آمريڪي صدارتي چونڊون: جوبائيڊن کي ٽرمپ تي سرسي
جو بائيڊن کي 238 اليڪٽورل ووٽس سان سرسي، ڊونلڊ ٽرمپ 213 ووٽ حاصل ڪري سگهيو
واشنگٽن دُنيا جي سُپر پاور ملڪ آمريڪا جو نئون صدر ڪير ٿيندو؟ ريپبلڪن اُميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيمو ڪريٽس اُميدوار جو بائيڊن ۾ چوٽي جو مقابلو، آمريڪي صدارتي چونڊن لاءِ پولنگ کانپوءِ حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري، اُميدوارن کي صدر جو عهدو ماڻڻ لاءِ 270 اليڪٽورل ووٽ گهربل، جو بائيڊن کي 238 اليڪٽورل ووٽن سان سرسي، ڊونلڊ ٽرمپ 213 ووٽ حاصل ڪري سگهيو، جو بائيڊن آخري فيصلا اچڻ دوران خطاب ڪندي چيو آهي ته منهنجا حامي يقين رکن، ڪاميابي جي دڳ تي هلي رهيا آهيون، گهڻين رياستن ۾ ووٽ جا نتيجا اُميدن کان وڌيڪ بهتر قرار، ٽرمپ طرفان ڊيمو ڪريٽس تي ووٽ چوري جو الزام، پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ ٽرمپ چيو آهي ته ڊيمو ڪريٽس جي ووٽ چوري ڪرڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائينداسين.

