هڪ ايجاد جي ڪُهائي (Miscarriage)

الطاف شيخ جي سفر نامي “وسي وڏ ڦڙو” مان کنيل
هڪ ايجاد جي ڪُهائي (Miscarriage)
الطاف شيخ
جن ڏينهن ۾ آئون سوئيڊن جي شهر مالمو ۾ اُتي جي ورلڊ مئري ٽائيم يونيورسٽي سان ٻن سالن لاءِ وابسته هئس، تن ڏينهن ۾ سامونڊي پٽيءَ جي ٻي پاسي ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ اسان جو دوست، سنڌ جي دلير ۽ جھوني ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جو وڏو فرزند محمد علي ميمڻ ٽريڊ ڪمشنر هو. ڪڏهن هو مون وٽ منهنجي شهر مالمو ۾ هلي ايندو هو ته ڪڏهن آئون هن وٽ ڪوپن هيگن پهچي ويندو هئس. يورپ جا اهي ٻئي شهر ائين آهن جيئن اسان جو دادو مورو يا سکر روهڙي! ڪتابن پڙهڻ جو هو به شوقين هو، سو اسان جو ادبي دنيا جي ماڻهن بابت گهڻو بحث هلندو هو. محمد علي هر ڳالهه بنا ڪنهن رک رکاءَ جي ڪرڻ جو عادي آهي. ڪو رسي ته رسي وڃي هو ڳالهه اها ڪندو جيڪا صحيح سمجھندو.
هڪ ڏينهن آئون ڪوپن هيگن سندس گهر پهتس ته سندس هٿن ۾ هڪ سنڌيءَ جو رسالو هو جنهن ۾ منهنجي تازي ڪتاب تي تبصري سان گڏ نقاد مون بابت ڪافي تعريف لکي هئي ته پاڻيءَ جي جهاز تي ڪم ڪرڻ سان گڏ هن جو ادب سان ايڏو چاهه آهي جو 30 کن ڪتاب لکيا اٿس (ان وقت منهنجا اوترا ڪتاب ٿيا هئا). محمد عليءَ رسالي جو اهو صفحو مون کي ڏيکاري، پنهنجي خاص انداز ۾ نرڙَ کي ڌڪ هڻي چيو: “ٻڏي مرڻ جي جاءِ آهي! اسان جي ملڪ ۾ قوم جو ايڏو ڪريل معيار آهي جو 30 کن ڪتاب لکڻ وارو وڏي ڳالهه پيو سمجھجي ۽ جي تون جهاز ٿو هلائين ته اها ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي…”
مون کي جهڙي باهه وٺي وئي. دل ۾ چيم اهي ئي ته محمد علي جون ڳالهيون آهن جو پنهنجا پراوا کانئس ڀڄندا وتن. گهر ۾ گهرائي ٿيو ذليل ڪرڻو. دل چيو ته هينئر جو هينئر پنهنجي شهر مالمو (سوئيڊن) هليو وڃان، پر پوءِ چانهه پي ٿورو سامت ۾ آيس ته مون کي يڪدم محسوس ٿيو ته ٻيلي محمد علي ڳالهه ته صحيح ٿو ڪري. جهاز هلائڻ ۽ ڪجهه ڪتاب لکڻ ڪا اهڙي ته وڏي ڳالهه ناهي جو تبصرو لکندڙ کڻي مون کي “عظيم ليکڪ” جو خطاب ڏنو آهي، هتي يورپ ۾ ماڻهو الائي ڪهڙا ڪهـڙا ڪم پيا ڪن!
ان ڳالهه تي آئون بعد ۾ به سوچيندو رهيس ته اسان پاڪستاني، خاص ڪري سنڌي، معمولي ڳالهه کي وڏو ڇو ٿا سمجھون ۽ ان تي هيڪاندو گهڻو خوشيءَ جو اظهار ڇو ٿا ڪريون. پڇڻ تي منهنجي ڳوٺ جي هڪ وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ چيو ته ان ڪري جو قومي ليول تي اسان کي نه راندين ۾ همٿايو وڃي ٿو ۽ نه ريڊيو، ٽي وي ۽ آرٽ جي دنيا ۾. پوءِ ڪو پنهنجي مڙسي سان ننڍو ڪم به ڪري ٿو ته فخر مان سڀني جو ڳاٽ مٿي ٿيو وڃي ۽ هو پنهنجي احساس محرومي ۽ ڪمتري کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين کي اهو ٻڌائڻ چاهين ٿا ته اسين به ڪنهن کان گهٽ نه آهيون. ان چڪر ۾ ڪڏهن ڪڏهن مس فائر به ٿيو وڃي…. يعني تڪڙ ۾ بنا ڪنهن خاطري ڪرڻ جي ان کي به هيرو بڻايو ڇڏيون جيڪو اڃان مڪمل طور نه ٿيو آهي.
