خاص

شهيد بينظير ڀٽو جي تيرهين ورسي، مختلف شهرن مان جيالن جا قافلا ڳڙهي خدا بخش پهچڻ جو سلسلو جاري

شهيد بينظير ڀٽو جي 13 هين ورسي جي موقعي تي پيپلز پارٽي طرفان اڄ ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسو ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي مختلف شهرن مان نڪتل پ پ ڪارڪن جا قافلا ڳڙهي خدا بخش پهچڻ جو سلسلو جاري آهي. هن ڀيري بينظير ڀٽو جي ورسي جي جلسي جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن جلسي کي مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز به خطاب ڪندي. مريم نواز وفد سان گڏ گذريل رات نئون ديرو پهتي جتي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي جي ٻين عهديدارن سندس استقبال ڪيو. لاڙڪاڻو ۾ قافلن لاءِ استقبالي ڪئمپون قائم ڪيون ويون، سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام، 20 ايس ايس پيز سوڌو 8 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي شهادت کي 13 سال وهامي ويا، جمهوريت لاءِ جدوجهد ۾ جان قربان ڪندڙ بينظير ڀٽو 2 ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم رهي، شهيد راڻي اسلامي دنيا ۾ پهرين عورت سربراهه جو اعزاز به ماڻيو. شهيد ذوالفقار ڀٽو جي بهادر نياڻي ضياءُ ۽ مشرف جي آمريت جو ڄمي مقابلو ڪيو، شهيد بينظير ڀٽو جي اڄ 13 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، مختلف شهرن ۾ شهيد راڻي کي رت جا ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف جلسي ۾ جي يو آءِ جو وفد مولانا عبدالغفور حيدري جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪندو. مولانا فضل الرحمان جلسي ۾ شرڪت نه ڪندو. پيپلز پارٽي موجب اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به جلسي کي ورچوئل خطاب ڪندو.