خاص

ڪشمور واقعي جي جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي: مرتضيٰ وهاب

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪشمور واقعي جي جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪشمور ۾ هڪ شرمناڪ واقعو ٿيو آهي، پوليس ڏوهارين کي گرفتار ڪيو آهي. انهن جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ ڪو به وحشي معصوم ٻارن کي وحشت جو نشانو نه بڻائي سگهي. هن چيو ته 22 ڪروڙ عوام جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي، عام ماڻهو مهانگائي ۾ دٻجي ويو آهي، گذريل ٻن سالن ۾ مهانگائي جي طوفان عام ماڻهو کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت ٽوئيٽر تي ته آهي، پر عملي طور ڪجهه به ناهي. سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان جي عوام بلاول ڀٽو زرداري کي بهتر ريسپانس ڏنو آهي، وزيراعظم ۽ وفاقي وزير پڻ اتي ويا، پر انهن کي سٺو ريسپانس نه مليو. لڳي ٿو ته تير 15 نومبر تي کٽي ويندو. مرتضيٰ وهاب چيو ته پ پ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿي، آدمشماري جو مسئلو پيپلز پارٽي اٿاريو ۽ بلاول ڀٽو زرداري آواز بلند ڪيو، اسان سنڌ حڪومت ۾ هوندي ٻين صوبن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون.