مها راڻي گياتري قسط-3
الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”
قسط-3
مها راڻي گياتري
الطاف شيخ
گياتري ديويءَ جو پيءُ جيتندرا نارائڻ ۽ ڏاڏو نريپيندرا نارائڻ انڊيا جا اهم راجا مڃيا وڃن ٿا ۽ آئون به هنن کي ان ڳالهه ۾ قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو ته هنن کي پنهنجي عوام جو ڪافي خيال هوندو هو خاص ڪري تعليم جي معاملي ۾. هونئن ته راجائن، نوابن ۽ بادشاهن جا جتي ڪٿي ڪم ڀڏا هئا. رنون، شراب، عوام کان بي خبر رهڻ سندن خاص مشغلا هئا، پر انهن ۾ ڪي ڪي اهڙا هئا جن غريب عوام جو خيال به رکيو ٿي. ويندي انگريزن جي راڄ ۾ به ڪيترن نوابن ساڻن بحث مباحثا ڪري، پنهنجي رياست ۾ پنهنجن ماڻهن لاءِ تعليم، صحت، سفر جون سهولتون مهيا ڪيون ٿي. ان معاملي ۾ بڙودا (گجرات) جا راجا گياتري ديويءَ جا ناناڻا ۽ جئپور جا مها راجا گياتريءَ جا ساهرا به گهٽ نه هئا، مرد ته مرد پر ويندي گياتري، ان جي ڀيڻ ايلا ديوي (جنهن جون پوٽيون بالي ووڊ جون مشهور اداڪارائون: رائماسين ۽ رياسين آهن)، پڦيون، ماءُ، نڻانون سڀ اعليٰ تعليم يافته هيون جيڪو ٽرينڊ اسان وٽ سنڌ ۾ شروع کان نه هو. سنڌ مدرسو يا ان کان اڳ ۾ ٺهيل سنڌ جا مدرسا به حسن علي آفندي يا اين جي وي اسڪول يا سکر جو مکي ديوانداس ديمبلا اسڪول عام سنڌي ماڻهن ٺهرايا ۽ قائم ڪيا. ڪنهن سنڌ جي حاڪم اهڙو ڪم نه ڪيو… خاص ڪري تعليم کي وڌائڻ جو. اڄ به اسان جي ماڻهن جو پٺتي هجڻ جو وڏو سبب تعليم جي کوٽ آهي. جتي عمران خان يا شهباز شريف جهڙا پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ سٺا تعليمي درسگاهه ٺاهي رهيا آهن ۽ عوام کي تعليم جون سهولتون مهيا ڪري رهيا آهن. اتي اسان وٽ سنڌ ۾ خاص ڪري بهترين ناهي، جيڪا اڄ جي مقابلي ۾ هجڻ گهرجي.

گياتري ديوي جي پڙ ڏاڏي نريندرا نارائڻ جي 1863ع ۾ وفات بعد گياتري جو ڏاڏو نرپيندرا ڪوچ بهار جو راجا بڻيو. ان وقت هن جي عمر فقط ڏهه مهينا هئي، ان ڪري رياست جو ڪاروبار هلائڻ جو نظام انگريز گورنر جنرل ڪمشنر حوالي ڪيو. جنهن نرپيندرا جي سار سنڀال سان گڏ تعليم جو به خيال رکيو. هن بنيادي تعليم بنارس جي Words Institute مان حاصل ڪئي، ان بعد بانڪيپور ڪاليج، پٽنام ۾ داخلا ورتي. گريجوئيشن بعد ڪلڪتي جي پريزيڊنسي ڪاليج مان قانون (Law) پڙهيو. شاديءَ بعد وڌيڪ تعليم لاءِ هو انگلينڊ روانو ٿيو. هن جي شادي ڪنهن ٻي رياست جي راجا جي ڌيءَ سان ٿيڻ بدران سندس ئي رياست جي هڪ بنگالي هندو فلاسفر ڪيشوب چندرا سنگهه جي ڌيءَ سنيتي (Suniti) ديويءَ سان ٿي. انهن ڏينهن ۾ بنگال ۾ غلام رکڻ عام هو. هن 1884ع ۾ قانون پاس ڪري غلام رکڻ تي بندش وڌي. پنهنجي رياست جي ٻارن جي اعليٰ تعليم لاءِ هن 1888ع ۾ وڪٽوريا ڪاليج (جيڪو اڄڪلهه “ A.B.N. Seal ڪاليج” سڏجي ٿو) کوليو. ان کان علاوه پنهنجي راڻي سنيتي ديوي نالي 1881ع ۾ سنيتي ڪاليج کوليو هو، جيڪو بعد ۾ “سنيتي اڪيڊمي” جي نالي سان مشهور ٿيو. ڪلڪتي جو انڊيا ڪلب هن مها راجا (1881ع ۾) ٺهرايو ۽ سلهه جي مريضن لاءِ دارجلنگ ۾ جيڪو سينيٽوريم آهي ان جي زمين پڻ هن ڏني. ان کان علاوه غريبن کي مفت کاڌو کارائڻ لاءِ هن پنهنجي شهر “ڪوچ بهار” ۾ 1889ع ۾ آنند مايي نالي ڌرمشالا ٺهرايو ۽ پنهنجي پيءُ نالي “نريندرا نارائڻ پارڪ” 1892ع ۾ ٺهرايو. اڳتي هلي جڏهن مها راجا جيتندرا (گياتري جو پيءُ) 1913ع ۾ تخت تي ويٺو ته هن پهريون ڪم پنهنجي پيءُ نالي هاءِ اسڪول ٺهرائڻ جو ڪيو، جيڪو 1916ع ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ “نريپيندرا ميموريل هاءِ اسڪول” جي نالي سان مشهور آهي.
