وڃن، پر اهي ماڻهو پوءِ هٿيڪا ٿي ٿا پون. ان ڪري ته مٿين ليول تي ماڻهن کي ڀلي ڪير به نه سڃاڻي، پر هيٺين ليول تي جيڪي ماڻهو سڃاڻي ووٽ ٿا ڪن، اهي انهن کان جواب طلبي ڪري سگهن ٿا ته ووٽ دوران ڪيل سندن واعدا وفا نه ٿيا.
اها ڳالهھ به عام فهم آهي ته موسمياتي تبديليون سموري دنيا کي وڪوڙي ويون آهن. اهي ملڪ جتي بارشون عام ۽ سطحي ٿينديون هيون اتي به بارشن رڻ ٻاري ڏنو آهي، ان ڪري ڪنهن به سياسي پارٽي جي وس ۾ ناهي ته اهي موسمياتي تبديلين جي بچاءَ جي لاءِ ڪو ترت ڪم ڪري سگهي، پر اهو ضرور آهي ته عوام اها ڳالهھ سمجهي ته اربن فلڊ (شهري ٻوڏ) ۾ ڪراچي جهڙي شهر ۾ هزارين، لکين گاڏيون ٻُڏي تباھ ٿي ويون هيون، اليڪٽريڪل (هاءِ بِرِڊ) گاڏين جا سسٽم بارشن جي پاڻي جي اچڻ جي ڪري سڙي تباھه ٿي ويا هئا ۽ وري جيڪي شهري نظام هئا اهي ته ايترا خراب جو ڳالھه سمجھه کان مٿي هئي ان ڪري ته نڪاسيءَ جا نظام به ناڪارا هئا ان ڪري اربين روپين جا مشرف جي دور کان وٺي مصطفيٰ ڪمال (اڳوڻي ناظم) جيڪي جوڙايا هئا انهن تي ان کانپوءِ جو حڪومتون وري به اربين روپيا هڻي ويون، پر سسٽم اتي جي اتي آهي، ان ڪري بنيادي نظامن جي بهتري جي ضرورت آهي جيڪي ڪنهن جادوءَ جي ڇڙهي سان ممڪن ناهن، نه ئي ڪير ڪري به سگهي ٿو، ان ڪري فرمائش اها ڪجي جيڪا سمجھه ۾ به اچي، باقي ڪرپشن ٽين دنيا جي ملڪن مان ڪا نه ويندي پوءِ ڀلي ڪير ڪيتري به ڳالهه ڪري يا ڪير ڪيتري به ڊاڙ هڻي اها شيءِ ممڪن ناهي.
هر سياسي پارٽي جڏهن به اقتدار ۾ اچي ته ملڪ ۾ فلاحي ادارا ۽ ان سان گڏوگڏ سرڪاري ادارا به فعال ڪري جيڪي ماڻهن جي مدد ڪري سگهن، يا هڪ شيءِ ڏٺي وئي آهي ته بارشن جي تباهيءَ کانپوءِ جيترو جلدي وزيراعليٰ (ڀلي ڪير به هجي) اهو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي روڊن تي نظر ايندو آهي اوترو جلدي ڪڏهن لاڙڪاڻي، سکر ۽ خيرپور جي ڳوٺاڻي ۽ ڪچي آبادي وارن علائقن ۾ نظر ناهي ايندو، ان ڪري ته جو بهانو اهو هوندو آهي ته انهن علائقن ۾ لنگهڻ جا رستا ٻُڏي ويندا آهن، ڇو جو پاڻي يا روڊ ڀڃي رکندو آهي يا روڊن جي مٿان بيٺو هوندو آهي ۽ روڊ ڪچا هوندا آهن ان ڪري روڊن رستن جي بي اعتباريءَ جي ڪري ڪير به روڊن تي پير ناهي رکي سگهندو. ان ڪري جي اهي سسٽم به مهڙ کان ئي سڌا ڪيا وڃن ته انهن علائقن ۾ ماڻهو بارشن ۾ به گهمي ڦري سگهي، ۽ انهن بنيادي مسئلن جو حل رڳو اتان جو سسٽم صحيح ڪرڻ آهي ۽ ڪنهن به ان تي شروع کان ئي ڌيان ناهي ڏنو، جنهن ۾ بجلي جو نظام ته پنهنجي جاءِ تي، پر برساتي نالن جي نه هجڻ ۽ ڪينالن ۽ واهن جي ٽائيم تي کاٽي (کوٽائي) نه هجڻ جي ڪري يا جنهن کي ڀل صفائي چئون، سا ناهي ٿيندي ان ڪري انهن علائقن جي ڪينالن مان جي 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهايو وڃي ته اهي ڪينال شهرن جي سطح تائين بلند ٿي ٿا وڃن ۽ جي انهن ڪينالن جي ڪيپيسٽي 8 هزار هجي ٿي ته پاڻي جو زور جهلي ٿا وڃن جي وڌي ٿو وڃي ته اهو پاڻي وري ڀَرَ وارين آبادين، ڪچن ڳوٺن ۽ زرعي آبادين ۾ ورهائي وهائي ٿا ڇڏين ۽ نتيجي ۾ نقصان جو منهن ڏسڻو ٿو پوي، ان ڪري بنيادي سسٽم تي ڪم ٿيڻ گهرجي، باقي سکڻا ڏٽا جنهن ۾ فري بجلي، مفت تعيلم، صحت جون سهولتون عام هجڻ، گهرن جو مفت ملڻ، يا ان کان به وڌيڪ انڪم سپورٽ پروگرامن جي سهائتا وغيره، اهي سڀ صحيح آهن يا ائين چئون ته جيڪي به سوشلسٽ رياستن ۾ پڙهيل لکيل نوجوانن کي به گهر ويٺي پيسا ملن ٿا، اتي ته ٻارن جي فيڊ به مفت ۾ ٿي ملي، تعيلم مفت آهي، صحت جو سهولتون عام آهن، لائيف انشورنس ملي ٿي، پر اتي اها ڳالهھ آهي ته ماڻهن کي هر قسم جي ٽيڪس ڏيڻي ٿي پئي، پوءِ اهو مسلمان هجي يا پاڪستاني پر ايمانداري سان هر ڪم ڪرڻو ٿو پوين، پر اسان جهڙن ملڪن ۾ مهانگائي جي ڪري ۽ ڪرنسيءَ جي غيراستقامت جي ڪري ماڻهن ۾ بيچيني گهڻي ٿي پئي آهي، اهي سمجهن ٿا ته زرعي سيڪٽر ۽ صنعتي سيڪٽر ۾ حڪومت هڪجهڙو رويو روا ڪري ۽ ماڻهن کي جيڪي سهولتون شهري نظامن ۾ مليل آهن، اهي ڳوٺاڻن ۽ ڪچي جي علائقن ۾ به ممڪن ڪري پوءِ اتي سڀ فلاح بهبود وارا ادارا به ممڪن ڪري ته اتي اهي شيون هٿ تي رکي ڏئي جيڪي شهري نظامن ۾ آرام سان ملن ٿيون، پر ممڪن ناهي اهي ٻئي الڳ الڳ علائقا آهن جتي چڱي ڀلي سرڪار به نه هلي سگهندي ۽ ڪير به اتي ڪاميابيءَ سان پنهنجي حڪومت نه هلائي سگهندو.