خاص

ڪراچي سپر هاءِ وي تي مسافر وين سان خوفناڪ حادثو، 13 ڄڻا فوت

نوري آباد ڀرسان سدا بهار هوٽل ويجهو حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد يونٽ نمبر پوڻا 7  کان ڪراچي ويندڙ مسافر وين جي ايف 6853 جي ونڊ اسڪرين کي اڳيان ويندڙ ڪار جو نڪتل بونٽ لڳڻ سبب گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي ۽ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب وين کي باهه لڳي وئي، حيدرآباد واسي 13 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، 12 زخمي، باهه لڳڻ ڪري مسافرن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، لطيف آباد يونٽ نمبر 12 واسي هڪ ئي خاندان جي 3 ڄڻن سميت 13 ماڻهو ٿڏي تي سڙي فوت ٿي ويا، باقي زخمين کي طبي امداد ڏئي فارغ ڪيو ويو، اطلاع ملندي موٽروي پوليس، فائر برگيڊ عملو ۽ ٻيون ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون، آخري اطلاعن تائين فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي، هوڏانهن ايڊيشنل آءِ جي موٽر وي پوليس ڊاڪٽر آفتاب احمد پٺاڻ، ڊي آءِ جي ڏکڻ ريجن موٽر وي ملڪ مطلوب حسين ۽ سيڪٽر ڪمانڊر موٽروي زاهد نذير واقعي واري هنڌ پهتا ۽ امدادي ڪارروائين جي نگراني ڪئي، ٻئي طرف ايڌي انچارج جو چوڻ هو ته ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. ڊي سي ڄامشورو موجب حادثي ۾ 13 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، ٻئي طرف چيف سيڪريٽري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي ۽ ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، هوڏانهن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه حادثي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته وڏي وزير ان حوالي سان رپورٽ پڻ طلب ڪئي آهي.