مها راجا جيتندرا (گياتري جو پيءُ) “ڀوپ بهادر” ۽ “مها راج ڪمار وڪٽر” به سڏبو هو. انگريزن جي نالن مان لڳي ٿو ته ان وقت اسان جو عام ماڻهو ته ڇا، پر ان وقت جا راجا، نواب به متاثر هئا جو هندو، سک، مسلمان هجڻ جي باوجود پنهنجي پنهنجي اصلي نالي سان انگريزن جو به نالو لڳائيندا هئا جيئن گياتري جي پيءُ مها راجا جيتندرا پاڻ کي Victor سڏايو ٿي يا ته هتي وڪٽر سان سندس مطلب “فاتح” سان هجي، جيتوڻيڪ پاڻ ڪا اهڙي جنگ نه ڪيائين نه کٽيائين. البته فلم ائڪٽريس شرميلا ٽئگور جي مڙس نواب آف پٽوڊي وانگر ڪرڪيٽ جو بهترين رانديگر هو. ايئن ته اسان جو هڪ مير حاڪم پاڻ کي “جارج” پڻ سڏرائيندو هو.

گياتري جي ماءُ اندرا ديوي به ڪا عام عورت نه هئي، نوابي رياست بڙودا جي شهزادي هئي. اندرا ديوي جنهن جو ڄمڻ وقت “اندرا راجيه” نالو رکيو ويو هو، بڙودا جي مها راجا “ساياجي رائو گائيڪواد سوم” ۽ مها راڻي “چمنا ٻائيءَ” جي اڪيلي ڌيءَ هئي. اندرا ديوي 1892ع ۾ ڄائي هئي. انڊيا جي نوابي رياستن جي شهزادين جي گهڻو ڪري نوابن جي ٻارن سان ئي شاديون ٿيون ٿي. شهزادي اندرا بڙودا جي تاريخي محل “لڪشمي ولاز” ۾ پنهنجن ڀائرن سان گڏ پلي نپني ۽ نندي هوندي کان هوءَ گواليار نوابي رياست جي مها راجا ماڌو راءِ سنڌيا (Scindia) جي نالي ڪئي وئي. هوءَ 1911ع ۾ جڏهن 19 سالن جي ٿي ته هن جي مڱڻي جي رسم ادا ڪئي وئي. ان سال دهلي جي مشهور درٻار جنهن ۾ انگلينڊ کان پهريون دفعو ان وقت جو انگريز بادشاهه جارج پنجون آيو هو ۽ جنهن درٻار ۾ انڊيا جا سڀ راجا، مها راجا، راڻيون، شهزادا ۽ شهزاديون اچي حاضر ٿيون هيون، اتي اندرا جي ملاقات ڪوچ بهار جي مها راجا جيتندرا سان ٿي ۽ هڪٻئي سان اهڙو معاشقو ٿيو جو اڳتي هلي اندرا پنهنجي بي سري مڱيندي (گواليار جي مها راجا ماڌو راءِ) کي ڇڏي ڪوچ بهار جي هن ٺاهوڪي شهزادي جيتندرا سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس گياتري ديوي پيدا ٿي جيڪا اسان جي هن قصي جو مرڪزي ڪردار آهي.
هونئن اسان جي ننڍي کنڊ جي نوابن، راجائن، ولي عهدن ۽ والين جي عشقن، شاهه خرچين، عياشين، ناچ گانن ۽ محلاتي سازشن جا به انيڪ ۽ عجيب قصا آهن، جن کي انگريزن خوب exploit ڪيو آهي. ستر واري ڏهاڪي ۾ عربن وٽ پيٽرول جو پئسو اچڻ بعد دنيا ۾ عربن جي عياشين جون خبرون ٻڌڻ لڳاسين ۽ انهن بابت ڪتاب ڇپجڻ لڳا نه ته ان کان اڳ ۾ Scandals پڙهڻ لاءِ اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ توڙي انگلينڊ ۾، هندستان جي نوابن ۽ راجائن وغيره جي محلاتي زندگي جون اندروني ڳالهيون پڙهيون ويون ٿي. انگريز حاڪم به وڏا هوشيار هئا هنن عوام ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ نوابي يا راجائي حساب ڪتاب قائم رکيو ۽ انگريزن جتي انڊيا جي نوابن ۽ راجائن کي عياشيءَ جي کلي آزادي ڏئي ڇڏي، اتي هنن جاسوس عورتن ۽ مردن ذريعي انهن راجائن جي ڪڌن ڪمن: شراب، زنا، جوا، هم جنسي کان شاهه خرچين ۽ گهمڻ ڦرڻ تي پڻ نظر رکي ٿي، جنهن بابت پوءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا. انگريزن جي ان هوشياري بابت ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته جهانگير مغل بادشاهه جي ڏينهن ۾ جيڪي پهريان انگريز آيا، انهن به ظاهري طرح دوستي جو ڍونگ رچائي مغل درٻار جي اندروني حويلين جو احوال معلوم ڪري ڇڏيو، جيڪو پوءِ انگلينڊ ۾ ڇپبو رهيو ته جيئن دنيا کي خاص ڪري سندن انگريزن کي خبر پوي ته انڊيا جي انهن ظاهري سلطنتن پٺيان اندروني ڪمزوريون ڪهڙيون آهن. …(هلندڙ)…

