سينيٽ جون چونڊون ڪرسين جي خريد ۽ وڪري جي بازار انور قاضي
پارليامينٽ ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اچن ٿا. قومي اسيمبلي ته سڌي ريت چونڊجي ٿي، پر سينيٽ يعني ايوان بالا اڻ سڌيءَ ريت چونڊجي ٿو. صوبن ۾ مساوي سيٽون آهن ۽ وفاق وٽ چار سيٽون آهن (اليڪشن ٻن تي ٿي رهي آهي). صوبن جون سيٽون صوبائي اسيمبلي ۽ اسلام آباد جون قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊين ٿا. 3 مارچ تي سينيٽ جي 48 سيٽن تي چونڊون ٿيڻيون آهن ان ڪري جو 11 مارچ تي اڌ سينيٽ جا ميمبر پنهنجو مدو پورو ڪري رٽائرڊ ٿي رهيا آهن.
اڻ سڌيءَ چونڊ جي ڪري صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جي چاندي ٿيو وڃي ڇو ته يا ته انهن چونڊن ۾ پئسو هلي ٿو يا وري پنهنجي صوبي جي حڪومت کان ناجائز مالي فائدا حاصل ڪيا وڃن ٿا نه ته اهي ميمبر پنهنجي پارٽي کي ووٽ ڏيڻ بدران مخالف ڌر جي پارٽي جي اميدوار کي ووٽ ڪن ٿا. ان جو مثال 2018 جي سينيٽ چونڊن ۾ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ۾ پ پ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي مان پنهنجا ٻه ٻه سينيٽر چونڊرايا. جڏهن ته اتي پ پ جي صوبائي ميمبرن جو گهربل انگ موجود نه هو صرف پئسي جي راند ڪري سيٽون حاصل ڪيون.
پئسي جي ڏيتي ليتي جي اڌ وڊيو پڻ پي ٽي آءِ حڪومت جاري ڪري ڇڏي آهي (پئسا وٺڻ وارا آهن ڏيڻ وارا لڪل) اڪثر ڪري ته پي ٽي آءِ حڪومت show of hand جي ذريعي سينيٽ جي چونڊ ڪرائڻ جو صدارتي قانون پاس ڪيو آهي. جڏهن ته آئين ۾ show of hand جي گنجائش نه آهي. بهرحال ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي پيو، ڏسون ته ڪورٽ سڳوري ڪهڙو فيصلو ٿي ڪري.
پر چيف جسٽس ڪيس جي ٻڌڻي دوران جيڪي ريمارڪس ڏنا آهن چيف اليڪشن ڪمشنر کي مخاطب ٿيندي فرمايو ته اوهان ڪيئن چونڊون شفاف ڪرائي سگهو ٿا. جڏهن ته 2018 اوهان جي سامهون آهي ته اهي پارٽيون جن ۾ ڪجهه صوبن ۾ اڪثريت نه هجڻ جي باوجود سيٽون کڻي ويون اوهان هن وقت تائين ڇا ڪيو؟ اوهان کي ۽ اسان کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته چونڊن ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ اٽارني جنرل صاحب ته فرمايو هنن چونڊن جي ڏي وٺ دبئي ۾ هُنڊي جي ذريعي ٿي رهي آهي ۽ جناب عمران خان صاحب فرمايو ته هڪ سيٽ 70 ڪروڙ ۾ وڪامجي ٿي، شبلي فراز ته سينيٽ ۾ به اهڙو اظهار ڪيو. الله جي پناهه جڏهن سڀني کي معلوم آهي ته چونڊون منڊي بڻجي ويون آهن ته پوءِ ان کي روڪڻ (خريد ۽ فروخت کي) ڪنهن جي اختيار ۾ آهي؟ هن وقت جي چيئرمين سينيٽ سنجراڻي صاحب جي چونڊ ۽ وري ان تي عدم اعتماد جي تحريڪ واضح مثال آهي ته چونڊون ڪهڙي طرح manipulate ڪيون ٿيون وڃن! افسوس جنهن جنهن پارٽي کي جهڙي ضرورت آهي ان پٽاندر فيصلا وٺي پنهنجو مقصد حاصل ڪيو ٿي وڃي. عوام سان ويساهه گهاتي جو ان کان وڌيڪ برو مثال نٿو ملي.
