ٿي سگهي ٿو هيءَ ڪهاڻي توهان جي سوچَ بدلائي قسط-2
الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”
قسط-2
ٿي سگهي ٿو هيءَ ڪهاڻي توهان جي سوچَ بدلائي
الطاف شيخ
سانگهڙ جي انٽر پاس ڇوڪري کي جڏهن چيم ته ڪو هنر کڻي سک ته هو ناراض ٿي پيو جيتوڻيڪ ولايت ۾ رهي آئون ڏسي رهيو آهيان ته سرڪاري نوڪريون ڪندڙن کان ان ملڪ جا واڍا، رازا، درزي، اليڪٽريشن، پلمبر وغيره وڌيڪَ خوشحال آهن ۽ هنن کي ڪو احساس ڪمتري نٿو رهي پر اسان وٽ خاص ڪري سنڌ ۾ شايد ڪجهه ماحول اهڙو آهي جو ماڻهو ان کي پنهنجي گهٽتائي ٿا سمجھن.
هِتي آئون پنهنجو مثال به لکڻ ضروري سمجھان ٿو. مونکي جڏهن فرسٽ ييئر ۾ اونهاري جي ٻه مهينا موڪل ملي ته مُنهنجي پيءُ جيڪو ان وقت حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو مونکي ۽ منهنجي ننڍي ڀاءَ کي گاڏي کاتي ۾ مستري محمد اسماعيل چانڊيو وٽ ان جي گئريج ۾ وٺي آيو ته هنن کي ڪم سيکار.

چاچي اسماعيل سان اسان جي مائٽي به هُئي جو هن جي سڳي ماسي ’چاچي حاتل‘منهنجي ڏاڏي جي ڪزن محمد صادق جي زال هُئي. انهن کي (يعني چاچا محمد صادق ۽ سندس زال چاچي حاتل کي) به مون هالا ۽ حيدرآباد ۾ ڏٺو هو ۽ ان وقت به هو جيئرا هئا ۽ گاڏي کاتي ۾ هن گئريج جي سامهون گهر هين. اها گئريج اڄ به موجود آهي جيڪا چاچا اسماعيل بلوچ جو پٽ خان هلائي ٿو. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چاچا اسماعيل هڪ اعليٰ قسم جو قابل مستري هو جنهن جو ۽ سندس وڏي پٽ علي احمد ”بُلا“ جيڪو اسانجو همعمر آهي، جو ذڪر پروفيسر قاضي خادم پڻ پنهنجي ساروڻين جي ڪِتاب ”ڳالهڙيون کٽيون نه آهن“ ۾ ڪيو آهي. ٻين وانگر مُنهنجو پيءُ به هن جي ڪم ۽ قابليت مان متاثر هو ۽ چاهيو ٿي ته اسين موڪل جا ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن ضايع ڪرڻ بدران ڪجهه هنر سکي وٺون يا گهٽ ۾ گهٽ ان ۾ دلچسپي وٺي سگهون. اسان لاءِ بابا جون اهي ڳالهيون حيرت جهڙيون نه هيون جو ننڍي هوندي کان اسان اهي هن کان ٻڌندا رهيا هئاسين … خاص ڪري جڏهن کان هو آمريڪا مان M.Scڪري آيا هئا ته وقت کان جڏهن آئون اڃان پهرين انگريزي يعني پنجين ڪلاس ۾ هوس ته هن اسان کي آمريڪا جي وڏن ماڻهن فورڊ ۽ راڪ فيلر جهڙن جون ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪيون هيون ته هو هيڏا امير ۽ ناليوارا هجڻ جي باوجود پنهنجن ٻارن ۾ پورهئي ڪرڻ جي عادت وجھن ٿا. ايتريقدر جو 1955ع ۾ منهنجي پيءُ ڪار ورتي ته اسان سمجھيو ته ڳوٺ ۾ ان وقت موجود ٻن يا ٽن ڪارن جي پيرن سيدن مالڪن وانگر اسانجو پيءُ به ان ڪار جي سارَ سنڀالَ لاءِ هڪ عدد نوڪر ۽ هلائڻ لاءِ هڪ ڊرائيور رکندو پر پوءِ ڪار اچڻ تي اسان ڏٺو ته ان کي منهنجو پيءُ پاڻ هلائڻ لڳو ۽ هلائڻ کان اڳ اسان پٽن کي شامل ڪري ان کي ڪپڙي