مٿئين ڳالهين ان ڪري ڌيان ۾ آئي ته هن ڀيري پاڪستان اچڻ تي ان ڳالهه جو ذڪر صوبائي توڙي ملڪي ميڊيا تي زور شور سان ٻڌڻ ۾ آيو ته ڪنهن همراهه اهڙو پرزو ٺاهيو آهي جيڪو پاڻيءَ کي اهڙي صورت ۾ آڻيو ڇڏي جو ان سان ڪار هلي سگهي ٿي. دراصل ملائيشيا ۾ ئي هئس ته اها ڳالهه ٻڌم ۽ منهنجا مئرين انجنيئرنگ جا شاگرد مون کان سوال ڪرڻ لڳا ته اهو ممڪن آهي… ؟ ان بابت به هنن کي تجسس هو ته آيا اهو تجربو ڪمرشل يوز ۾ ڪارگر ثابت ٿي سگهيو آهي؟
فيول ۽ فيول ٽيڪنالاجي منهنجو خاص سبجيڪٽ رهيو آهي ۽ 1980ع کان ملائيشيا ۽ سنگاپور جي مختلف نيول اڪيڊمين ۽ ٽيڪنيڪل ادارن ۾ پڙهائيندو اچان. هڪ جهاز جيڪو پاڻي ۾ هلي ٿو، جنهن جي چوڌاري مفت جو بي انتها پاڻي آهي، ان کي هلائڻ جي لاءِ جيڪڏهن ‘پاڻي’ فيول (ٻارڻ) طور استعمال ٿي وڃي ته اسان هلائيندڙن ۽ جهازن جي مالڪن جا عيشَ ٿي وڃن. مالڪن جو پئسو بچي وڃي ۽ اسان جهاز هلائيندڙ لاءِ Maintenance جو ڪم نه برابر وڃي ٿئي جو تيل جي مقابلي ۾، خاص ڪري جيڪو ڏامر جهڙو سستو تيل اسان جهاز کي هلائڻ لاءِ ڪم آڻيون ٿا، ان جي مقابلي ۾ پاڻي هڪ صاف سٿرو fuel ٿي پوندو. مون پنهنجن جهازي شاگردن کي اهوئي جواب ڏنو ته ايجاد ڪندڙ همراهه سان پاڪستان ۾ ملي، پوءِ توهان کي، ان پويان جيڪا هن technology ايجاد ۽ استعمال ڪئي آهي اها اچي ٻڌائيندس.
تيل (ٻارڻ) جي ٽيڪنالاجي کان اڻ واقف پڙهندڙن جي معلومات لاءِ اهو لکندس ته جهاز کي هلائڻ واري انجڻ ايڏي ته وڏي ٿئي ٿي جو ان جي سلينڊر ۾ ٽي ماڻهو هڪ ئي وقت بيهي سگهن ٿا. سو ان ۾ تيل به ان حساب سان سڙي ٿو. هاڻ ته هڪ لک ٽن وزن کان به وڏا جهاز ٿي پيا آهن پر نوڪري جي شروعات جي سٺ واري ڏهاڪي ۾ جيڪي 30 هزار کن ٽنن وارا اسان جهاز هلايا انهن ۾ به روزانو 40 ٽن کن تيل سڙيو ٿي. 40 ٽن معنيٰ چاليهه هزار لٽر تيل هاڻ جي هي جهاز پيٽرول تي هلن ته اسان جي ملڪ جي اڄوڪي اگهه مطابق چاليهه لک رپيا روزانو تيل تي خرچ ٿيو. جنهن خرچ تي جهاز جي مالڪ کي الٽو نقصان پوي. ان ڪري جهاز کي تمام سستي قسم جي تيل سان هلايو وڃي ٿو. يعني پاڻي واري جهاز کي… هوائي جهاز ته پيٽرول کان به اوچو ۽ مهانگو فيول “آڪٽين” استعمال ڪري ٿو. بهرحال هن ڏامر جهڙي تيل کي انجڻ يا بوائلر ۾ ٻارڻ لاءِ هن تيل کي گرم ڪري صاف ڪيو وڃي ٿو جيئن هن جي viscosity گهٽجي ۽ فلو (لاڙَ)بهتر ٿئي.
