خاص

.آمريڪي پرڏيهي کاتي، جاپان کي 105 ايف 35 جنگي جهاز وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

آمريڪي پرڏيهي کاتي، جاپان کي 23 ارب ڊالر ماليت جي 105 ايف 35 جنگي جهازن جي وڪري جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي مطابق جاپان جي دفاع کي مضبوط ۽ موثر بنائڻ جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ آمريڪي معاونت قومي مفاد ۾ آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته هن وڪري سان خطي ۾ عسڪري توازن تبديل نه ٿيندو. ياد رهي ته جاپان آمريڪا کان 63 ايف 35 اي، 42 ايف 35 بي ۽ ٻيو متعلقه ساز و سامان خريدڻ جي درخواست ڪئي هئي. هاڻ هي معاملو آمريڪي ڪانگريس وٽ ويندو جتان منظوري کانپوءِ جاپان آمريڪا کان ايف 35 جهاز خريد ڪرڻ وارو پنجون ملڪ بڻجي ويندو. ان کان پهرين اسرائيل، ڏکڻ ڪوريا، بيلجيم ۽ پولينڊ به آمريڪا کان ايف 35 جهازن جي خريداري جو معاهدو ڪري چڪا آهن.