سان ڇنڍي ۽ آلي ڪپڙي سان صاف ڪندو هو ۽ اسان کي سمجھائيندو هو ته جيتري قدر ٿي سگهي هر انسان کي پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ کپي. سو حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۾ ان وقت موجود هن واحد گئراج جي ٻاهران روڊ تي اس ۽ گرمي ۾ مسترين سان گڏ هيلپر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي اسان کي ته ڪا پريشاني نٿي ٿي جو چاچي اسماعيل جو اسان جيڏو پٽ علي احمد به ڪم سِکي رهيو هو جنهن سان پاڙي جي ٻين ٻارن خالد هاشماڻي (پيٽارين، هاڻ آمريڪا ۾ رهي ٿو، رٽائرڊ انڪم ٽئڪس ڪمشنر اقبال جماڻي، جهانگير صديقي (JSبئنڪ وارو)، مقصود مغل (ڊپٽي سيڪريٽري، رشيده حجاب جو ڀاءُ)، سان شام جو اڄ واري حيدر چوڪ وٽ ونجهوٽي راند به کيڏندا هئاسين ۽ اتي ئي منهنجي ناني سيٺ محمد حسن سومري (زميندار هوٽل جي مالڪ)، ان جي ڀاءُ چاچا لالا (فاران هوٽل جي مالڪ) ۽ اسانجي نانيءَ جي ڀاءُ ماما عبدالرحمان مغل (جسٽس حامد علي مزار جو والد ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نذير مغل (نذرو) جي چاچي) جا گهر هئا. پر اسان کي تيل ۽ گريزهاڻن هٿن ۽ ڪپڙن ۾ رستي تي گاڏين هيٺان ليٽي ڪم ڪندو ڏسي اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو هالا ۾ منهنجي ڏاڏيءَ سان ڳالهه ڪندا هئا ته هڪ اها ٻي حيدرآباد ۾ رهندڙ منهنجي ناني سخت اعتراض ڪندي هئي ۽ مونکي سمجھائيندي هئي ته ”هيءَ ڪهڙي فضيلت آهي….. پيءُ ڊپٽي ڪمشنر ۽ هيڏو وڏو زميندار آهي (ياد رهي ته منهنجي ڏاڏي کي منهنجو پيءُ اڪيلو پٽ هجڻ ڪري سڀ زمين هن کي ورثي ۾ ملي) ۽ نانو هيڏو سيٺ! توکي گهڻي کان گهڻو پڙهڻ کپي. هي مسترين وارا ڪم نه ڪرڻ کپن.“

منهنجو پيءُ ٽي چوٿين ڏينهن منهنجي منهن تي بيزاري يا انهن ڳالهين جو ٿيندڙ اثر محسوس ڪري سمجھائيندو هو ته پٽ پڙهڻ پنهنجي جاءِ تي آهي هنر پنهنجي جاءِ تي ۽ اڄ ڪلهه سڄي دنيا ۾ موٽر ڪارن جو تعداد ايترو ته تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي جو ڏهن سالن بعد 1970ع ڌاري ڏسجانءِ ته آٽو مڪينڪ سکڻ وارن جو وڏو مانُ هوندو. هر وڏي ماڻهو وٽ ڪار هوندي ۽ اها خراب به ٿيندي رهندي ۽ جي تو ههڙي گئريج کولي ته اهي سڀ نام نهاد وڏا ماڻهو تنهنجا محتاج رهندا….. پر جي ٻي ڪا نوڪري ڪئي ته به پنهنجي ڪار ته confidence سان هلائيندو رهندين ۽ ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍڻي پوندئي. حق جي ڳالهه ڪبي ته گاڏي کاتي کان ٿورو اڳتي صدر جي علائقي ۾ رهندڙ منهنجي ناني جي وڏي ڀيڻ پڦو غلام فاطمه بروهي (مشهور مزاحيه ليکڪ حليم بروهي جي ماءُ) مونکي هميشه شاباس ڏيندي رهي ٿي ۽ چوندي هئي ته وس پڄي ته نعيم (حليم جو ننڍو ڀاءُ منهنجو هم عمر) کي به موڪلن ۾ ڪجهه هنر سيکاريان.