پاڪستان اچي مون کي ڪو گهڻو وقت نه مليو جو آئون هن صاحب سان سندس ايجاد بابت سوال جواب ڪري سگهان. مون گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته هن ايجاد ڪندڙ سان ملان يا گهٽ ۾ گهٽ جن جي هن سان ملاقات ٿي آهي ۽ جن هن کي پاڻيءَ تي ڪار هلائيندو ڏٺو آهي انهن سان ڪجهه ڳالهيون ڊسڪس ڪري سگهان… يعني هو مون کي سمجھائي سگهن. پر اهو به ممڪن نه ٿي سگهيو. هو پاڻ به ان بابت منجھيل نظر آيا ٿي. بهرحال آئون هتي ان ڳالهه کي رد نٿو ڪريان. بلڪه مون کي ته خوشي ٿيندي ته ان جو ايجاد ڪندڙ اسان جي ملڪ ۽ اسان جي صوبي سنڌ جو آهي.
هتي آئون فقط ڪجهه ڳالهيون اهي لکي رهيو آهيان جن کان پڙهندڙ اڻ واقف هجي خاص ڪري اهو جيڪو سائنس جو شاگرد نه آهي.
- ڪار، ٽرئڪٽر، هوائي جهاز کان پاڻي واري جهاز کي جيڪا انجڻ هلائي ٿي ان ۾ ٻارڻ (Fuel) طور پيٽرول، ڊيزل، سي اين جي ويندي بئلارن ۾ جيڪو ڪوئلو، ڪاغذ يا ڪاٺ ٻاريو وڃي ٿو انهن سڀني ۾ ڪاربان موجود آهي. پوءِ ڪنهن ۾ گهٽ آهي ته ڪنهن ۾ گهڻو ان کان علاوه هيڊروجن به آهي. اهي ٻئي شيون آڪسيجن جي موجودگي ۾ ٻرن ٿيون. انجڻ يا بوائلرن ۾ آڪسيجن هوا رستي مهيا ڪئي وڃي ٿي پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته پيٽرول وارين گاڏين ۾ ڪاربيوٽر ذريعي هوا ۽ پيٽرول مڪس ڪري پوءِ سلينڊر ۾ ساڙيو وڃي ٿو ۽ ڊيزل انجڻ ۽ بوائلرن وغيره ۾ هڪ طرف کان ڊيزل ۽ ٻئي طرف کان هوا وجھي سلينڊر ۾ ئي مڪس ڪري ساڙيو وڃي ٿو جيڪو ڪم بوائلر جي فرنيس ۾ ڪيو وڃي ٿو.

