سنڌ ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه
سنڌو درياهه ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي سطح ۾ اضافي سبب هيٺين درجي جو سيلابي ريلو گذري رهيو آهي، هن وقت اپ اسٽريم ۾ پاڻي جي سطح هڪ لک 88 هزار 45 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي سطح هڪ لک 85 هزار نو سئو 15 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي. ڪوٽڙي بئراج تي حيدرآباد طرف بندن تي دٻاءُ سبب آبپاشي کاتي هنگامي بنيادن تي بندن تي مرمتي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي آمد تي سيوهڻ کان ڄامشورو تائين سنڌو درياهه ۾ ڪچي زمين پاڻي هيٺ اچي چڪي آهي. سيوهڻ کان ڪوٽڙي جي ڪارو کئو جي علائقن خانپور، مانجهند، علي آباد، پيٽارو، سن، لڪي سيمنٽ ۽ ٻيا سنڌو درياهه جي ڪناري تي رهائشي ماڻهن جا ڪچا گهر به ڪچي جي علائقي ۾ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي آمد تي پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن. علائقي واسين محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته مذڪوره ماڻهن طرفان سنڌو درياهه تي لڳايل هزارين ايڪڙ فصل به سنڌو درياهه جي پاڻي سبب تباهه ٿي چڪا آهن. جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج کان سيلابي ريلو 9 ۽ 10 سيپٽمبر تي گذرندو.