ٿيڻ ته ايئن کپي جو ايوان بالا ۾ اهڙا پڙهيا لکيا قانون ۽ آئين جا ڄاڻون اچن جيڪي ملڪ ۽ قوم جي فائدي لاءِ قانون سازي ڪن، پر سينيٽ جي موجوده ميمبرن تي نظر وجهبي ته مشڪل سان 10 سيڪڙو ميمبر اهڙا آهن جن کي اسان قابل چئي سگهون ٿا، بقايا 90 سيڪڙو جي قابليت، وفاداري ۽ ڪيتري رقم خرچ ڪرڻ جي طاقت رکن ٿا ان جي باري ۾ ڪجهه چئي نٿو سگهجي. سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس دوران جيڪي ڳالهيون سامهون اچن ٿيون ۽ جڏهن اهي دنيا ۾ وڃن ٿيون ته ملڪ جي ڪيتري نه بدنامي ٿئي ٿي ان لاءِ ڪير شرمسار ٿيڻ لاءِ تيار آهي… ڪير به نه؟
جڏهن آئين جو آرٽيڪل 226 واضح طور چئي ٿو ته اليڪشن جو مقصد خفيه راءِ شماري آهي ته جيئن ووٽ ڏيڻ وارو پنهنجي ووٽ جو استعمال آزادنه نموني ڪري سگهي، جڏهن سندس راءِ لڪيل نه رهندي ته نه ان جا مخالف ان کي ڪنهن به نموني پريشان ڪري سگهن ٿا ته پوءِ ايتري صاف ۽ سولي ڪيس کي ايترو پيچيده ڇو ٿو ٺاهيو وڃي. اگر پارٽي کي خاص طور حڪومتي پارٽي کي پنهنجي صوبائي يا قومي اسيمبلي جي ميمبرن تي اعتبار نه آهي ته پوءِ اهڙن ميمبرن کي عام اليڪشن ۾ ٽڪيٽ ڏئي چونڊن ۾ ڪامياب ڇو ٿي ڪرائي؟ شايد ان ڪري جو سڀئي پارٽيون اهڙي ئي پريڪٽس ۾ ملوث آهن جو پئسن سان يا طاقت جي غلط استعمال سان ووٽ وٺن ٿا. ان ڪري پنهنجي ئي چونڊيل ميمبرن تي اعتبار نه آهي. واضح مثال سينيٽ جي چيئرمين خلاف عدم اعتماد جي رٽ آهي، جنهن ۾ اپوزيشن وٽ واضح اڪثريت باوجود رٿ ڪامياب ٿي نه سگهي. جن سينيٽ جي ميمبرن پارٽي جي خلاف ووٽ ڏنو اهي به ظاهر آهن، ايستائين جو ميڊيا کي به خبر آهي، پر بي خبر آهي ته اليڪشن ڪمشنر!
پر ڇو ته ايئن ئي ڪرڻو هو سو ٿي ويو ۽ هاڻي وري پي ٽي آءِ ست ڪوئا کائي ٻلي هلي حج تي وارو مثال پاڻ تي آڻي ٿي ته خفيه راءِ شماري نه ٿئي. سندن ئي پارٽي ميمبرن پئسا ورتا وري اهي اڍائي سال ڪي پي ڪي ۾ وزير به رهيا هاڻي اچي صاحبن کي خبر پئي آهي ته پئسن تي ووٽ وڪرو ٿين ٿا ان جو مطلب ته عدم اعتماد شايد حڪومتي پارٽي پي ٽي آءِ کي آهي جن ووٽ خريد ڪيا.
هي به پهريون دفعو آهي جو حڪومتي پارٽي کي پنهنجن ميمبرن تي اعتماد نٿو نظر اچي ان لاءِ هو چاهين ٿا ته ووٽ show of hand ذريعي ٿئي. جيڪو نظر مشڪل ٿو اچي. هي سٽون لکڻ تائين اڃان ڪيس جو فيصلو نه آيو آهي، پر محسوس ايئن ٿئي ٿو ته سينيٽ چونڊون خفيه راءِ شماري ذريعي ٿينديون. ڇو ته اليڪشن ڪمشنر پڻ سپريم ڪورٽ ۾ چئي رهيو آهي ته آئيني رستو اهو آهي، پر سائين اسان وٽ نظريه ضرورت تحت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، اگر ايئن ٿيو ته افسوسناڪ هوندو.
پي ٽي آءِ يا عمران خان جو پورو زور آهي (هر طرح جو) ته ڪورٽ سڳوري فيصلو show of hand جي حق ۾ ڏئي. ڇو ته ايئن نه ٿيو ته پوءِ زرداري صاحب جي زر جو زور هلي ويندو. پي ٽي آءِ جا پنهنجي پارٽي اندر به اختلاف سامهون اچي ويا آهن. عمران خان جي پشاور جي دوري دوران 14 کان وڌيڪ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر پشاور گڏجاڻي ۾ شريڪ نه ٿيا مٿان وري عامر لياقت جهڙو ايم اين اي جيڪو واضح چئي چڪو آهي ته حفيظ شيخ کي ووٽ نه ڏيندو اها سندس مرضي آهي شايد ان ڪري جو حفيظ شيخ سنڌي آهي ان ڪري هڪ انتها پسند کي ان کي ووٽ ڪرڻ مشڪل آهي. اسان جي سنڌ اسيمبلي جا ميمبر ته تاج حيدر، پلوشه خان، فاروق ايڇ نائيڪ ۽ سليم مانڊي والا کي ووٽ ڏيڻ ۾ ڪوبه اعتراض نٿا ڪن!
محسوس ايئن ٿو ٿئي ته اگر ڪورٽ اوپن ووٽ جو فيصلو نه ڏنو ته پوءِ حفيظ شيخ جو کٽڻ مشڪل آهي ۽ بقول يوسف رضا گيلاني صاحب جي ته “بظاهر اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل آهي.” ڇا سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي هار ڪنهن تبديلي ڏانهن اشارو هوندو يا اسٽيبلشمينٽ جو ڪو خاص پيغام هوندو؟ پي ٽي آءِ لاءِ… اهو ڏسڻو آهي.
باقي سائين اليڪشن ڪميشن جو حال ته N.A-75 تي نظر اچي ويو ويچارن جا 20 پولنگ آفيسر مبينا اغوا ٿي ويا، پر ڪري ڪجهه نه سگهيا. ڇا واقعي اسان وٽ اليڪشن هڪ منڊي آهي؟
***