بهرحال فرسٽ ييئر ۽ انٽر ڪلاس دوران اونهاري جي موڪلن ۾ گاڏي کاتي ۾ موٽر ڪارن جي گئريج ۾ ڪم ڪندي ڪڏهن مزو آيو ٿي ته ڪڏهن دل چوندي هئي ته ٻين ڪلاس ميٽن وانگر وئڪيشن جا ڏينهن ننڊون ڪندي گذارجن ۽ ڪڏهن بابي تي حيرت ٿيندي هئي ته هن اسان کي ڪم سان لڳائي سندن ۽ منهنجي بي عزتي ڪرائي رهيو آهي. پر سچ پڇو ته اڄ مونکي صحيح معنيٰ ۾ حيرت ٿي ٿئي ته منهنجو پيءُ ڪيڏو ڏاهو، Visionary۽ بولڊ هو جنهن ڳوٺ ۽ مائٽن جي ٽوڪ طعنن جي پرواهه نه ڪندي اهو ڪم ٿي ڪيو جيڪو هن کي صحيح لڳو ٿي ۽ هن هٿ جي پورهئي ۽ حق حلال جي روزيءَ ۾ يقين رکيو ٿي. هن اسان کي هر وقت اهو سبق ڏنو ٿي ته جڏهن اسان شاگرد آهيون ته شاگرد ئي رهون ۽ دماغ ۾ اها ڳالهه رکي ته اسانجو پيءُ ڊپٽي ڪمشنر يا پڪي جو زميندار آهي، ٽيڙي ۽ ٽانءَ ۾ نه اچون. هالا کان حيدرآباد يا پيٽارو کان موڪل ٿيڻ تي منهنجا ڪجهه ڪلاس ميٽ پنهنجي ڪار گهرائيندا هئا ۽ مون به چاهيو ٿي ته آئون به ٻين ته لئه رکان پر بابا مونکي هر وقت اهو سمجھائيندو هو ته ٻين عام شاگردن وانگر بس ۾ سفر ڪر. هن جي ان پٺيان اها ئي سوچَ هُئي جيڪا اڄ جي مائٽ کي به دل سان هنڊائڻ کپي ته ائين ڪرڻ سان منهنجا دوست خوشامدي ٿيندا. هو چوندو هو ته جيتوڻيڪ پنهنجي ۽ سرڪاري گاڏي بيٺي آهي پر هو مونکي هن ڪچي عمر ۾ اها منهنجي حوالي ان ڪري نه ڪندو جو پوءِ پڙهڻ ۽ پاڙهو دوستن سان واسطو رکڻ بدران رول ڇوڪرن جي سنگت ۾ اچي ويندس ۽ ٿي سگهي ٿو ڪو لوفر دوست مونکان اهو بهانو ڪري ڪار اڌاري وٺي وڃي ته هو پنهنجي بيمار ماءُ کي اسپتال وٺي ٿو وڃي….. ان بدران هو ڪنهن گرل فرينڊ کي وٺي وڃي ڪرائيم ڪري يا حادثو ڪري وجھي ته بدنامي اسان جي ٿيندي.

سچي ڳالهه اها آهي ته انهن ڏينهن ۾ بابا جون اهي ڳالهيون پسند نه اينديون هيون ۽ هر وقت ماءُ سان شڪايت ڪندو رهندو هوس پر اڄ ٿو سوچيان ۽ ڏسان ته ڪيئن اسان جي اميرن، وڏيرن، ڪامورن جا ٻار پيءُ جو گاڏيون ۽ گارڊ کڻي وتن ڏوهن جا ڪم ڪندا. ويجهڙائيءَ ۾ هڪ منهنجي پيٽارو جي ساٿي جو پٽ اسڪول جي ڏينهن ۾ گاڏي سندس هٿن ۾ هجڻ ڪري ٻين دوستن سان گڏ هڪ ڇوڪريءَ جي قتل جي ڪيس ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ ڇهه ست سالن کان ڇوڪرو هڪ طرف جيل ۾ آهي ته مائٽ ٻي طرف پريشان. هنن ڇا خواب ڏٺا هوندا ته سندن اڪيلو پٽ پڙهي ڳڙهي نالو پيدا ڪندو پر هن کي لاڏلو ۽ ڇڙواڳ رکڻ ڪري هو سندن بدنامي جو سبب بڻجي پيو آهي. ۽ اڄ هرڪو ڇوڪري کي نه پر هن جي والدين تي ڏوهه ٿو هڻي ته هنن هن کي ايتري آزادي ڇو ڏني جو هن ٻين لوفر دوستن سان گڏجي پرائي نياڻيءَ کي ڌتاري نه فقط برو فعل ڪيو پر ثبوت ڊاهڻ لاءِ هن ٻين لوفر دوستن سان گڏجي پرائي نياڻيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو.
