چين دنيا جو پهريون سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو جنهن کي فولڊ ۽ رول ڪري سگهبو
چين جي اپلائنسز ڪمپني ٽي سي ايل دنيا جو پهريون فولڊ اينڊ رول ايبل سمارٽ فون پيش ڪري ڇڏيو. فولڊ اين رول نالي سمارٽ فون جي اها نئين پيشڪش ٻن مختلف ڊوائسز جي بجاءِ هڪ ئي فون آهي جنهن ۾ ڊسپلي جي طريقي کي ٻن مختلف اندازن ۾ پکيڙيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب في الحال اهو سمارٽ فون هڪ پروٽو ٽائپ يا ڪانسيپٽ ڊزائين آهي جنهن کي مارڪيٽ ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪمپني کي ڪجهه وقت گهربل آهي. جڏهن ته ٽي سي ايل جي طرفان هلندڙ سال جي آخر تائين لچڪدار اسڪرين واري پهرين ڊوائس متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. فولڊر اصل ۾ هڪ آئوٽ ورڊ فولڊر آهي جنهن ۾ موجود رول ايبل ميڪنزم اسڪرين کي پکيڙڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. هي فون ڏسڻ ۾ 6.87 انچ اسڪرين جو آهي پر فون جي اسڪرين فولڊ ڪرڻ تي 8.85 انچ تائين ٿي سگهي ٿي ۽ فون جي اها خاصيت ان فولڊر کي هينئر تائين جي سڀني کان ڊگهي اسڪرين وارو فون بڻائيندو. ميڊيا رپورٽ موجب سمارٽ فون جو رول ايبل ميڪنزم فون جي اسڪرين کي 10 انچ تائين (ٽيبليٽ جي صورت ۾) پکيڙي سگهي ٿو.