- پيٽرول، ڊيزل، آڪٽين يا ڪاٺ، ڪوئلو، پنو وغيرهه سڙڻ تي جيڪا exhaust گئس يعني دونهون نڪري ٿو اها گئس ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ آهي. يعني ان ۾ هڪ حصو ڪاربان جو آهي ته ٻه حصا آڪسيجن جا. هن جهان ۾ يعني هن ڌرتي جي گولي تي اها گئس قدرتي طرح ان شڪل ۾ ٿئي ٿي. پر جيڪڏهن سڙڻ وقت هوا (آڪسيجن) جو مقدار گهٽ آهي ته پوءِ گهاٽي ڪاري رنگ جو دونهون نڪري ٿو جنهن ۾ آڪسيجن جي ٻن حصن بدران هڪ ٿئي ٿو ۽ هڪ ڪاربان جو. اهـڙي دونهين جي گئس ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ بدران ڪاربان مونو آڪسائيڊ سڏجي ٿي. ڪاربان مونو آڪسائيڊ (يعني ڪارو دونهون) اسان لاءِ خطرناڪ ان ڪري آهي جو ڪاربان مونو آڪسائيڊ پنهنجي قدرتي فارم (ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ) ۾ اچڻ لاءِ آڪسيجن جو ٻيو حصو آسپاس مان ڇڪي ٿي ۽ جيڪڏهن اهو دونهون، ڪو ساهه ۾ ٿو کڻي ته اها گئس آڪسيجن جو باقي حصو انسان جي جسم مان ٿي ڇڪي ۽ اسان کي چڪر اچن ٿا… ننڍا ٻار ته بيهوش به ٿي سگهن ٿا ۽ موت جو به شڪار ٿين ٿا. اهوئي سبب آهي جو سڌريل ملڪن ۾ دونهون ڇڏيندڙ گاڏيون “قاتل” سمجھيون وڃن ٿيون.
- پاڻيءَ جو تاثير جيتوڻيڪ ٿڌو آهي يا باهه کي وسائڻ جي ڪم اچي ٿو، پر اهو ٻن خطرناڪ شين جو ٺهيل آهي: هڪ هيڊروجن جيڪا ٻري ٿي ۽ ٻي آڪسيجن جيڪا ٻارڻ ۾ مدد ڪري ٿي. يعني پاڻي نج ٻارڻ (fuel) آهي. پاڻيءَ کي باهه به لڳي سگهي ٿي ۽ اسان مان ڪيترن، خاص ڪري گهر جي عورتن پاڻيءَ کي باهه لڳڻ جو مشاهدو به ڪيو هوندو. چلهه تي گرم تيل کي جڏهن پاڻيءَ جا ڇنڍا لڳن ٿا ته اُلا (شعلا) نڪرن ٿا… اهي باهه جون ڄڀيون ڇا آهن؟ اهو پاڻيءَ ۾ موجود هائيڊروجن ۽ آڪسيجن جي سڙڻ جون آهن. يعني پاڻي به پيٽرول وانگر ٻري سگهي ٿو جيڪڏهن هن جا جزا هائيڊروجن ۽ آڪسيجن جدا ڪيا وڃن. چلهه تي ڪڻڇي يا تئي تي جيڪو تيل گرم ٿيو وڃي ان جو ٽيمپريچر ٽي چار سئو ڊگريون ٿئي ٿو ۽ پاڻيءَ جا ڇنڍا ٽڙڪيو هائيڊروجن ۽ آڪسيجن ٿيو پون.
- قدرت اهڙو قانون رکيو آهي جو جڏهن اسان ديڳڙي ۾ پاڻيءَ کي گرم ڪريون ٿا ته اهو ان ٽيمپريچر تائين پهچي ئي نٿو… ڀلي کڻي سڄو ڏينهن ٽهڪايون. هڪ سئو ڊگرين بعد پاڻي پنهنجي شڪل ئي بدلايو وڃي. اهو ٻاڦ ٿيو اڏاميو وڃي. جهاز جي انجڻ روم جي فرش تي هاريل تيل کي جڏهن باهه لڳندي آهي ته اسان ان کي پاڻيءَ بدران گجي (foam) يا ڪنهن مردار (inert) گئس ذريعي وسائيندا آهيون. ڇو جو پاڻي هڻڻ سان ان جا جزا الڳ ٿي ويتر وڌيڪ باهه پيدا ڪري سگهن ٿا.
- پاڻي کي ٻارڻ جي ڪم ۾ آڻڻ لاءِ ان جا جزا هائيڊروجن ۽ آڪسيجن ڌار ڪرڻ جو ٻيو طريقو اليڪٽرڪ آهي. ڪار يا ٻي ڪا انجڻ پاڻيءَ تي بلڪل هلي سگهندي جيڪڏهن اليڪٽرڪ ڪرنٽ يا طاقتور بيٽري جو بندوبست آهي. هاڻ ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن هڪ ڪار هڪ سئو رپين ۾ يعني پيٽرول جي هڪ ليٽر ۾ ڏهه ڪلو ميٽر هلي سگهي ٿي ته ايترو مفاصلو کڻي پاڻي جي ٻن بوتلن (ٻن لٽرن) ۾ طئيءَ ڪري… ۽ ان نج پاڻي جا ٻه ليٽر کڻي اسان کي 20 رپين جا ملن پر انهن ٻن ليٽرن کي اليڪٽرڪ ڪرنٽ ذريعي ڦاڙڻ ۾ بجلي جو بل جيڪڏهن 150 رپيا ٿو اچي ته پوءِ اها شيءَ ڪهڙي فاعدي جي ٿي.