جيستائين Dignity of labour(هٿ جي پورهئي کي عزت) جي نِگاهه سان ڏسڻ جي ڳالهه آهي ته ان ۾ اسانجو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس به پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن هڪ دفعو سڄي ڪاليج ۽ هاسٽل کي اسان ڪئڊٽن کان رنگ ڪرايو. هر آچر تي ٽي ٽي ڪلاڪ اسان کان پوچي ڏياري ٿي ۽ رنگ وارن لاءِ مقرر پئسو اسان کي ورهائي ڏنائين. مونکي ياد آهي ته ان وقت جي هڪ نائين ڪلاس جي شاگرد (يعني مون کان ٻه سالَ جونئر) جنهن جو والد پنهنجي تر جو وڏيرو، جاگيردار ۽ سياستدان هو ان اعتراض ڪيو پر اسان واري پرنسپال کيس مطمئن ڪري ڇڏيو ته ائين ڪرڻ سان ٻار کي مزور ۽ پورهيت جو قدر رهي ٿو ۽ هو زندگي ۾ پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ ۾ عيب نه سمجھندو. هو ڇوڪرو جيڪو هينئر 67 سالن جو آهي اڄ ڪلهه پاڻ به هڪ سياسي شخصيت آهي ۽ ٻه دفعا ملڪ جو فيڊرل وزير به رهي چڪو آهي. فقط ٻه ڏينهن اڳ هن وٽ ويس. جلدي ۾ هوس. سندس بورچي مارڪيٽ ۾ سودي لاءِ ويل هو. پاڻ اٿي مون لاءِ چانهه ٺاهيائين ۽ اتي ئي ڪچن ۾ بيهي چانهه پيتيسن ته هو ٿانوَ ڌوئڻ لڳو. چيومانس اهو ڪم ته نه ڪر ته ٽهڪ ڏئي چيائين ”جڏهن ڪمرن ۽ ڪاڪوسن جي ڀتين کي کرڙي پوچيون ڪري سگهون ٿا ته ٻه ڪوپ ڌوئڻ ۾ ڪهڙي بي عزتي.“
منهنجي خيال ۾ ڪرنل ڪومبس جي اها سوچ بلڪل مقصد رکي ٿي. والدين کي کپي ته هو کڻي ڪيڏو به پئسي وارا هجن پر ٻارن کي گهَرَ جي ڪمن ۾ پڻ لڳائين. مون ڏٺو آهي ته اهڙا ٻار جڏهن ولايت ۾ پڙهائي يا نوڪري لاءِ اڪيلا رهن ٿا ته هنن کي ننڍن مسئلن جو ڪو فڪر نٿو رهي. هو پاڻ ئي همت سان ۽ وڏي اعتماد سان انهن کي منهن ڏيو وڃن.
