خاص

دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو تعداد هڪ ڪروڙ کان به وڌي چڪو آهي.

سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد هڪ ڪروڙ کان وڌي ويو آهي ۽ 5 لک ماڻهو هن موذي مرض سبب فوت ٿي ويا آهن. گذريل هفتي، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) خبردار ڪيو هو ته پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد ايندڙ هفتي تائين 10 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن موجب ڪورونا وائرس جا اڌ ڪيس اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ٻن براعظمن ۾ ٿيا آهن. آمريڪا ۾ وائرس وگهي مرڻ وارن جو انگ 120،000 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. ڪورونا کان تمام گهڻو متاثر ٿيل ملڪ ۽ مريضن جو تعداد تقريباً 2.6 ملين تائين وڌي ويو آهي. آمريڪا کانپوءِ، برازيل ڪورونا سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ملڪ آهي، جنهن جا 1.3 ملين مريض ۽ 57000 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن. روس 600،000 کان وڌيڪ ڪيسن ۽ تقريبن 9،000 فوتگين سبب ٽئين نمبر تي آهي. جڏهن ته 500،000 کان وڌيڪ ڪيسن ۽ 16000 فوتگين سبب هندستان چوٿين نمبر تي آهي. برطانيه ۾ ڪرونا وائرس متاثر 43،000 کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا آهن، ان جي مقابلي ۾ 310،000 کان وڌيڪ. ياد رهي ته جتي ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌارو اچي رهيو آهي اتي ڪورونا جي مرض کي شڪست ڏيئي صحتياب ٿيڻ وارن جو انگ به 54 لک تائين پهچي ويو آهي.