بلاگخاص

بلوچستان مسئلن جو ڪُن عابد ملڪ

بلوچستان مسئلن جو ڪُن

عابد ملڪ

ان ڌرتيءَ جو مستقبل ڇا هوندو، جنهن جا اڌ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر ۽ اڌ کان وڌيڪ نوجوان اڻ پڙهيل آهن. بلوچستان جي گهڻن المين مان هي به هڪ وڏو الميو آهي. آزاديءَ کي چوهتر سال ٿي ويا آهن، پر بلوچستان جي حالتن ۾ بهتري نه پئي اچي. رياست پنهنجي شهرين سان اهڙو ورتاءُ ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟ انهن المين مان نڪرڻ جو ڪو رستو آهي؟

اقتصادي ۽ سياسي طور محرومين جي شڪار صوبي سان وڏي ويڌن تعليم کان به محرومي آهي.

Pakistan Social and Living Standard Measurement (PSLM) جي انگن اکرن مطابق جيڪي پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (Pakistan Bureau of Statistics) گذريل ويهن سالن کان وڏي محنت سان گڏ ڪري رهيو آهي. انهن انگن اکرن مطابق سال 19-2018ع ۾ 59 سيڪڙو ٻار تعليم کان محروم رهيا. جڏهن ته چار سال اڳ 50 سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاهر هئا. وقت سان حالتون بهتر ٿيڻ بدران ابتر ٿينديون پيون وڃن. ٻيو ته ڇڏيو، پر بلوچستان جي شهري علائقن ۾ به اڌ کان وڌيڪ ٻارن جي آبادي تعليم کان محروم آهي.

هونئن به ملڪ جا صرف 30 سيڪڙو ٻار اسڪول وڃن پيا دنيا جي ڀيٽ ۾ اهو تعداد انتهائي گهٽ آهي، پر بلوچستان جي تعليم جي حالت ملڪ جي سراسري معيار کان تمام گهڻي ڪريل آهي.

ٻه ڀاڱي ٽي يا پنجهتر سيڪڙو نياڻيون هن جديد دور ۾ تعليم کان پري آهن. ايڪهٺ سيڪڙو آبادي ڪڏهن اسڪول جو دروازو ئي ناهي ڏٺو.

پنجن کان نون سالن جي ٻارڙن جي اسڪول داخلا ۾ سال 2001ع کان هن وقت تائين صرف هڪ سيڪڙو واڌ ڏٺي وئي آهي. جڏهن ته پندرهن کان ويهن سالن جي عمر جي نوجوانن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي شرح ڪِري گهٽ ٿي آهي.

سال 14-2013ع ۾ اها 38 سيڪڙو هئي ۽ سال 19-2018ع ۾ اها وڃي 37 سيڪڙو بيٺي آهي. جڏهن ته ايتري عرصي ۾ ملڪ جي سراسري تعليم جي شرح تقريبن ٻيڻي ٿي آهي.

پي ايل ايس ايم جا انگ اکر پڙهي ته ڳڻتي ورائي ٿي وڃي ته ٻين صوبن ۽ ملڪي سطح تي ته بهتري اچي پئي، پر بلوچستان جون حالتون سڌرڻ بدران وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن.

بين الاقوامي سطح تي پاڪستان بلڪل تري ۾ پيل آهي، پر وري بلوچستان ته ان تري جي به تري ۾ ڪريل آهي.

ٻين صوبن جون حالتون، مطمئن ڪندڙ ته ناهن، پر پوءِ به ڪجهه بهتر آهن.

ڪي پي ڪي جي ٻارڙن جي داخلا ۾ ڏهه سيڪڙو واڌارو ڪيو آهي ۽ نوجوانن جي تعليم ۽ هنر ڏيڻ جي شرح ۾ ڇهه سيڪڙو اضافو ڪيو آهي.

پنجاب تعليم جي ميدان ۾ زبردست ڪم ڪيو آهي. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ برابري آهي، ٻنهي صنفن جا ٻارڙا ساڳي شرح سان اسڪول وڃن ٿا ۽ کين تعليم حاصل ڪرڻ جا هڪ جيترا موقعا مليل آهن.

ان جي ابتڙ بلوچستان ۾ ڇوڪريون اٽي ۾ لوڻ برابر تعليم حاصل ڪن ٿيون.

پي ايس ايل ايم جي مطابق صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو پٺتي پيل آهي ۽ ڏينهون ڏينهن اهو خلا وڌندو پيو وڃي. هتي ان ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ته تعليم، صحت، پيئڻ جو پاڻي، شهرن جي صفائي سٿرائي ارڙهين ترميم کان پهرين به صوبن جي اختيار ۾ هئي.

ان لاءِ اها صوبائي حڪومتن جي اختيار ۾ آهي ته اهي تعليم، صحت ۽ شهرن جي ترقياتي ڪمن لاءِ پئسا رکن ۽ انهن جو استعمال يقيني بڻائين.

ڇا سبب آهي جو بلوچستان جي حڪومت سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي مقابلي ۾ ڪا خاص ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام وئي آهي؟ ان سوال جو جواب في الحال هن مضمون جي اسڪوپ کان ٻاهر آهي، پر ڪجهه اهم ڳالهيون جن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.