انٽر بعد مونکي حيدرآباد جي گئريج ۾ ڪم نه ڪرڻو پيو جو مئرين انجنيئرنگ لاءِ آئون چونڊجي ويس ۽ مونکي پاڪستان جو پاڻ وارو حصو يعني مغربي پاڪستان ڇڏي انڊيا جي ٻئي پاسي واري پاڪستان جي حصي مشرقي پاڪستان وڃڻو پيو جيڪو هاڻ بنگلاديش سڏجي ٿو. اتي جي چٽگانگ شهر ۾ جِتي ڪرناڦلي ندي خليج بنگال ۾ ڇوڙ ڪري ٿي اُتي جُلديا نالي هڪ ٻيٽ تي ”پاڪستان مئرين اڪيڊمي“ هئي (جيڪا هاڻ ”بنگلاديش ميريٽائيم اڪيڊمي“ سڏجي ٿي). هِتي پهچي جِتي مونکي گئريج ۾ ڪم کان ڇوٽڪارو ملڻ جي خوشي ٿي اُتي مونکي جلدي ئي ان ڳالهه جي خوشي پڻ ٿي ته مونکي پنهنجي پيءُ گئريج جو ڪم سيکاري منهنجي لاءِ وڏي سهوليت پيدا ڪري ڇڏي. ڇا ٿي ٿيو جو سڄو هفتو ڪلاس روم ۾ جهازن جي انجڻين بابت (مئرين انجنيئرنگ جا سبجيڪٽ) پڙهندا هئاسين پر پرئڪٽيڪل لاءِ يعني انهن انجڻين ۽ مشينن جي اندرن پرزن کي ڏسڻ ۽ سمجھڻ لاءِ مهيني جي آخري ڇنڇر تي چٽگانگ جي بندرگاهه ۾ بيٺل مختلف ملڪن جي جهازن تي ويندا هئاسين. ڪلاس روم توڙي جهازن جي انجڻ روم ۾ جِتي منهنجا ڪلاس ميٽ مونجھاري جو شڪار رهندا هئا اتي انجڻين جي مختلف حصن سڃاڻڻ ۽ سمجھڻ جي معاملي ۾ منهنجو ذهن کليل رهيو ٿي جو آٽو ورڪشاپ (گئريج) ۾ ڪم ڪرڻ ڪري پسٽن، سلينڊر، ڪئم شافٽ ۽ ڪرئنڪ شافٽ کان ٽئپٽ ڪليئرنس، فيول پمپ ٽائمنگ وغيره کان آئون واقف هوس. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪار جي انجڻ ننڍي ٿي ٿئي جنهن جي سلينڊر ۾ مُٺ به مشڪل سان وڃي سگهي ٿي. جهاز جي انجڻ جو سلينڊر وڏو ٿو ٿئي جنهن جي اندر ڏاڪڻ رکي ٻه ماڻهو هڪ ئي وقت آرام سان گهڙي مقرر گيج سان ان جي ٿيل گسائي (wear) جي ماپَ وٺي سگهن ٿا. انهي فائدي ڪري ڪلاس روم ۾ به مونکي هر ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ٿي. انهي leadڪري پنجن سالن بعد جڏهن بين الاقوامي امتحان M.O.T پارٽ ون ٿيو ته پهرين attempt۾ فقط آئون پاس ٿيس. هي امتحان دنيا جي هر ملڪ ۾ ڪٿي مهيني ۾ هڪ دفعو ڪٿي مهيني ۾ ٻه دفعا ٿين ٿا ۽ ان کي پاس ڪرڻ ايترو آسان نه هوندو آهي. بهرحال هِتي هن عمر ۾ پهچي هي سڀ ڪجهه پنهنجي تعريف لاءِ نه لکي رهيو آهيان پر هتي اڄ جي والدين ۽ اڄ جي نوجوان جي رهنمائي لاءِ لکي رهيو آهيان ته ڪي ڪي ڳالهيون جيڪي في الحال اسان کي عجيب لڳن ٿيون اهي اڳتي هلي فائدو ڏين ٿيون. ان معاملي ۾ مونکي پنهنجي پيءُ تي حيرت ٿي ٿئي ته هو زميندار ۽ سرڪاري ڪامورو هجڻ جي باوجود حقيقت پسندي کان ڪم وٺي اسان کي ڪوڙي شان ۽ ٽيڙي جي عادت وجھڻ بدران ڪم، هٿ جي پورهئي ۽ محنت جي عادت وڌي. پنهنجي والد جي ان سلسلي ۾ هڪ ٻه ٻيون به ڳالهيون لکندو هلان جيڪي ٿي سگهي ٿو ڪجهه شاگردن ۽ والدين کي بهتر لڳن ۽ هو ان مان Guide lineحاصل ڪري سگهن:
