بلاگ

پاڪستان جي پراڻي سياسي روش آفتاب لاشاري Sep2020

گذريل ڪالم ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ويو هو ته پاڪستان جي سياسي روش هميشه اها ئي رهي آهي ته سياستدانن عوام کي سياست جو سرچشمو سمجهڻ بجاءِ طاقتور طبقي کي پنهنجو امام بڻايو آهي. اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان ۾ نه ڪا حقيقي جمهوريت نافذ ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن صحيح معنائن ۾ عوامي حڪومت آئي آهي. اليڪشن جي هر دور ۾ مفاد پرست سياستدان پنهنجون سياسي وفاداريون طاقتور طبقن جي اشاري تي تبديل ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن طرف طاقتور طبقو هوندو آهي سياستدان به پنهنجون سياسي وفاداريون ان سياسي پارٽيءَ جي پُڙ ۾ وجهي ڇڏينديون آهن. اڄ به توهان کي پارليامينٽ ۾ اهڙن وزيرن ۽ ميمبرن جي اڪثريت نظر ايندي جن پ پ، مسلم ليگ ن، مسلم ليگ ق ۽ تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهي هوندي اهڙن ئي مفاد پرستن هميشه ڊائريڪٽ مارشل لا کي ڀليڪار ڪئي ۽ نالي ماتر جمهوري حڪومتن ۾ حصيدار بڻجي به رهيا. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر ڏوهاري ڪير آهي؟ اسان يا سياستدان يا طاقتور طبقو؟؟

يقينن ٽئي ڏوهاري آهن، پر اسان ٻين جي غلطين جي سڌاري ڪرڻ بجاءِ پنهنجي اصلاح ڪريون ته وڌيڪ بهتر رهندو. ٻين تي الزام مڙهڻ بجاءِ پنهنجو احتساب ڪريون ته شايد ان مان ڪو لاڀ حاصل ڪري سگهون، اسان ڪڏهن به نظريي ۽ فڪر جي بنياد تي ووٽ نه ڏنو آهي. نه ئي ڪڏهن ڪنهن سياستدان کي پنهنجون وفاداريون تبديل ڪرڻ جي ڪا سزا ڏني آهي آخر ڇو؟؟

ڇو ته جڏهن اسان گڏيل مفاد جي بدران انفرادي مفادن کي نظر هيٺ رکي ووٽ ڏنا، جڏهن اجتماعي نظريي ۽ فڪر بجاءِ ذات ۽ برادريءَ واري نظريي کي اهميت ڏني ۽ لالچ جي کڏ ۾ ڪرياسين. نه رڳو ايترو پر انهن ٻٽاڪون هڻندڙ سياستدانن جي ڳالهين تي نچي نچي انهن مفاد پرستن کي ووٽ به ڏيئي آياسين، انهن کي ووٽ ڏنوسين جيڪي پنهنجون پارٽيون پنهنجي مفاد مطابق تبديل ڪندا رهيا ۽ اسان جي مفادن جو سودو ڪندا رهيا. ساحر لڌيانوي ان موقعي لاءِ لکيو آهي ته:

ڀوڪون ڪو لڙايا جنگون مين،

اور اپني سر پر تاج رکها.

 موجوده حڪومت به ان ساڳئي فارمولي تي تخليق ڪئي وئي آهي، ٻه ٻه ٽي ٽي دفعا پ پ ۽ مسلم ليگ ن کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، جنهن جي ڪري تحريڪ انصاف کي دلفريب نعرا ڏيئي پنجاهه لک گهرن ۽ ٻه ڪروڙ نوڪرين جا لارا لپا ڏيئي پراڻو منجن نئين پئڪنگ ۾ عوام اڳيان آندو ويو ۽ عوام کي وري هڪ ڀيرو ٻيهر بيوقوف بڻايو ويو. بلڪل ساڳي ريت جهڙي طرح ذوالفقار علي ڀٽي عوام کي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو ڏيئي بيوقوف بڻايو هو.

اهي سياستدان هر حڪومت ۾ اچي اهي ساڳيا پراڻا طريقا اختيار ڪري پٽڪو وجهن ته حڪومت وٽ ته وسيلا ئي ڪونه آهن، حڪومت عوام جي معاشي حالت تبديل ڪرڻ چاهي ٿي، حڪومت کي سڀ ڪجهه احساس آهي وغيره وغيره، پر هر حڪومت پنهنجا ٽي چار سال ساڳئي ريت روئي ڌوئي مجبوريون ڏيکاري پورا ڪري هلي وڃي ٿي يا کڻي ايئن چئون ته جيڪي طاقتون کين اقتدار ۾ آڻين ٿيون اهي کانئن ڪم وٺي انهن کي اڳڀرو ڪري ڇڏي اچن ٿيون ۽ پوءِ اهڙي صورتحال ۾ انهن مفاد پرستن کي عوام ياد ايندي آهي ۽ پوءِ انهن کي ياد ايندو آهي ته “مجهي ڪيون نڪالا”، “ووٽ ڪو عزت دو” ۽ پوءِ اهو طاقتور طبقو وري انهن جي مٿان هٿ رکندو آهي ۽ اهي سڀ پنهنجا پراڻا انقلابي نعرا وساري ڇڏيندا آهن.

جتني چابي ڀري رام ني،

اتنا چلي کهلونا.

پراڻي روش کي تبديل ڪرڻ لاءِ عوام کي برادري عزم ڪوڙن قوم پرستن ۽ تعصب پرستن جي حصار مان نڪرڻو پوندو. عوام کي حقيقي نمائندن کي ڏسڻو پوندو، ڪنهن هڪ شخص بجاءِ فڪر ۽ نظريي کي ووٽ ڏيڻو پوندو ۽ ان فڪر ۽ نظريي جي ڪارڪردگي جي بنياد تي نمائندن جو احتساب به ڪرڻو پوندو. هڪ حديث آهي ته: “مومن ڪڏهن به ساڳي سوراخ مان ٻيهر ناهي ڏنگبو” پر اسان ته هڪ ئي سوراخ مان ڪيترائي ڀيرا ڏنگجي چڪا آهيون ان لاءِ اسان کي خود کان اهو به سوال ڪرڻو پوندو ته ڇا اسان مومن آهيون يا منافق؟

قومون حرڪت ۾ برڪت حاصل ڪنديون آهن ۽ جمود ۾ جهالت کانسواءِ ڪجهه به هٿ ناهي ايندو. سوچو ۽ عمل کي پنهنجو مرشد بڻايو.

نه اڳتي وڌياسين نه پوئتي هٽياسين،

جتي هياسين اتي ئي رهياسين.

زماني مان ڪجهه به نه ٿيو حاصل،

دلاسن ۽ دوکن ۾ رهجي وياسين.

 

…(هلندڙ)…