- اهو چيو وڃي ٿو ته ان لاءِ جيڪو “واٽر ڪِٽ” ايجاد ڪيو ويو آهي ان ۾ اهو ڪم آٽوميٽڪ ٿيو وڃي ۽ بيٽري به چارج ٿيندي رهي ٿي. اسان هن اسٽيج تي اهو نٿا چوڻ چاهيون ته ايجاد ڪندڙ ڪوڙ ٿو ڳالهائي… اسان ته دعائون ڪنداسين ته پاڻيءَ کي انجڻن ۾ ٻارڻ حقيقت ثابت ٿئي ته ماحول ڪاربان واري دونهين کان به صاف سٿرو رهندو ۽ مهانگائي به دور ٿيندي.، پر آخر اها به ته خبر پوي ته اهو Water Kit ڪهڙي جادو منتر جو ٺهيل آهي. مون کي T.V تي ان خبر بابت هڪ ٻه پروگرام ڏسڻ جو موقعو مليو آهي، پر ان ۾ اها ڳالهه گول مول ڪئي وڃي ٿي. ڪار کي هلندو ڏسي اسان جو سائنس جي علم کان ڇسو عوام واهه واهه ڪندو رهي ٿو ۽ دنيا اسان تي کلندي رهي ٿي.
- هڪ ٻي ڳالهه ته واٽر ڪِٽ ذريعي رڳو پاڻي وڃي ٿو يا ٻي ٻارڻ جي شيءِ به، جنهن ۾ ڪاربان جهڙي شيءِ موجود هجي. اها ته هر هڪ کي خبر هوندي ته انبن پچائڻ واري ڪيميڪل ڪاربائيڊ مٿان پاڻي وجھڻ تي نڪرندڙ گئس ٻري سگهي ٿي.
- جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته ڊيزل وانگر پاڻي نج حالت ۾ انجڻ جي سلينڊر ۾ داخل ٿي ٻري ٿو ته اها ڳالهه به هڪ معمولي سائنس يا مڪينيڪل انجنيئرنگ جي شاگرد کي به حيرت زده ڪندي هوندي ته سلينڊر جو پاور اسٽروڪ ۾ ته ڪو اڌ چمچو ڊيزل جو مس ٿو Spray ڪيو وڃي، پر اوتريون ڪئلوريون حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جو ڪوپ کن داخل ڪرڻ ضروري آهي ۽ پسٽن Inward اسٽروڪ جي آخر ۾ clearance ايترو گهٽ ٿو ٿئي جو ايترو پاڻي زبردست هائڊرالڪ پريشر پيدا ڪري سگهي ٿو.
- پاڻي جي ٻارڻ سان گاڏي هلڻ جي خاطري ڪرڻ لاءِ عوام کي ان جي دونهين بابت ته ٻڌايو وڃي ته Exhaust گئس ۾ ڇا ٿو نڪري. جي ڪاربان گئس ٿي نڪري ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيو ته انجڻ جي سلينڊر ۾ پاڻيءَ کان علاوه ٻي به شيءِ داخل ڪئي پئي وڃي. ڇو ته فقط پاڻي جي ٻرڻ تي دونهين (Exhaust) ۾ فقط ۽ فقط هائيڊروجن ۽ آڪسيجن اچڻ کپي شروع ۾ ته هر چئنل ۽ اخبار ۾ هن ايجاد جي ڳالهه هئي، پر هاڻ ته مهينو ٿي ويو آهي ان بابت ڪا ڳالهه نٿي ٻڌجي. خبر ناهي اها ايجاد مئچوئر ٿي جنم ورتو يا وقت کان اڳ ڪُهائي (Abortion) جو شڪار ٿي.