مئٽرڪ ۾ هوس ته هالا ۾ جمعي ٽِيڪي نالي هوٽل جي مالڪ جي پٽ ٽائپنگ اسڪول کوليو. منهنجي پيءُ مون کي ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپ سکڻ لاءِ موڪليو. ان جو فائدو به مونکي ان وقت نه ٿيو پر پوءِ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، سئيڊن ۾ جڏهن پهتس ته مونکي پنهنجي ٿيسز لکڻ ۾ سهوليت ٿي ۽ جن شاگردن کي ٽائيپنگ نٿي آئي انهن کي پنڌرهن ڏينهن کن شامَ جو ٽائيپنگ جو ڪورس ڪرڻو پيو. اڄ به آئون ٽائيپنگ وقت ڏهه ئي آڱريون استعمال ڪريان ٿو. بهرحال ان جو وڏو فائدو مونکي ان وقت ٿيو جڏهن جهاز جو چيف انجيئر ٿيس. جهاز بابت confidentialرپورٽون ۽ خط جيڪي هيڊ آفيس يا شپ يارڊ ۽ انشورنس ڪمپنين کي موڪلڻيون پيون ٿي ان لاءِ مونکي ٻئي جي ڪاڻ ڪڍڻي نٿي پئي پاڻ ئي ٽائيپ ڪري ٽپال ذريعي، بعد ۾ ڪمپيوٽر ۽ نيٽ ذريعي موڪليندو رهيس ٿي.
گرجوئيشن بعد مونکي ٿورو ٿورو شوق ٿيو ته CSSجو امتحان ڏئي سرڪاري ڪامورو ٿجي پر مُنهنجي پيءُ مونکي دليلن سان سمجھايو ته ان کان بهتر آهي ته انجنيئر، ڊاڪٽر ٿجي يا ڪو ٽيڪنيڪل ورڪشاپ کولجي. اڃان اسڪول ۾ هوس يعني هي گذريل صدي جي پنجاهه واري ڏهي جي ڳالهه آهي ته بابو اسان ڀائرن کي ان ڳالهه تي ڌيان ڇڪائيندو هو ته هالا ڳوٺ ۾ ڪو ويلڊنگ شاپ کولجي جنهن ۾ هر قسم جي ويلڊنگ ۽ گئس ڪٽنگ جو ڪم ڪري سگهجي. هي اهو وقت هو جڏهن اسانجي ڳوٺ ۾ فقط ٻه لوهار هئا پر بابا جي اها سوچَ هئي ته زمانو جنهن رفتار سان ٽيڪنيڪل ٿي رهيو آهي ان ۾ هنن شين جي وڏي ڊمانڊ رهندي. دراصل مونکي لڳي ٿو ته منهنجي پيءُ جي ٻين مائٽن ۽ ڳوٺائين کان مختلف وسچ ان ڪري به هئي جو پڙهائي دوران هنن جو وڏو عرصو پوني انڊيا ۽ نيويارڪ (آمريڪا) ۾ گذريو جِتي هن غور سان جائزو ورتو ته ايندڙ دور يا زماني جي ڇا بيهڪ رهندي ۽ تعليم سان گڏ هنر جي پڻ اتي رهي اهميت سمجھي. اسان کي ٿورو به ٽانءِ يا فخر ۾ ڏسندو هو ته راڪ فيلر جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته هو ايڏو امير آهي جو سواريءَ لاءِ ڪارون ته ڇا هن کي پنهنجو هوائي جهاز آهي پر هن جا ٻار پنڌ اسڪول وڃن ٿا.