پهريون 2005ع کان هلندڙ فوجي آپريشن آهي جنهن جي قيمت ۽ وسيلا بلوچستان ادا ڪري پيو.

ٻيو سبب بلوچستان ۾ سياسي جوڙ توڙ جي نتيجي ۾ ٺهندڙ حڪومتون آهن، اهي حڪومتون وفاق ۽ اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان وجود ۾ اچن ٿيون. ان جي ڪري عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ بدران پنهنجي تخليقڪارن کي خوش ڪرڻ ۾ رڌل رهن ٿيون.

جيڪڏهن بلوچستان عوام جي نمائندگي ڪرڻ بدران ايئن ئي حڪومتون ٺهنديون رهيون ته احساس محرومي پئي وڌندي رهندي.

بلوچستان جي اقتصادي ۽ سياسي محرومين جو حل فوجي آپريشن يا ٿوري وقت لاءِ جڳاڙي ڳالهين ۾ ناهي.

ٽيون اهم سبب بلوچستان ۾ ڪنهن وڏي پارٽيءَ جو نه هجڻ آهي، جيڪا سادي اڪثريت سان حڪومت ٺاهي سگهي جيئن سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ آهي. جتي پ پ، ن ليگ، پي ٽي آءِ، اي اين پي حڪومتون ٺاهي سگهن ٿيون.

انهن سببن کان علاوه وڏو سبب وفاق طرفان بلوچستان کي نظر انداز ڪرڻ آهي. جيڪو رياست جي پنهنجي اهم ذميداري کان انحراف آهي. جنهن سان نه صرف صوبي ۾ احساس محرومي وڌندي رهندي، پر ان سان گڏ عليحدگيءَ جي تحريڪ به زور پڪڙيندي.

حالتون تمام خراب آهن، جيڪڏهن وقت سر انهن کي سڌارڻ جو باقاعدي ۽ سچائي سان ڪوششون نه ورتيون ويون ته حالتون ڪنهن جي به ڪنٽرول ۾ نه رهنديون.

سڀ کان پهرين فوجي آپريشن جي بدران ان جو سياسي حل ڳوليو وڃي جنهن ۾ بلوچستان جون سياسي پارٽيون ۽ صوبي ۾ ويڙهاڪن کي هڪ ٽيبل تي ويهاري مسئلن جو پرامن حل ڪڍڻ گهرجي.

ان کان علاوه هڪ اهڙي حڪومت جو قيام ٿيڻ گهرجي جيڪا عوام جي حقن جو تحفظ ڪري ۽ ڪنهن جي خواهش سان وجود ۾ نه اچي. ان کان علاوه ٻاهرين اثرن ۽ دٻاءُ کان پري هجي.

سياسي حل جو رستو طويل آهي ۽ وقت به گهڻو لڳي ويندو، پر سياسي حل کانسواءِ ٻيو رستو به ناهي بچيو. فوجي آپريشن مسئلن جو حل ناهي هوندو. طويل جنگ بعد به ماڻهو ٽيبل ٿي ويهي مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ڳوليندا آهن.

دنيا جا مثال اسان جي سامهون آهن، ڪولمبيا ۽ برطانيه کي ڏسون اڌ صديءَ تائين ڦهليل آئرش ريپبليڪن آرمي ۽ روو ليوشنري آرمڊ فورسز آف ڪولمبيا جي ويڙهاڪ تحريڪن جو حل آخر ڳالهين ذريعي ڳولهي لڌو ويو.

افغانستان کي ئي ڏسون جتي ٻن ڏهاڪن تائين طالبانن سان وڙهڻ بعد آخر ۾ آمريڪي حڪومت اهو ئي چيو ته مسئلن کي ڳالهين ذريعي نبيريون ٿا.

عمران خان ۽ پاڪستان جي آرمي ليڊرشپ سالن تائين افعانستان ۾ امن آڻڻ لاءِ ڳالهين تي زور ڏيندا رهيا. هاڻ به وقت ويو ناهي جو اهو ڪم هتي به ڪيو وڃي.

آرمي چيف جرنل قمر باجوه جي لاءِ هي هڪ سونهري موقعو آهي، جيڪڏهن هو تاريخ لکڻ چاهي ته سندس نالو هميشه بهترين لفظن سان ياد ڪيو ويندو. جيڪڏهن سندس دور ۾ بلوچستان ۾ وسيع پئماني تي ڳالهيون شروع ٿين، جن ۾ سياسي اڳواڻ، نوجوان ۽ سياسي طرح سرگرم عورتون، حڪومت ۽ ٻيا شامل ٿين ۽ هڪ پائيدار حل ڳولهي لهن.

سياسي حل نه صرف عليحدگي پسندن کي ڪمزور ڪندو، پر صحت، تعليم ۽ امن امان سان صوبي ۾ استحڪام ۽ ترقي آڻيندو. باقي ملٽري آپريشن جيڪي گذريل پندرهن سالن ۾ نتيجا ڏنا آهن، اهي سڀني جي سامهون آهن.

(نوٽ: هي مضمون اعجاز منگي ترجمو ڪيو، همسري سٿ سندس ۽ نيا دور ٽي وي جي شڪرگذار آهي).