خاص

برساتي ڏيڏرن جا مسئلا حل نٿا ڪري سگهجن: بختاور ڀٽو زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءَ بختاور چيو آهي ته بدقسمتي سان اسان برساتي ڏيڏرن جا مسئلا حل نٿا ڪري سگهون جيڪي مينهن پوڻ سان ئي نڪريو اچن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ بختاور ڀٽو زرداري چيو آهي ته جڏهن برسات وسندي آهي، پاڻي ايندو آهي، آئون سنڌ سرڪار جي شڪرگذار آهيان جنهن سڄي رات روڊن جي نگراني ڪئي ۽ اڄ سڀ ڪجهه صاف آهي. بختاور ڀٽو چيو ته بدقسمتي سان اسان برساتي ڏيڏرن جو مسئلو حل نٿا ڪري سگهون جيڪي برسات پوندي ئي نڪري ٿا اچن، ڪراچي مان چونڊيل پي ٽي آءِ جا وزير گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪٿي هئا؟