ويلڊنگ لاءِ پاڻ وڏو شاپ، مشينون (Plants)۽ ماڻهو رکي ٿي ڏنائين پر مونتي اهو شرط وڌائين ته پهرين آئون ڇهه مهينا کن هر قسم جي ويلڊنگ سکي ايڪسپرٽ ٿيان پوءِ ڀلي ڪم ڪرڻ بدران مئنيجمينٽ سنڀاليان ۽ ڪم ڪاريگرن کان وٺان. مونکي به ٿورو گهڻو شوق ٿيو پر جيئن ته منهنجي مئرين انجنيئرنگ لاءِ چونڊ ٿي وئي ۽ آئون پهريون سنڌي هوس جو چٽگانگ هن اڪيڊمي لاءِ وڃي رهيو هوس ان ڪري منهنجو پيءُ به راضي ٿي ويو. جيتوڻيڪ پاڙي جي ڪجهه پوڙهين اسان جي ڏاڏيءَ جا ڪن اچي ڀريا ته هن کي ننڍي عمر ۾ ايڏو پري ڇو ٿا موڪليوس جڏهن ڄامشورو جي مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ به چونڊجي ويو آهي پر گهرجي ٻين ڀاتين منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ ماڻهن جي ڳالهين تي نه لڳڻ لاءِ چيو. اهڙن موقعن تي اسان جي ماءُ جي سوٽ ادي رضيه سومرو (مسز ڊاڪٽر غني صديقي) جو اسان جي خاندان ۾ مثال ڏنو ويو ٿي جيڪا منهنجي هم عمر آهي. هوءَ جڏهن اٺن سالن جي هئي ته هن جي پيءُ لالا سومرو (اسانجي ناني جي ڀاءُ) هن کي پڙهڻ لاءِ اڪيلو ڪوهه مري موڪليو هو. حيدرآباد واري فاران هوٽل اڄ ڪلهه رضيه جو ڀاءُ اختر سومرو ۽ ان جو پٽ عبدالله سومرو هلائي ٿو.
جهاز جو چيف انجنيئر ٿيڻ بعد هڪ دفعو ٽوڪيو هوس ته مونکي مهيني کن جي موڪل ملي جيڪا مون جپان ۾ رهي جپان گهمڻ ٿا چاهيو. بابا کي خبر پيئي ته هن مونکي سمجايو ته جپان ۾ ڀلي رهي پئه پر ان دوران بهتر ٿيندو ته ڪجهه پڙهائي به ڪر. اڄ ڪلهه ڪمپيوٽر ۽ آٽوميشن جو دور آهي تون جپان ۾ هجڻ جو فائدو وٺي ان جو ڪو ڪورس ڪري ڇڏ. مونکي به ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ۽ سوچيم ته گهمڻ ته گهڻو ئي ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهندو. سو فئملي کي ڳوٺ موڪلي مون اوساڪا جي ڀرسان ’آيوئي‘ نالي هڪ شهر ۾ تيراساڪي نالي ڪمپني وٽ آٽوميشن جو ڪم سکڻ لاءِ داخلا ورتي. جيئن ئي ڪورس مڪمل ڪري ڪراچي پهتس ته خبر پيئي ته اسانجي جهازران ڪمپنيءَ آٽوميٽڪ جهاز ٺهرائڻ جو ارادو ڪيو آهي جنهن لاءِ هن جپان کي آرڊر ڏنو آهي ۽ هاڻ ان جي تعمير جي ديک ڀال ۽ بعد ۾ ان جهاز کي هلائڻ لاءِ هو چيف انجنيئر جي ڳولا ۾ آهن. منهنجي هن آٽوميشن ڪورس جو ٻڌي مونکي يڪدم ٽوڪيو موڪليو ويو جِتي مالا ڪنڊ نالي هي جهاز ٺهي رهيو هو ۽ مونکي ۽ منهنجي فئملي کي هڪ مهيني بدران ٽي مهينا ٽوڪيو ۾ رهڻ جو موقعو ملي ويو جيسين جهاز IHIشپ يارڊ ۾ ٺهندو رهيو جنهن کي پوءِ چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ مون هلايو ۽ جنهن جهاز جي 30 سالن بعد اسڪريپ ٿيڻ جو احوال هڪ هنڌ ”وري يادن ورايو“ جي عنوان سان لکيو اٿم.
بهرحال منهنجي هن ڊگهي مضمون جي باٽم لائين اها ئي آهي ته والدين کي کپي ته پنهنجي اولاد کي تعليم سان گڏ هنر به سيکارين ۽ اها تلقين ڪن ته هٿ جو پورهيو ڪرڻ ڪو عيب ناهي ۽ نوجوان شاگردن کي کپي ته موڪلون ننڊون يا ڪچهري ڪندي گذارڻ بدران ڪنهن ڪم سکڻ ۾ لڳائين جيڪو زندگي ۾ ڪنهن وقت به فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو. …(پورو ٿيو)…

